واپرائيندڙ بحث:سليم الله جان ڀيو

Page contents not supported in other languages.
کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

اوهان ٻين کي ڇا ٿا ڏئي سگهو؟ 29 October 2014 at 09:39

سخاوت انسانيت جو هڪ بنيادي اخلاق

اوهان ٻين کي ڇا ٿا ڏئي سگهو؟

           15 جنوري 2005ع تي ”گلوب اينڊ ميل“ ڪانفرنس ٿي ته اتي سائنسدانن تجويز ڪيو ته اسان پنهنجي زندگيءَ ۾ سخاوت جي ذريعي بهترين انقلاب پيدا ڪري سگهون ٿا.
               انهن مان هڪ سائنسدان Erin Anderssen چيو ته اسان پنهنجي مشاهدن ذريعي هي معلوم ڪيو آهي ته:
               *جيڪي ماڻهو ٻين جي مدد ڪن ٿا انهن جي حياتياتي سگهه وڌيڪ ڪم ڪري ٿي. جيڪڏهن انهنکي ڪو آپريشن ڪرائڻو پوي ته انهن ماڻهن جا زخم، عام ماڻهن جي نسبت جلد ئي ٺيڪ ٿي ويندا آهن.
               انهيءَجي معنيٰ ته دولت جي پوڄاري بخيل ماڻهوءَ جا فٽ سولائيءَ سان ڪو نه ڇٽندا. ڇاڪاڻته هو ٻين جي زخمن تي مرهم رکڻ جي ڀرجهلائي نٿو ڪري، نه فڪرمندي ٿو ڪري ۽ نه عمليطرح اڳتي وڌي ٿو. ان ڪري هو پنهنجي زخمن تي مرهم رکڻ واسطي اڪيلو ۽ محروم آهي ۽قدرت سندس ڀرجهلائي نٿي ڪري.
               *  نئين برين اسڪين ٽيڪنالاجي جي حوالي سانسائنسدان چون ٿا ته جيڪي ماڻهو ٻين جي مدد ڪندا آهن، اهي وڌيڪ محنتي هوندا آهن.
               سماججي محروم ماڻهن جي مدد ڪرڻ انهن جي محرڪ قوت بڻجي ٿي. انهن جو ذهن ۽ انهن جو ضميريعني ذهانت ۽ اندر جو انسان جڏهن فعال هجن ۽ ماڻهوءَ جو ساٿ ڏين ته اهي ٻٽي ۽ ٽيڻيقوت سان محنت ۾ جنبي وڃن ٿا ۽ پوءِ اهي نتيجا به بهتر کان بهتر ڏين ٿا. مهارت ۽محنت جي ڪري اهڙن ماڻهن جي دولت ۾ اضافو به ٿيندو وڃي ٿو ۽ هو ذهني تندرستي ۽خوشحاليءَ سان گذارن ٿا.
               *فلوريڊا يونيورسٽيءَ جي ايڊز تي تحقيق ڪرڻ واري ٽيم جو چوڻ آهي ته ٻين جي مدد ڪرڻوارا ماڻهو ڊگهي ڄمار ماڻين ٿا.
               اهوهن ڪري جو انهن ماڻهن ۾ انساني نفعي بخشيءَ جي هڪ وڏي اميد (Hope) پيدا ٿئي ٿي جيڪا انهن جي حياتياتي هارمونز کي سگهه عطا ڪري ٿي.ماڻهو جيتري وڌيڪ ۽ موثر مدد ڪندڙ هوندو، اوتري سندس اها هوپ واري سگهه وڌيل هوندي۽ اوترا وڌيڪ موقعا قدرت کيس ڏيندي ويندي.
               *برطانوي سائنسدانن جي هڪ ٽيم جو چوڻ آهي ته جيڪي ماڻهو ٻين جي مدد ڪندا آهن ياسخاوت ڪندا آهن انهن جي صحت عام ماڻهن جي مقابلي ۾ بهتر رهندي آهي.
               اهو انڪري جو انهن ماڻهن جي سخاوت واري سرگرميءَ جي ڪري هڪ اعليٰ مقصد پوري ڪرڻ جي امنگ۽ احساس انهن جي مائينڊ تي حاڪم بڻجي ويندو آهي، ان ڪري بيمارين جي احساس کيپنهنجي اندر لاهڻ جي کين فرصت ئي نه هوندي آهي. جڏهن بيماري ذهن تي سوار نه هونديته جسم جي مدافعت واري قوت پنهنجي سگهه سان بيمارين جو مقابلو ڪري پاڻ کي سوڀائتورکندي آهي.
