يوم القدس

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

بيت المقدس جي آزادي هڪ اهڙو مقصد آهي جيڪو هر باضمير مسلمان جي دل ۾ آرزو ۽ آس بڻجي، ڌڙڪندو رهي ٿو. بيت المقدس جي آزادي لاءِ پوري ملت اسلامي کي بيدار ڪرڻ ضروري آهي. اهڙي وقت جڏهن غزه جي وڪوڙيل فلسطينين جي صورتحال تمام افسوسناڪ حد تائين پهچي وئي آهي ۽ هڪ انساني انڌير نگري ڏسڻ ۾اچي رهي آهي. انساني حقن جا دعويدار مغربي ملڪَ حسب معمول خاموشي سان تماشو ڏسي رهيا آهن انهن جي ماضي کي ڏسي ڪري انهن تي توقع ڪرڻ بيڪار آهي پر انهن جي نعرن ۽ دعوائن کي ڏسندين انسان جون نظرون پاڻمرادو انهن ڏانهن وڃي ٿيون ٽڪرائجن سو انهي جي هڪ ٻئي وجهه عالمي ادارن ۽ پرڏيهي تنظيمن ۾ انهن جو اثر رسوخ گهڻو هجڻ جي ڪري به آهي جيڪا ماڻهن کي مجبور ڪندي آهي ته پنهنجي مسئلن جي حل لاءِ انهن ڏانهن ڏسن، پر انهي ڳالهه جي گواهه پوري دنيا آهي ته هنن ادارن اقوام عالم خصوصن مسلمانن لاءِ قابل ذڪر ڪوبه ڪم نه ڪيو آهي ۽ جيڪڏهن ڪيو به آهي ته وڏين طاقتن جي مفاد لاءِ ۽ انهن جي مرضي ۽ منشاء لاءِ جئين ته فلسطين جو مسئلو انهي جو واضح مثال آهي فلسطيني عوام گذريل سٺ سالن کان صيهونين جي هٿان ڀانت ڀانت جا ظُلم برداشت ڪري رهي آهي 50 لک کان وڌيڪ فلسطيني مسلمان پنهنجي وطن کان دور مهاجر ڪئمپن ۾ زندگي گذاري رهيا آهن قوميت جي نالي تي صيهونين سان لڙائي لڙڻ وارا فلسطيني اڳواڻ (ليڊر) ۽ تنظيمون صيهونين جي آڏو سر تسليم ڪري غلام بڻجي ويا آهن ۽ پنهنجي ئي ڌرتي جي هڪ ننڍڙي ٽڪڙي تي مڪاني نظام هلائڻ تي خوش آهن ان کي ئي حڪومت ۽ پنهنجي لاءِ اقتدار سمجهي ويٺا آهن اهي ئي سازشي ماڻهو آهن جيڪي صيهونين جي دڙڪن، داٻن ۽ لالچ سان متاثر ٿي ڪري عالم اسلام جي هن اهم ۽ بنيادي ترين مسئلي کي صيهونين جي مرضي ۽ منشاء جي مطابق حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ليڪن فلسطين جي نئين نسل جيڪا ايمان شهادت ۽ اسلامي اقتدار تي يقين رکندي آهي، جيڪا 11 فيبروري 1979 ۾ ايران جي شاهي حڪومت جي وڇايل تخت کي اونڌو ٿيندين ڏسي چڪي آهي سا صيهونين جي ڪنهن به طريقي سان غلامي ڪرڻ لاءِ تيار ڪونهي ۽ ان پنهنجي عمل سان ثابت ڪري ڏيکاريو آهي ته هو به ايراني عوام جي نقش قدم تي هنلدين، اها ايراني عوام جيڪا ڪنهن به ٻاهرين طاقت جي مدد کان بغير پنهنجي علائقي مان آمريڪا جي چمچي ۽ سڀ کان مضبوط حڪومت جو تخت انڌو ڪيو ۽ خالص دين محمدي کي پنهنجي ملڪ ۾ نافذ ڪيو. بهرحال هينئر فلسطيني عوام تمام تنگي ۽ تڪليف جي عالم ۾ صيهونين جو مقابلو ڪري رهي آهي. اسلامي ملڪ ۽ انهن جي تنظيم O.I.C جنهن جي قيادت هن وقت ملائيشا جي هٿ ۾ آهي بظاهر ڪجهه به ڪرڻ جي پوزيشن ۾ ڪانهي. عرب ملڪ ۽ انهن جي تنظيم عرب ليگ ڪنهن به عملي ڪم انجام ڏيڻ کان ڏور آهي اهڙي حالت ۾ فلسطين جي ڌرتي جي آزادي ۽ صيهونين جي چنگل مان بيت المقدس جي رهائي جي لاءِ هنلدڙ تحريڪ نتفاضه سان واسطو رکندڙ فلسطين جي نئين نسل جي حمايت جي لاءِ مسلمان عوام ميدان عمل ۾ موجود آهي. اسلامي امت جي بيداري ۽ جاڳرتا لاءِ هڪ اهڙي پلاننگ جي ضرورت آهي جيڪا فلسطين ۽ بيت المقدس واري مسئلي کي هر مسلمان جو پنهنجو مسئلو ڄاڻائي، ان عظيم مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ رهبر ڪبير حضرت آيت الله العظمى روح الله الخميني (رح)، يوم القدس جو اعلان ڪيو ته جئين پوري دنيا جا مسلمان رمضان المبارڪ جي آخري جمعي تي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ٻاهر نڪري صيهوني ظالمن جي خلاف سراپا احتجاج بڻجي وڃن