واپرائيندڙ:سليم الله جان ڀيو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

تان ڪي وٽن وڃ، جا آهين اوطاقن ۾، سڃڻ سفر هليا،رائو چتائي رڃ، اهڙو جن اُھڃُ،سي ڪرم ملندءِ ڪاپڙين.. منهنجو والد محترم استاد محمد حيات ڀيو


شڪارپور ضلعي جي ٻهراڙيءَ سان تعلق رکندڙ چڪ شهر جو مشهور تعليمي ماهر ۽ قومي خدمتگار شاھ عبداللطيف رحه جو شيدائي ۽ توحيد پرست انسان منهنجو والد محترم استاد محمد حيات ڀيو تاريخ 20 ذي القعد 1422 ھ فيبروري 3 2002ع تي آچر جي ڏينهن رات جو 11-15 75 سالن جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.انا لله وانا اليه راجعون والد محترم نهايت ساده دل،اصلاح پسند غريبن ۽ مسڪينن جو همدرد ۽ هڏ ڏوکي ۽ انقلابي طبيعت جو مالڪ هيو هن پنهنجي سموري ڄمارسنڌي قوم جي تعليمي خدمت ۽ علم جي شمع جي روشني ڦهلائڻ ۾ پوري ڪئي دراصل والد صاحب جي تعليمي حيثيت هڪ امر جاودان آهي، والد محترم اعليٰ آدرشي انسان هيو وٽس رنگ نسل، ذات پات ۽ مذهب وغيره جو ڪو به سنڌو ڪونه هو،سندس اڳيان سڀ انسان هڪ جھڙا هيا سندس نظريو ‘‘انسانيت‘‘هو ۽ اصول هو ‘‘خدمت ۽ قرباني‘‘ جنهن تي هن ساري ڄمارعمل ڪيو، والد محترم تعليم کاتي ۾ هڪ معلم استاد جي بلند مقام جو مالڪ هو،منجهس سادگي ۽ نهٺائي سمايل هئي پاڻ نهايت ئي خوش خلق،قوم جو خادم ۽ بلند ڪردار جو صاحب هيو،سندس شخصيت نهايت ئي پرڪشش ۽ اثر انگيز هئي،سنڌ جي وڏن تعليمي ماهرن،قابل استادن،۽ برک سياستد انن تنهن وقت جي انقلابي رهنمائن ۽ ان دور جي بلند پائي جي بزرگن ساڻ بهترين تعلقات هئا،بهرحال والد صاحب جي شخصيت تي جيترو ناز ڪرڻ گھرجي ته اهو جڳائي ٿو، اسين ڪڏهن به هن تعليمي مرد مجاهد جي احسانن جو بار لاهي نه ٿا سگھون،ساڳئي وقت اسانکي الله پاڪ همٿ ڏي ته والد محترم جي قائم ڪيل علم جي شمع کي اجھائڻ جي بجاءِ روشن رکون،آمين اهڙن املھ ماڻڪن ماڻهن لاءِ شاھ عبداللطيف ڀٽائي رح چيو آهي.....

جُه صَرافَنِ لَڏِيو، ته تُون پڻ لَڏِجِ، سونَ قَدُرُ لَـهَندُءِ ڪونَ، نيئِي گَڏِيندَءِ گَڏُونءَ سين.