               حضرتشاهه ولي الله جو چوڻ آهي ته انسانيت جا چار بنيادي اخلاق آهن هڪ پاڪيزگي ٻيو نوڙتٽيون سخاوت ۽ چوٿون عدل. اهي انسان جي اندر خدا جا سمايل اخلاق آهن ۽ انهن تي ڪنهنبه مذهب ۽ فرقي جي اجاره داري ڪونهي. سڄي انسانذات مان جيڪو به انهن کي اپنائيندو،اهو انسانيت جا مٿانهان مرتبا ماڻيندو. اوهان ڏسندؤ ته جتي به اوهان کي ماڻهپي جوسڌريل جهان نظر ايندو اتي انهن چئني اخلاقن جو اوهان کي راڄ نظر ايندو. اوهان جتيبه آهيو ۽ جنهن مذهبي طريقي سان به تعلق رکن ٿا اوهان جي اندر ۾ اهو سڀ ڪجهه سمايلآهي پر اوهان جي اندر ان مايا جو اظهار تڏهن ٿيندو جڏهن اوهان انهيءَ مايا مان ٻينکي ڏيڻ جو آغاز ڪندؤ. پاڻ ڀلايون ڪندؤ ۽ ٻين کي به ڀلاين ڏانهن سڏيندؤ. اوهان کيقدرت انهن خزانن سان آسودو ۽ مالامال ڪيو آهي پر اوهان اهي خزانا پنهنجي اندر ۾دٻائي رکيا آهن. جڏهن اوهان ان مايا کي ونڊيو ۽ ورهايو نٿا ته انهن جو رد اڀري اچيٿو ۽ اوهان جي ذهنن تي ڇائنجي وڃي ٿو. آخر اهو ٻوسٽ بڻجي اوهان جي ذهني ڇڪتاڻ ۽پريشانين جو سبب بڻجي ٿو جيڪا شيءِ ونڊڻ ورهائڻ ۽ ڏيڻ ۾ نٿي اچي سا اوهان لاءِآخرڪار عذاب بڻجي وڃي ٿي.
               اوهانکي ڏيڻ لاءِ گهڻو ڪجهه آهي. اوهان وٽ وقت آهي اوهان وٽ محبت آهي، اوهان وٽ سمجهه ۽علم آهي، اوهان وٽ رحمدلي آهي، توجهه آهي ۽ اوهان وٽ مراتب آهن. اوهان هنن سڀني جيسخا ڪري سگهو ٿا. اها سخا اوهان جو صدقو بڻجي وڃي ٿي. حضرت محمدﷺ چيو هو ته صدقوهميشه ڏيندا ڪريو توڻي جو اوهان ڪنهن سان مرڪي ملڻ جو صدقو ڪڍو. اها گهٽ ۾ گهٽ سخاآهي. اوهان وٽ وڌ ۾ وڌ سخا ڪرڻ جا اڻ ڳڻيا اسباب ۽ موقعا آهن. اوهان پنهنجي باغمان سبزي ۽ ميوي جو پنهنجي پاڙيسريءَ کي تحفو ڏيو ته ان لاءِ هي وڏو تحفو آهي.اوهان پاڻ يا پنهنجي پڙهيل پٽ يا نياڻيءَ جي ذريعي پاڙي جي غريب ٻارڙي جي ٽيوشنڪريو ٿا ته اوهان بي مثال مهربان بڻجو ٿا. اوهان ڪنهن رشتيدار جي فون ذريعيهفتيوار خيرعافيت پڇو ٿا انهيءَ جو ڏاڍو ڀلو تاثر پيدا ٿئي ٿو. اوهان پنهنجي ڊيوٽيذميواريءَ سان ادا ڪريو ته اها به ٻين جي لاءِ هڪ تحفو آهي. اوهان ڊيوٽيءَ ۾ ماڻهنسان ڀلايون ۽ سولايون ڪيو ٿا ته اها به سخا آهي. اوهان جي وقت ۽ توجهه ڪري ماڻهنکي ڪم جي سولائي ملي ٿي، اوهان جي همدردي ۽ توجهه ڪري اوهان وٽ اسپتال ۾ آيلماڻهوءَ جي دردن ۾ هلڪائي ٿئي ٿي ته اوهان جو اهو وقت، اها توجهه ۽ اها همدردي بههڪ سخا آهي.

- محبت جي سخا:

               محبتهڪ فطري جذبو آهي، اها قدرت پاران هر ماڻهوءَ ۾ اوتيل آهي. ڪي ماڻهو ان کي دٻيڇڏيندا آهن ته اهي خود پاڻ سان ناانصافي ڪندا آهن. اوهان پاڻ سان هرگز ناانصافي نهڪريو. انهيءَ ڪري اوهان جيڪو ڪجهه به ڏيو ته حقيقي محبت سان ڏيو. اوهان جڏهن خداجي ان اوتيل محبت کي دٻايو ٿا ته پنهنجي لاءِ اڻ ڳڻين محرومين کي ڳنهي وٺو ٿا.اوهان محروم ماڻهوءَ واري زندگي جيئڻ بجاءِ هوند واري ماڻهوءَ جي زندگيءَ جيئو.اوهان جڏهن ڪنهن سان پئسي جي، وقت جي ۽ تعاون جي ڀلائي ڪيو ٿا ته ان جون دعائوناوهان جي وڏي حاصلات بڻجن ٿيون. اوهان دعائن واري اهڙي عظيم حاصلات کي پاڻ کي هرگزمحروم نه ڪيو. دنيا جي سڀني مذهبن ۾ سخاوت ۽ ٻين جي مدد کي اهميت حاصل آهي. اسلامچيو آهي ته ماڻهو هڪ ئي آدم مان پيدا ڪيا ويا آهن سڀئي ماڻهو الله جو هڪ عيال آهن.خدا پنهنجي عيال سان محبت ۽ سخا کي پسند ڪري ٿو. عيسائيت بنيادي طرح ٽن شين تي زورڏئي ٿي. عقيدي، اميد ۽ محبت تي. انهن مان محبت کي وڌيڪ اهميت حاصل آهي. ان ڪريعيسائيت ۾ خيرات کي به محبت سڏيو ويندو آهي.
