ٻڙيون

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ٻڙيون (...) بيهڪ جي هڪ نشاني. جڏھن تحرير ۾ ڪا ڳالهه اڌ ۾ ڇڏڻي هجي يا ڪنھن چوڻيءَ (Quotation) جو ڪجهه حصو ڪٽي ڇڏڻو ھجي، تہ اتي ٽي ٻڙيون ڏئي ڇڏبيون آھن، جنھن جو مطلب اھو ٿيندو تہ ھتان ڪجهه حصو ڪٽيل اھي. جيڪڏھن ڪٽيل حصو ڏنگين ۾ ھجي، تہ ٻڙيون بہ ڏنگين ۾ ڏبيون اھن. جڏھن ڳالھ اڌ ۾ ڇڏڻ جو تاثر ڏيڻو ھجي تہ بہ جملي جي آخر ۾ اھي ٻڙيون ڏئي ڇڏبيون آهن. ياد رھي تہ اھي ٻڙيون ٽن کان وڌيڪ نہ ڏيڻ گھرجن.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.