ٽرينيڊاڊ ۽ ٽوباگو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ريپبلڪ آف ٽرنيڊاڊ اينڊ ٽبيگو

Flag of ٽرنيڊاڊ اينڊ ٽبيگو
{{{coat_alt}}}
جھنڊو نِسبتي نشان
شُعار: 'Together We Aspire, Together We Achieve
Location of ٽرنيڊاڊ اينڊ ٽبيگو
جو مقامٽرنيڊاڊ اينڊ ٽبيگو
گادي جو هنڌ پورٽ آف اسپين
10°40′0″N 61°30′27″W / 10.66667°N 61.50750°W / 10.66667; -61.50750
سڀ کان وڏو شهر شگوئاناس
10°31′7″N 61°24′37″W / 10.51861°N 61.41028°W / 10.51861; -61.41028
دفتري ٻوليون انگريزي[1]
ٻيون ٻوليون ٽرنيڊاڊين ڪريئول[2]
نسلي گروھ (2011)
مذهب (2011)
مقامي آبادي
رڪنیت گڏيل قومن جو ادارو, ڪيريبين ڪميونٽي, ورلڊ ٽريڊ آرگنائيزيشن, ڪميونٽي آف ليٽن آمريڪن اينڊ ڪيريبين اسٽيٽس, ايسوسيئيشن آف ڪيريبين اسٽيٽس, آرگنائيزيشن آف آمريڪن اسٽيٽس, ڪامن ويلٿ آف نيشنز, الائنس آف سمال آئلينڊ اسٽيٽس, آفريڪن، ڪيريبين اينڊ پيسفڪ گروپ آف اسٽيٽس
حڪومت وحدانيپارليامانيآئيني ريپبلڪ
• صدر
پائلا مائي ويڪز
ڪيٿ رائولي
ڪملا پرساد بسيسار
برگڊ ائنيسيٽ جارج
ڪرسٽين ڪانگالو
آئوور آرچي
مقننه پارليامينٽ
سينيٽ
ھائوس آف ريپريزنٽيٽوز
قیام
• امريڪي انڊين قبيلن جي آمد
5000 ق.م.
• اسپين طرفان ٽرنيڊاڊ اينڊ ٽبيگو جي دريافت
1498
• اسپين طرفان ڪالوني ٺاھڻ جو آغاز
1530
• فرانس جو ٽبيگو کي برطانيا جي حوالي ڪرڻ
30 مئي 1814
• ٽرنيڊاڊ ۽ ٽبيگو جو انضمام
1888
• ويسٽ انڊيز جي وفاق ۾ شامل ٿيڻ
3 جنوري 1958 کان 31 مئي 1962
• برطانيا کان آزادي
31 آگسٽ 1962
• ڪيريبين ڪميونٽي يا ڪيريڪام (CARICOM) ۾ شامل ٿيڻ.
1 آگسٽ 1973
• ريپبلڪ
1 آگسٽ 1976
(24 سيپٽمبر ۾ ملھايو ويندو آهي)[4][5][6]
پکيڙ
• جملي
5٬131 km2 (1٬981 sq mi) (165th)
• پاڻي (%)
نہ جي برابر
آبادي
• 2016 اندازو
1,353,895[7] (152)
• 2011 مردم شماري
1,328,019[8]
•  گھاٽائي
254.4 /km2 (658.9 /sq mi)
جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) 2017 لڳ ڀڳ
• ڪل
$44.654 ارب ڊالر[9] (110th)
• في سيڪڙو
$32,520[9] (36th)
جِي. ڊي. پي  (رڳو نالي ۾ ) 2017 لڳ ڀڳ
• ڪل
$21.748 ارب ڊالر [9]