               ٻڌمت۾ محبت ستن خزانن کان وڌيڪ قيمتي آهي. ان ڪري محبت جي طاقت سان هن دنيا کي بهترنموني تعمير ڪري سگهجي ٿو. يهوديت ۾ سڀ کان وڏي خيرات محبت آهي. هندو مذهب ۾ محبت۽ سخاوت جي ذريعي مڪتي حاصل ٿي سگهجي ٿي.
               مطلبته محبت زندگيءَ جو سڀ کان وڏو آدرش آهي ۽ اها عمل ۾ ايندي آهي قربانين ۽ ايثارسان. جيڪڏهن قرباني ۽ ايثار ناهي ته اوهان محبت کان ڪورا آهيو اوهان جي اولاد سانمحبت آهي ته اوهان انهن جي پرورش لاءِ طرح طرح جون قربانيون ڏيو ٿا. جيڪڏهن اوهانوالدين آهيو ته اوهان کي خبر آهي ته ٻارن لاءِ قربانين جي ڪيتري ڊگهي فهرست ٺاهيسگهجي ٿي. اوهان ٻار جي تڪليف ڏسي پنهنجي ننڊ ٽاري ڇڏيو ٿا، ان جي سٺي تعليم لاءِپنهنجو آرام تلف ڪيو ٿا، ان جي سٺي مستقبل لاءِ پنهنجون خواهشون ترڪ ڪيو ٿا. ايئنهر رشتي لاءِ اوهان قربانين مان گذرو ٿا. انسانيت جو سڄو دائرو اوهان جي هننقربانين جو لهڻيدار آهي. اوهان جا گهر وارا، اوهان جا پاڙيسري اوهان جا هم وطن ۽انسانذات ان جي لهڻيدار آهي.
               محبتجي هر ڪنهن کي ضرورت آهي. ان ۾ رنگ، نسل، عقيدي ۽ خطي جو ڪو فرق ڪونهي. جلال الدينروميءَ چيو آهي ته محبت جي هر ڪنهن کي ضرورت آهي. جيئن اوهان کي خود محبت جي ضرورتآهي، ايئن ئي سڀني انسانن کي محبت جي ضرورت آهي. ڪيترا ماڻهو تڪليفن جي زندگيگذارن ٿا. اوهان پاڻ جيڪڏهن انهن تڪليفن مان گذرو ته اوهان کي پاڻ اندازو ٿي ويندوته تڪيلف ڇا ٿيندي آهي. ان ڪري سڀني سان جڏهن به محبت ڪيو ته ايئن ئي غير مشروطمحبت ڪيو جيئن اوهان پنهنجي ٻچن سان غير مشروط محبت ڪندا آهيو. اوهان ڪنهن جيمجبوري ۽ مشڪل جو ناجائز فائدو هرگز نه وٺو، اها انسانيت جي توهين آهي. اصلانسانيت آهي ئي اها جو اوهان ڪريل کي غير مشروط مٿي کڻو. محبت فعل آهي يعني ڪرڻ جيشيءِ آهي، مفعول ناهي جو اوهان ان لاءِ شرط گهڙيندا وتو.
               محبتجڏهن فعل بڻجي ٿي، تڏهن ئي اها اوهان جو آدرش بڻجي ٿي. هڪ بامقصد زندگيءَ جو اوهانجي اندر اطمينان پيدا ڪري ٿي. اهو ڪيڏو نه وڏو اطمينان آهي ته اوهان کي صبح شامپنهنجي روين ۽ ڪيل ڪمن جي ذريعي هي يقين حاصل هجي ته اوهان خلقڻهار جي منشا مطابقجي رهيا آهيو. ان جي نتيجي ۾ پالڻهار اوهان کي پنهنجي محبوبيت ۽ رضا عطا ڪندو. هيماڻهوءَ جي ڪيڏي نه خوش بختي آهي جو هو جڏهن پنهنجي پروردگار جي آڏو سر بسجود ٿئيته انسانن سان ڪيل ڀلاين جو اڪائونٽ کڻي سربسجو ٿئي هي ماڻهوءَ لاءِ ڪيڏو نه سرورجو سامان آهي جو ماڻهو هميشه انهيءَ احساس سان جيئي ته هو انسانيت جي لاءِ جي رهيوآهي. اهڙي طرح محبت اوهان جي سوچڻ سمجهڻ جي سگهه وڌائي ٿي ۽ ٻين سان رشتن کي مضبوطڪري ٿي. اوهان جو سڦلائتي زندگيءَ جو اطمينان ۽ پنهنجي خلقڻهار آڏو سرخروئي سانپيشگي جو اطمينان اوهان کي زندگيءَ ۾ جڳاڙ بازين، اٽڪلن ۽ مڪار بازين کان پري رکيٿو. اوهان جي سوچڻ جو انداز منفي نٿو بڻجي. اوهان پنهنجي ذهن کي پنهنجي ڪنٽرول ۾رکو ٿا، ان کي ڀٽڪڻ کان بچايو ٿا ته ان سان اوهان جي ذهانت ۽ قابليت به سگهاري ٿئيٿي. مائينڊ سائنسز هينئر هي ڳالهه پڌري ڪري ٻڌائي آهي ته ماڻهوءَ جي زندگيءَ جاوڏا ڪرشما ان جي ذهن جي مثبت ۽ وڏي سوچ سوچڻ جي ڪري ٿين ٿا. جڏهن ماڻهو پنهنجي سوچکي فطرت جي تقاضائن سان هم آهنگ ڪري ٿو ته ان جي تقدير بدلجڻ جا دروازا کلندا وڃنٿا.

فيملي ڪلچر[سنواريو]

فيملي ڪلچر ڪٿي اوهان جي شخصيت کي تباهه ته نه ڪري رهيو آهي؟!!!

نور احمد ميمڻ

               هينئر اهڙو واءُ گُهليو آهي جو پڙهيل۽ هوند وارن ماڻهن جي اڪثريت رڳو پنهنجي ذات ۽ فيمليءَ لاءِ جيئڻ شروع ڪيو آهي.پئسو ڪمائڻ ۽ پوءِ رڳو پنهنجي ذات ۽ فيمليءَ تي خرچ ڪري ڇڏڻ انهن جي زندگيءَ جومقصد بڻجي ويو آهي. انهيءَ طريقي کي ئي پنهنجو ماڊل بڻايو ويو آهي ۽ ٻيو ڪو بهماڊل انهن جي آڏو ڪونهي. شخصيت جو هڪ ماڊل هي آهي جو حضرت محمد صلي الله عليه وسلمکان هڪ دفعو حضرت علي رضي الله عنه پڇيو هو ته سائين اوهان جي شخصيت جي پيروڪاريڇا آهي؟ ته پاڻ سڳورن فرمايو ته اي علي! * پنهنجي خلقڻهار جي سڃاڻ منهنجو سرمايوآهي. * محبت منهنجو بنياد آهي. * عقلي طريقا منهنجي دين جو سرچشمو آهن. * جستجومنهنجي سواري آهي. * الله جي ياد منهنجي سنگت آهي. * خدا تي اعتماد منهنجو خزانوآهي. * علم منهنجو هٿيار آهي. * صبر منهنجو لباس آهي. * خدا جو راضپو منهنجي غنيمتآهي. * عاجزي منهنجو فخر آهي. * زهد منهنجو پيشو آهي. * يقين منهنجي قوت آهي. * سچائيءَجي واٽ منهنجو سٿ آهي. * خدا جي اطاعت منهنجو سهارو آهي. * حق جي واٽ تي جهدمنهنجو اخلاق آهي ۽ نماز منهنجي اکين جو ٺار آهي.
               اوهان سوچيو آهي ته دنيا جي سڀکان عظيم انسان جي شخصيت جو هي منشور اسان مان ڪيترن ماڻهن جي لاءِ ماڊل بڻيل آهي.هن مان ڪيتريون شيون آهن جيڪي اسان جي زندگيءَ جو وڙ ۽ وکر آهن. حضرت لقمان عليهالسلام پنهنجي پٽ کي هي چئي ڏهه نصيحتون ڪيون هيون ته جيستائين اهي خصلتون نههونديون انسان جو عقل ڪامل نه ٿيندو.
               1) آڪڙ ۽ غرور کان پاڻ بچائيندوهجي. 2) نيڪ ڪمن ڏانهن لاڙو هجي. 3) پنهنجي بنيادي ضرورتن تي اڪتفا ڪري. 4) واڌومال کي غريبن ۽ مسڪينن تي خرچ ڪري. 5) دانائيءَ جون ڳالهيون حاصل ڪرڻ ۾ زندگي ڀرنه ٿڪجي. 6) معاملات ۾ بدمزاجي نه ڪري. 7) ٻين جي گهٽ احسان کي وڌ سمجهي ۽ پنهنجيوڏي احسان کي گهٽ سمجهي. 8) سڄي دنيا کي پاڻ کان سٺو سمجهي. 9) ڪنهن کي پاڻ کانسٺو ڏسي ته خوش ٿئي ۽ سوچي ته جيڪر مان به ان جهڙو ٿيان.  10) ڪنهن کي خراب حال ۾ ڏسي ته سوچي (انجامالله جي هٿ ۾ آهي ڪهڙي خبر ته) هي نجات حاصل ڪري وٺي ۽ آءٌ ايئن ئي مري وڃان. ايمنهنجا پٽ جڏهن اهي صفتون تو ۾ پيدا ٿي وڃن ته سمجهه تنهنجو عقل مڪمل ٿي ويو. ڪوئيٻڌائي ته اسان پنهنجي روزاني زندگي ۾ عقل جي هنن وکرن مان پنهنجي لاءِ ڪيترو حصو  سوري وٺندا رهون ٿا.