ٽرنيڊاڊ اينڊ ٽبيگو(انگريزي: Trinidad and Tobago) Listeni/ˈtrɪnɪdæd...təˈbɡ/ /t-/ [13] جنھن جو سرڪاري نالو ريپبلڪ آف ٽرنيڊاڊ اينڊ ٽبيگو آھي ۽ اھو جاڙن ٻيٽن جو ملڪ پڻ سڏيو ويندو آهي ڪيريبين سمنڊ ۾ ويسٽ انڊيز جو ڏکڻ پاسي سڀ کان پري وارو ٻيٽ آهي. ھي ملڪ گريناڊا جي ڏکڻ ۾ 130 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي، وينزويلا جي ساحل کان 11 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي واقع آهي. ھن جو بحري سرحدون اتر اوڀر م بارباڊوس، اتر اولھ ۾ گريناڊا، ڏکڻ اوڀر ۾ گيانا، ڏکڻ ۽ اولھ ۾ وينزويلاجي بحري سرحدن سان ملن ٿيون يا شامل ٿين ٿيون. [14][15]

تاريخ[سنواريو]

ھڪ تمغو جنھن ۾ برطانيا کي 1797 ۾ ٽرنيڊاڊ جو قبضو وٺندي ڏيکاريو ويو آهي

ٽرنيڊاڊ جو ٻيٽ 1498 ۾ ڪرسٽوفر ڪولمبس جي آمد کان وٺي اسپين جي ڪالوني رھيو ۽ ان جو قبضو 1797 تائين جاري رھيو جو ان سال اتي اسپين جي آخري گورنر ڊون جوز ماريا چيڪان ھي ٻيٽ برطانوي بحري ٻيڙن جي ڪمانڊر سر رالف ايبرڪرومبي جي حوالي ڪري ڇڏيو[16]ان عرصي دوران ٽبيگو وارو ٻيٽ مختلف طاقتن جي قبضي ۾ ايندو رھيو. پھرين اسپين، پوء برطانيا، پوء فرانس ، پوء نيدرلينڊز، پوء آمريڪا ۽ پوء 1802 ۾ اميئا واري معاهدي(انگريزي: Treaty of Amiens) تحت ٻئين ٽرنيڊاڊ ۽ ٽبيگو علحده برطانيا ۾ شامل ڪيا ويا ۽ 1889 ۾ ٻنھي جو انضمام ڪري ھڪ ڪيو ويو[17]1834 ۾ غلامي جي خاتمي ھن ملڪ جي کنڊ جي صنعت کي ڌچڪو رسايو. غلامن واري انساني وسيلي جي جاء تي ڪانٽريڪٽ تي مزدور انڊيا مان گھرائي ڪمي پوري ڪئي وئي جيڪو سلسلو 1845 کان 1917 تائين جاري رھيو جنھن سان کنڊ ۽ ڪوڪا جي صنعت ۾ وڏو چاڙھ آيو.

ھندستاني مزدورن جي ٽرنيڊاڊ ۾ آمد

1910 ۾ ھتي تيل دريافت ٿيو جيڪو ھن ملڪ جي اھم برآمد ۾ شامل ٿي ويو. 1962 ۾ ھي ملڪ آزاد ٿيو. تيل ۽ گيس جي ڪري ھي ملڪ ڪيريبين ٻيٽن ۾ سڀ کان وڌيڪَ خوشحال آھي. ھن ملڪ ۾ ڏوھن جي تعداد ۾ اضافي ڪري سياحت ڪافي متاثر ٿي آھي.

جاگرافي[سنواريو]

ٽرنيڊاڊ اينڊ ٽبيگو جو نقشو

ھن ملڪ جي جاگرافيائي بيهڪ 11 00 N, 61 00 W تي آهي. ملڪ جي پکيڙ 5,128 چورس ڪلوميٽر آهي جيڪا سموري خشڪي آھي. پکيڙ م ھي ملڪ دنيا ۾ 174 نمبر تي آهي. ھن ملڪ جي ڪابہ زميني سرحد ڪانہ آھي. بحري سرحد 362 ڪلوميٽر اٿس. سمنڊ اندر سرحدي علائقي جي دعویٰ 12 ناٽيڪل ميل ۽ مخصوص معاشي زون جي دعویٰ 200 ناٽيڪل ميل اٿس. ملڪ جا ٻيٽ اڪثر ميداني ۽ ننڍين ٽڪرين وارو اھن ۽ جبل بہ انھن تي گھٽ اوچائي وارا آھن. ملڪ جي سراسري اوچائي سمنڊ جي سطح کان 83 ميٽر بلندي تي اھي. ملڪ جو سڀ کان وڌيڪَ اوچو مقام آيل سيرو ڊيل آريپو آھي جنھن جي اوچائي 940 ميٽر آھي[18].