               عقل ۽ شعور جي دنيا ۾ اهڙا اڻڳڻيا ماڊل اوهان جي سامهون آهن. اوهان انهن جي قالب ۾ پاڻ اوتڻ جا ڪيترا طلبگاربڻجو ٿا ۽ ڪيتري حاصلات ڪريو ٿا، اهو سڀ اوهان جي مٿان آڌاريل آهي. اوهان کي اشرفالمخلوقات انسانذات بڻايو ويو آهي. اوهان کي دنيا جي ڏاهن ”سماجي ساهوارو“ سڏيوآهي. پوءِ به جي اوهان انسانذات ۽ سماج کان ڪٽجي رڳو فيمليءَ لاءِ جيئڻ شروع ڪندؤته ظاهر آهي اوهان جي شخصيت جي اها تعمير نه ٿي سگهندي جيڪا اوهان جو وَڙُ  ۽ اوهان کي گهربل آهي. محبت هن دنيا جي سڀ کانطاقتور شيءِ آهي، جڏهن اوهان ٻين سان محبت ڪيو ٿا ته اوهان بنيادي انساني فطرت کيپورو ڪريو ٿا. اوهان جي فطرت اوهان سان لاڳاپيل ماڻهن جو دائرو وسيع ڪيو آهي، اهوفيمليءَ تائين محدود ڪونهي. اوهان جي چوڌاري ماڻهن جو وڏو تعداد آهي جيڪا اوهان جيان محبت جا لهڻيدار آهن. روين جي ذريعي، سهائتا ۽ همدرديءَ جي لحاظ کان يا تعاون ۽قربانيءَ جي صورت ۾ اوهان جِي سڄي سماج کي ضرورت آهي. اوهان جي پڙهيل ۽ هوند واروهجڻ ۾ خود هن سماج جو وڏو هٿ آهي، ان ڪري اوهان سماج ۽ ڌرتيءَ وارن ماڻهن کان ڪٽجيپنهنجي شخصيت کي متوازن ۽ پائيدار  بڻائيسگهو، اهو ممڪن ئي ناهي.
               فيملي ڪلچر جو سڀ کان وڏو نقصانهيءُ آهي ته اوهان جي سوچ جو دائرو بيحد محدود ٿي وڃي ٿو. اوهان جو ذهن صرف اوهانجي مادي ضرورتن جي محدود دائري ۾ ڪم ڪري ٿو. اوهان سان جيڪي لاڳاپيل ماڻهو آهن،اوهان جا عزيز، اوهان جا ماتحت، اوهان جا پاڙيسري ۽ اوهان جا هم وطن، اوهان جوانهن سڀني سان تعلق يا ڪمزور پئجي وڃي ٿو يا ختم ٿي وڃي ٿو. اوهان جي ذات جي اوسرجن سماجي لڳ لاڳاپن جي ذريعي ٿيڻي هئي، اوهان جي اندر رحم، سخا، مروت، بردباري،قرباني، ايثار ۽ همت جون وصفون انهن سماجي لڳ لاڳاپن ۽ ماڻهن سان ڀلاين جي نتيجي ۾سگهاريون ٿيڻيون هيون، اوهان پنهنجي محدود زندگيءَ جي ڪري انهن کي اُسرڻ ۽ نسرڻ ئينٿا ڏيو. انهن آدرشن جي نتيجي ۾ خوشي، سڪون ۽ سلامتيءَ جي جيڪا اوهان جي ذهنن تي ۽اوهان جي قلب ۽ روح تي پالوٽ ٿيڻي آهي، توهان ته ان جا موقعا ئي پيدا ٿيڻ نه ٿاڏيو. حيرت آهي اوهان جي ان محروميءَ تي جيڪا اوهان زوريءَ پنهنجو مقدر بڻايو ٿا.
               انهيءَ جو نقصان اهو ٿئي ٿو جواوهان ظاهر ۾ مادي لحاظ کان آسودي زندگي گذارڻ لڳو ٿا پر عملي طرح اوهان جنهن فڪريسُڃائي جو شڪار ٿيو ٿا، انهيءَ خساري جو اوهان کي احساس ئي ڪونهي. جڏهن اوهان انفيملي دائري کان ٻاهر سوچيو ئي نه ٿا، ته نتيجي ۾ اوهان وٽ نه ڪتابن پڙهڻ جو ماحولجڙي ٿو ۽ نه سنجيده خيالن جي ڏي وٺ ٿئي ٿي. نه انساني مسئلن تي ويچاريو وڃي ٿو ۽نه ماڻهن سان ملڻ ٿئي ٿو ۽ نه وري انهن کان سکڻ ۽ ڪڙهڻ جو استفادو ٿئي ٿو. نه ڀٽائيءَجي هن جي صدا کي موٽ ملي ٿي ته ”جن ماڻهن جي صحبت ۾ ويهندي تنهنجي دل جو غبار هلڪوٿئي ۽ ڏکندو ڏور ٿئي، تون انهن وٽ خيما کوڙي ترسي پئه.“ نه اوهان جي اندر عظيمسوچن جو اڀار ٿئي ٿو ۽ نه جهان جي حقيقتن جي سڃاڻ جو شعور بيدار ٿئي ٿو. نهزندگيءَ جي وڏن وڏن مسئلن تي اوهان جي ڪا راءِ جڙي ٿي ۽ نه وري اوهان ۾ وڏن مقصدنلاءِ پاڻ ارپڻ جي هورا کورا ۽ جستجو پيدا ٿئي ٿي. مجلسن ۾ ويٺؤ ته ڊرائنگ رومن جيپردن، پلاٽن جي تعداد ۽ نئين ماڊل جي ڪار کان سواءِ اوهان ڪنهن موضوع تي ڳالهائينه ٿا سگهو. ماڻهن جون گلائون، ٽوڪون ۽ تنقيدون اوهان جو محبوب مشغلو بڻجي وڃنٿيون. اوهان کي انهيءَ ڳالهه جو احساس ئي ناهي ته ان سان اوهان ماڻهن جي ڪهڙي خاني۾ بيهو ٿا. هي اولهه جي عام چوڻي آهي ته خسيس ماڻهو ٻين ماڻهن جي باري ۾ڳالهائيندا آهن. رواجي ماڻهو شين جي باري ۾ ڳالهائيندا آهن ۽ سٺا ذهين ماڻهو افڪار۽ نظرين تي ڳالهائيندا آهن.
اوهانڪير آهيو؟ ڇو تخليق ڪيا ويا آهيو؟ اوهان جي منزل ڇا آهي؟ اهي سوال اوهان جيزندگيءَ ۾ ڪا به اهميت رکندڙ نٿا هجن. اوهان جي چوڌاري ماڻهو ڪهڙن عذابن جي زندگيگذاري رهيا آهن؟ اوهان جو قومي وجود ڪهڙن خطرن جو شڪار آهي؟ اوهان جي سڃاڻ ڪهڙينخطرناڪين جي ور چڙهيل آهي؟ اهڙن سوالن تي سوچڻ کي اوهان ديواني جي سوچ سمجهي ڇڏيوآهي. ان جي نتيجي ۾ ٿئي هيئن ٿو جو ظاهر ۾ ته اوهان سفيد پوش سريلا ماڻهو نظر پيااچو پر عملي طور تي اوهان هڪڙا خوش پوش حيوان (Well-dressed animal)  بڻيلهجو ٿا.
               علامه آءِ آءِ قاضي پنهنجي تقريرن۾ شيڪسپيئر جي هڪ ڊرامي ۾ هڪ عورت ڪردار جو حوالو ڏيندو هو ته ميڪابٿ (Macbith) نالي هڪ عورت ننڊ ۾ هلندي اچي ٿي، جيڪا سڀ گلاس ۽ گهڙيال ميز تانهٽائي ڇڏي ٿي. هوءَ نٿي ڄاڻي ته هوءَ ڇا پئي ڪري. هوءَ ٺيڪ ٺاڪ هلي پئي ۽ ٺيڪڳالهائي پئي پر سڀ ننڊ ۾ ڪري پئي. سو، ميڪابٿ عورت وانگر اوهان به سڄي زندگي ايئنننڊ ۾ گذاريو پيا. فرق صرف هي آهي ته ميڪابٿ جو ڪردار مختصر آهي ۽ اوهان جو ڪردارڊگهي عرصي جو آهي. جيڪي به عمل اوهان جي زندگيءَ ۾ آهن انهن ۾ ڪي به اهڙا ناهنجيڪي حد درجي جي عزت وارا هجن ۽ مرڻ کانپوءِ پنهنجي خلقڻهار جي حضور ۾ سروخروئيسان پيش ڪري سگهجن.