آبھوا[سنواريو]

ٽوپوگرافي

ھتان جي موسم ٽراپيڪل آھي. برساتي موسم ھتي جون کان ڊسمبر تائين ھلندي آھي[18].

معدنيات ۽ قدرتي وسيلا[سنواريو]

ھتي پيٽرول ، قدرتي گئس ۽ اسفالٽ ڪثرت سان ملن ٿا[18].

زراعت[سنواريو]

ھتان جي زرعي زمين ڪل پکيڙ جو 10.6 سيڪڙو آھي جنھن مان 4.9 سيڪڙو پوکيءَ لائق آھي. مستقل پوک زرعي زمين جو 4.3 سيڪڙو تي ٿئي ٿي، 1.4 سيڪڙو زرعي زمين تي مستقل چراگاھون ۽ 44 سيڪڙو تي ٻيلا آهن . 2012 تائين آبپاشي زمين 70 چورس ڪلوميٽر ھئي. آبادي جو گھڻو تعداد ٽرنيڊاڊ ۾ ان جي اولھ واري حصي ۾ ۽ ٽبيگو جي ڏکڻ واري حصي ۾ آھي[18].

آبادي[سنواريو]

ھتان جي آدمشماري جولاءِ 2017 ۾ 1,218,208 ھئي ۽ دنيا ۾ ھن ملڪ جو نمبر 160 ھيو. ھتان جي ماڻھن کي عام طور تي ٽرنيباگونين چوندا آهن. ھتان جي ماڻھن ۾ ھندوستاني يا ايسٽ انڊين 35.4 سيڪڙو، آفريڪي 34.2 سيڪڙو، گاڏڙ 15.3 سيڪڙو آھن. ملڪ جي سرڪاري ٻولي انگريزي آهي. ھتي جا 32.1 سيڪڙو ماڻهو پروٽسٽنٽ، 21.6 سيڪڙو رومن ڪيٿولڪ، 18.2 سيڪڙو ھندو، 5 سيڪڙو مسلمان آهن[18].

سمنڊ ڀرسان واقع ھندن جو مندر

نالو[سنواريو]

ٽرنيڊاڊ جي ڏکڻ اوڀر ۾ مايارو بيچ

ملڪ جو نالو ريپبلڪ آف ٽرنيڊاڊ اينڊ ٽبيگو آھي. ڪرسٽوفر ڪولمبس جڏهن ھتي ٽيون دفعو 31 جولاءِ 1498 ۾ آيو تہ ھتان جي وڏي ٻيٽ کي لا اسلا ڊي لا ٽرنيڊاڊ جو نالو ڏنائين جنھن جي معني آهي: ٽرنٽي وارو ٻيٽ. ننڍي ٻيٽ تي آبادگارن تماڪ(انگريزي: tobacco) جو فصل پوکيندا ھئا ۽ ماڻھو تماڪ پڻ ڇڪيندا هئا. ٽبيڪو (تماڪ) لاء اسپيني ٻولي ۾ لفظ ٽبيگو استعمال ٿيندو آهي جيڪو نالو تماڪ جي فصلن جي ڪري يا ٻيٽ جي بناوٽ سگار جھڙي ھجڻ جي ڪري ان تي نالو پئجي ويو[18].

سياسي ۽ قانوني نظام[سنواريو]

ھتان جو سياسي نظام پارلياماني جمھوريت آھي. حڪومتي گادي پورٽ آف اسپين نالي شھر ۾ آھي جيڪو ٽرنيڊاڊ ٻيٽ تي 10 39 N, 61 31 W جاگرافيائي بيهڪ تي واقع آهي.

ٽرنيڊاڊ اينڊ ٽبيگو جي خطن جون ڪارپوريشنون ۽ ميونسپالٽيون

ملڪ جي انتظامي تقسيم تحت 9 خطا، 3 بورو(انگريزي: borough)، 2 شھر ۽ ھڪ وارڊ آھن.