               فيمليڪچلر ۾ جيئڻ جي نتيجي ۾ اوهان پنهنجي زندگيءَ لاءِ ضرورتن ۽ سَڌن جي وچ ۾ ڪو سَنڌوڪڍڻ جا روادار نٿا رهو. زندگيءَ ۾ ماڻهوءَ جون هزارين سَڌون ۽ خواهشون آهن. ماڻهوخواهشن کي خدا بڻائي ٿا ڇڏين. خواهشن جي ڪڍ ڊوڙن ٿا، خواهشن کي پورو ڪرڻ لاءِ جيئنٿا ۽ خواهشن کي پورو ڪرڻ لاءِ هر جائز ۽ ناجائز ڪم ڪرڻ لاءِ تيار ٿي وڃن ٿا. قرآنمجيد ۾ ٻڌايل آهي ته جيڪي ماڻهو پنهنجي خواهشن کي خدا بڻائي ٿا ڇڏين، اهي پنهنجيلاءِ بيحد بڇڙو انتخاب ٿا ڪن. زندگيءَ ۾ هڪڙيون مڃيل سچايون آهن. اهي سچايونانسانذات جي لاءِ بيحد فائديمند آهن. اوهان جون خواهشون انهن سچاين جي لتاڙ ڪنٿيون ۽ پوءِ ظاهر آهي ان ۾ ٻي انسانذات جو خسارو ۽ نقصان ٿئي ٿو. اهو هيئن تهاوهان جي خواهش آهي ته اوهان کي نئين ماڊل جي ڪار گهرجي، نئين پروجيڪٽ ۾ هڪڙا عيشعشرت وارا بنگلا مشتهر ٿيا آهن، سو به گهرجي. اوهان هينئر پنهنجو پاڻ کانايمانداريءَ سان پڇو ته اهي شيون اوهان لاءِ بيحد ضروري آهن؟ خاص ڪري ان حالت ۾جڏهن اوهان اڳ ۾ ئي پنهنجي ٻچن جي مهانگي فيس واري تعليم جا بار پنهنجي مٿان کنيونويٺا آهيو. ويتر ٻاهرين ملڪن جي سالياني ٽوئر ۽ هي نئين ماڊل جي گاڏي ۽ نئون گهربه اوهان جي ذهن تي سوار ٿي ويا آهن. اوهان پنهنجو پاڻ کان ٻيو سوال هي به پڇو تهجيڪڏهن مان هي شيون خريد نه ڪيان ته ڇا منهنجو گذارو ٿي ويندو؟ انهن ڳالهين جيباوجود به اوهان پنهنجي خواهش پوري ٿيڻ جي پچر نٿا ڇڏيو ته پوءِ اوهان کي ٻين جي ۽خود پنهنجي ذات جي وڏين حق تلفين مان گذرڻو پوي ٿو. اوهان کي جيڪي مالي نعمتون ملنٿيون انهن ۾ توهان جي خدا، محروم ماڻهن ۽ سائلن جو حق رکيو آهي. اوهان جا عزيزقريب، اوهان جي چوڌاري مسڪين ماڻهو، اوهان جا ڌرتيءَ ڄاوا انهن سڀني جو اوهان جيمالن ۾ حق رکيو ويو آهي، اوهان جي خواهشن جي ڊگهي فهرست اها گنجائش ئي نٿي ڇڏي تهانهن محرومن ۽ سائلن سان ڪا ڀلائي ٿي سگهي. نتيجي ۾ اوهان خود ڏيڻ ۽ سخا جي وڏينانساني ڀلاين کان محروم ٿي وڃو ٿا ۽ خود پاڻ سان حق تلفيءَ جو شڪار به ٿيو ٿا. سخا۽ انساني ڀلاين جي موٽ ۾ اوهان جي شخصيت اندر جيڪو حسن، اطمينان ۽ ترقيءَ جو اُڀاررڪجي وڃي ٿو ان نقصان جو ڪو به ازالو ڪونهي.
               فيمليڪلچر سان جيئڻ جو هڪ وڏو محرڪ پنهنجي اولاد جو اڻ حدو مستقبل ٺاهڻ جو جنون آهي.اولاد جو مستقبل ٺاهڻ جو جذبو ڪا خراب ڳالهه ڪونهي پر جڏهن اوهان ان کي جنون جيشڪل ڏيو ٿا ته اها رڳو خراب نه پر بيحد بڇڙي ڳالهه آهي. اوهان اولاد جي مستقبلٺاهڻ لاءِ ان کي محبت ڏيو، وقت ڏيو، تربيت ڏيو ۽ ان کي سٺي تعليم ڏيو، انهن وڙنکان وڌيڪ اوهان جي محبت ۽ سندن مستقبل ٺاهڻ جو الڪو ڇا ٿو ٿي سگهي. اها اوهان جيانهن لاءِ سڀ کان وڏي سيڙپڪاري آهي، پر جڏهن اوهان انهن جي لاءِ بنگلن،فيڪٽرين،  شورومن، ڪارين جي ڊگهي فهرستٺاهي انهن جو مستقبل ٺاهڻ جي ڪوشش ٿا ڪريو ته سچ پچ اوهان پنهنجو ۽ انهن جو مستقبلتباهيءَ جي طرف ڌڪيو ٿا. پنهنجو مستقبل تباهي جي طرف انهيءَ شڪل ۾ جو اوهان جڏهنان لامحدود بهتر مستقبل جي جنون ۾ اچو ٿا ته ظاهر آهي توهان کي پنهنجي پاڻ سان،چوڌاري ماڻهن سان ۽ سماج جون ڪيتريون ئي حق تليفون ڪرڻيون پون ٿيون.