  • خطا(انگريزي: region):ٽالپارو يا ٽاباڪئائيٽ، ڊيئيگو مارٽن، ريئو ڪليرو، ڊيبي، پرنسيس ٽائون، سئنگري گرئنڊي، سان جوئان يا لئوينٽل ، سپاريا ۽ ٽوناپونا
  • برو يا ضلعا:آريما، چاگوئاناس ۽ پوائنٽ فورٽين
  • شھر: پورٽ آف اسپين ۽ سان فرنئنڊو
  • وارڊ: ٽبيگو[18]

ملڪ جو موجوده آئين 1976 ۾ لاڳو ٿيو.قانوني نظام انگريزي ڪامن لا سسٽم وارو آھي.

ڳاڙھو گھر جيڪو ٽرنيڊاڊ اينڊ ٽبيگو جي پارليامينٽ جي عمارت آھي
ٽرنيڊاڊ اينڊ ٽبيگو جي صدر جي رھائش گاھ

پارليامينٽ ٻن ايوانن واري آهي جن مان ھڪ سينيٽ آھي جنھن جون 31 سيٽون آھن.انھن مان 16 ميمبر حڪمران پارٽي جا مقرر ٿيندا آهن، 9 ميمبر صدر مقرر ڪندو آھي ۽ باقي 6 مخالف ڌر مان مقرر ٿيندا آهن.سينيٽ جو مدو پنج سال ھوندو آھي.ٻيو ايوان ھائوس آف ريپريزنٽيٽوز آھي جنھن جون 42 سيٽون آھن ميمبر سڌا اليڪشن ذريعي پنجن سالن لاءِ چونڊبا آھن. ملڪ جي وڏي ۾ وڏي عدالت سپريم ڪورٽ آھي جنھن ۾ 12 جج آھن ٻي وڏي عدالت ھاء ڪورٽ آھي جنھن ۾ 24 جج آھن[18].

حوالا[سنواريو]

  1. آرڪائيو ڪاپي, وقت 2018-06-15 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2018-10-27 
  2. "Trinidad and Tobago - Languages". Ethnologue.com. حاصل ڪيل 2018-05-20. 
  3. "Trinbagonian (noun) definition and synonyms - Macmillan Dictionary". www.macmillandictionary.com. 
  4. thecommonwealth.org/our-member-countries/trinidad-and-tobago/history
  5. "T&T history & society - Discover Trinidad & Tobago". 
  6. "History of Tobago: a myTobago visitor guide article". www.mytobago.info. 
  7. (CSO), Central Statistical Office. "Home". 
  8. Trinidad and Tobago 2011 Population and Housing Census Demographic Report (PDF) (Report). Trinidad and Tobago Central Statistical Office. صفحو. 2. وقت 9 October 2016 تي اصل (PDF) کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 27 May 2016. 
  9. 9.0 9.1 9.2 9.3 "Report for Selected Country Groups and Subjects (PPP valuation of country GDP)". IMF. حاصل ڪيل 25 February 2017. 
  10. 10.0 10.1 "TRINIDAD AND TOBAGO 2011 POPULATION AND HOUSING CENSUS DEMOGRAPHIC REPORT" (PDF). Guardian.co.tt. وقت 19 October 2017 تي اصل (PDF) کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2 August 2017. 
  11. "2018 Human Development Report" (PDF). United Nations Development Programme. حاصل ڪيل 15 September 2018. 
  12. "Most Baha'i Nations (2010) – QuickLists – The Association of Religion Data Archives". Thearda.com. حاصل ڪيل 2 August 2017. 
  13. Jones, Daniel, Peter Roach; James Hartmann; Jane Setter, وڪي نويس., English Pronouncing Dictionary, Cambridge: Cambridge University Press, ISBN 3-12-539683-2 
  14. "Treaty between the Republic of Trinidad and Tobago and the Republic of Venezuela on the delimitation of marine and submarine areas, 18 April 1990" (PDF). The United Nations. حاصل ڪيل 13 April 2009. 
  15. "The 1990 Accord Replaces the 1942 Paris Treaty". Trinidad and Tobago News. حاصل ڪيل 13 April 2009. 
  16. Carmichael, pp. 40–42.
  17. Carmichael, p. 52.
  18. 18.0 18.1 18.2 18.3 18.4 18.5 18.6 18.7 [1] آرڪائيو ڪيا ويا 2017-11-24 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.سي آء اي فيڪٽس بڪ