اوهان وٽملازمن جو وڏو تعداد آهي، اوهان انهن جون پگهارون سندن ضرورتن پٽاندر نه پر انهنجي مجبوريءَ هيٺ متعين ڪيو ٿا. هڪ ملازم جي 6 ٻارن جي تعليم، سادي گذاري ۽ پيءُماءُ جي خدمت لاءِ ان کي ويهن هزارن جي گهٽ ۾ گهٽ پگهار گهربل آهي، پر اوهان ڏهنٻارهن هزارن جي پگهار تي ان کي هلايو ٿا. هو هينئر مجبوريءَ هيٺ اوهان وٽ ملازمتڪري ٿو، پر اوهان جڏهن پنهنجي ڪاروباري ٽارگيٽ جي حاصلات لاءِ هن جي ضرورتن تي لترکو ٿا ته اوهان وڏي انساني حق تلفيءَ جو شڪار ٿيو ٿا. جڏهن اوهان کي پنهنجي اولادجو لامحدود مستقبل سنوارڻ جو جنون آهي ته پوءِ اها حق تلفي اوهان جي لاءِ معموليڳالهه بڻيل رهي ٿي. اوهان ته انهيءَ کان به وڌيڪ سنگين انساني حق تلفين جو شڪار انوقت ٿيو ٿا جڏهن اوهان پيداگيرين ۽ بدعنوانين جي وڏي ڦهليل جهان جو حصو بڻجو ٿا.ان وقت پنهنجي اولاد جو مستقبل ٺاهڻ جي لونجهه ۾، اوهان جو پنهنجي خدا سان تعلق ڪمزورٿي پوي ٿو. اوهان ايمانداريءَ بابت خدا جي حڪمن جي لتاڙ ڪري اهو سڀ حاصل ڪرڻ جيڪوشش ڪريو ٿا ته ان صورت ۾ ان جو هن دنيا ۽ آخرت ۾ ڪيتو لوڙڻ جا ذميوار به اوهانپاڻ ئي بڻجو ٿا. اوهان جڏهن تعليم، صحت، انصاف، ۽ انساني سهولتن جي ڪمن ۾  بي اعتدالين ۽ بدعنوانين جو حصو بڻجي اولاد جومستقبل سنوارڻ جي ڪوشش ڪيو ٿا ته اها اوهان جي خام خيالي آهي ته هاڻي سندن مستقبلٺهي ويندو. پر حقيقت هي آهي ته هڪ طرف اوهان جي پنهنجي ديانتداريءَ جو ڪم لهي ٿووڃي ۽ ٻئي طرف هي پڪ سمجهو ته غريبن جي حق تلفين تي جڙيل اوهان جي اولاد جا خوشينوارا محل پائيدار هرگز نٿا بڻجي سگهن. خدا جو هي جهان انڌوڪار تي نٿو هلي. هتي خداجا قانون جڙيل آهن، انهن قانونن پٽاندڙ هي جهان هلي ٿو. جن ماڻهن به حق حلال جيڪمائيءَ سان تعليم ۽ تربيت ڏيڻ بجاءِ اهڙين انساني حق تلفين سان پنهنجي اولاد جومستقبل ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، انهن جي اولاد ان مان سک نه ورتو آهي. سنڌ ۾ تهڪيترا واقعا آهن جو اهڙن اميرن جي اولاد سورهن سالن جي اڀرندڙ جوانيءَ ۾ لوندڙينتي فائر ڪري پنهنجو انت آڻي ڇڏيو. ڪن پاڻ کي ڏوهن جي ور چاڙهي ڇڏيو ۽ ڪي نشي ۽بدڪارين جي ور چڙهي ويا ۽ تباهه حاليءَ جي طرف ڌڪجي ويا. مون کي خدا جي انهيءَمڪافات واري قانون جي گرفت جهنجهوڙي ڇڏيندي آهي جڏهن مان سنڌ جي هڪ وڏي ماڻهوءَ جيزندگيءَ جو هي واقعو ياد ڪندو آهيان ته ان سان تڏهوڪي وزيراعليٰ ڄام صادق جي وڏيعقيدت هوندي هئي ۽ هو ان عقيدت جو فائدو هر مهيني شراب جي گتن جي منظوري واري صورت۾ حاصل ڪندو هو ۽ پوءِ اهي فائيل 5-8 لکن ۾ سنڌ جي هندو سيٺين کي ملندا هيا. عينانهن ڏينهن ۾ ان جو پٽ سنڌ جي ڪنهن تعليمي اداري ۾ پڙهندي نشي جو ۽ آخر ۾ هيروئنجو عادي بڻيو ۽ آخرڪار اُن نشي ۾ پنهنجو انت آڻي ڇڏيو. جنهن اولاد جي لاءِ اهيدولت جي حاصلات جا جتن پئي ڪيا ويا اها جوانيءَ ۾ جدائيءَ جو اهڙو ڏاگهه ڏئي وئيجو پوين لاءِ زندگي درد ۽ ڪرب بڻجي وئي.


موڪليندڙ: سليم الله جان ڀيو