وڪيپيڊيا:غيرمعمولي مقالا

Wikipedia طرفان

تاريخ جي جهروڪن مان


حسيـــــــــن ابـــــــن منصور

امجد ڪيريو


حسين مقتل گاھ طرف پابجولان گهلجي رهيو هو. ماڻهن جا هشام گڏ ٿي ويا هئا، ماڻهو ان وقت به هن کان پنهنجي مشڪلات لاء دعا گهري رهيا هئا. هر اک اشڪبار هئي، هر دل ڏک کان ڇڄي رهي هئي، هر ساھ مان سسڪي نڪري رهي هئي، چشمِ تماشا نيلگون آسمان هيٺان اهڙو ڪو واقعو اڳ ۾ ڪڏهن ڪونه ڏٺو، هو نه ڪو آئنده ڪو اهڙو دل ڏکوئيندڙ واقعو ٿيڻ جو ڪو امڪان هو. ماڻهو پڇن ٿا: ڇا هن تي قتل، چوري، خونِ ناحق جو الزام هو؟ نه! ڇا حدود آرڊيننس جي خلاف ورزي ڪئي هئائين؟ نه! ديس جي آزادي جو نعرو هنيو هئائين؟ نه! اختيارن جو ناجائز استعمال ڪيو هئائين؟ نه! امام مهدي هئڻ جي دعوى ڪئي هئائين؟ نه! نه …نه…نه! اهڙي ڪابه ڳالهه ڪانه هئي، هو ته پنهنجي هوش ۾ ئي ڪونه هو، عبادت ۾ غلو ۽ دعا ۾ وڌاء ڪري ٿو. ماڻهو مرادون پوريون ڪرائڻ؛ هن جي در تي اچن ٿا، هو ڪنڌ کڻي هنن ڏانهن ڏسي به ڪونه ٿو پر هنن جون مرادون پوريون ٿيو وڃن.

ڇا هو خدائي ۾ شريڪ هو؟ نعوذبالله ڇا هو ڪافر، مشرڪ، زنديق هو؟ تڏهن به هن کي سرِ عام سنگسار ڪري هٿ پير ڪٽي ٽياس ٽنگڻ جي فتوى ڪهڙي مسلڪ ۾ جائز هئي. هيترن سارن عالمن هن جي ڊيٿ وارنٽ تي صحيح ڪئي هئي، جنهن ۾ هن جو استاد تُستري پڻ شامل هو. جنهن سورنهن سال اڳ ۾ هن کي چيو هو: ”ڇو ٿو ٽڪٽڪي جون ڪاٺيون پنهنجي رت سان رنگين ڪرين، عقيدا درست ڪر“. هن جواب ڏنو ”انهيءَ ڏينهن توهان کي عالم جو لباس ڪونه هوندو“. اڄ سورنهن سالن کان پوء تُستري عالم، عالمن وارو لباس لاهي ججن وارو لباس پاتو آهي. بجرم عشق تو ميڪشند وغوغا ايست تو نيز برلب بام آ که خوش تماشه ايست ”اڄ مـــــــــون کـــــــــــــي مقتــــــــــــــل طرف وٺيو ٿا وڃن، تون به ڪوٺي تي چڙهي ڏس ڏاڍو خوب تماشو آهي“.

هن کي سنگسار ڪهڙي جرم ۾ ڪيو ٿي ويو؟ هٿ پير ڪهڙي جرم ۾ ڪٽيا ٿي ويا؟ مثله ڪري باھ ۾ ساڙيو ٿي ويو، ايڏو ڀيانڪ انتقام ذاتي ٿي سگهي ٿو، باقي هن کي ڪا چارج شيٽ ڪانه ڏني وئي هئي، ڪنهن عدالت ۾ وڪيلن جي سامهون جرح ڪري هن تي جرم ثابت ڪونه ڪيو ويو هو. ها هو مجرم هو، هن کان نادانسته جرم ٿي ويو هو، جنهن ۾ هن جو ذري برابر به ڏوھ ڪونه هو. وزير اعلى حامد بن عباس جي محبوب ڪنيز ”آغول“ هن تي عاشق ٿي پئي هئي. دل ئي دل ۾ هن کي پوڄيو ۽ پرستش ڪئي هئائين، ڪا خط و ڪتابت ڪانه ٿي هئي، ڪو تحفو تحائف يا ڪا اي-ميل ڪونه ٿي هئي، ڪو ويلنٽائن ڊي تي تحفو ڪونه مليل هو. هوءَ روضي پاڪ تي حاضري پائڻ کانپوء بيمار ٿي پئي هئي ۽ هن کي گهرايو هئائين. هو پاڻ هڪ ڦٽل مسجد ۾ ترسيل هو، ڪنهن ڪالي ديوي جي پوڄاري هن مسجد کي ڪيرائي مندر ٺاهڻ جي ڪوشش ڪانه ڪئي هئي، پر قدرتي طور تي ڦٽل هئي. ”آغول“ هن کي صرف انهيءَ لاء گهرايو ته هو دل ئي دل ۾ مسلمان ٿي پنهنجي شرارتن کان باز آيل هئي جنهن ڪم لاء هن نسطوري عيسائي قوم مان سهڻي چونڊ ڪري اسلامي درٻار ۾ دراڙون وجهڻ لاء موڪليو هو. جهاد روڪڻ، مسلمان امت کي دوغلو نسل پيدا ڪرڻ، جنهن ۾ اسلامي حميئت، غيرت ۽ جهاد جي همت گهٽ ٿئي. پر هن حسين بن منصور جي عشق ۾ دين ڦيرائي ڇڏيو، پنهنجي دين تان ارواح کڄي ويو هوس. ”آغول“ هن کي گهرائي اعتراف ڪيو هو جنهن کي عيسائي Confession چوندا آهن ته هوءَ مسلمان ٿي مري رهي آهي. هن جو ايمان حسين جي خدا ۾ آهي، رسول اڪرمﷺ کي آخري نبي برحق ڄاتائين ٿي، قرآن کي دل سان سچو ڪتاب مڃيائين ٿي، ان لاء هن کي گهرايو هئائين. باقي ڪا اي-ميل يا مس ڪال وغيره ڪونه ڪئي هئائين. ”آغول“ ڪير هئي؟ ”آغول“ وزير اعلى حامد به عباس جي محبوب ترين ڪنيز هئي، جنهن جي اشاري سان وزيرن اميرن جون بدليون ٿي وينديون هيون، اسير آزاد ٿي ويندا هئا ۽ آزاد عتاب هيٺ اچي عميق ترين غارن ۾ هميشه لاء قيد ٿي تڙپي تڙپي مري ويندا هئا، پر انهن جي ڪابه داد فرياد ڪانه ٿيندي هئي. هن صرف حسين کي هن ڪلمي تي گواھ ٿي ڪيو. ٻيو ڪو وچن ويڙهيچن سان ڪونه ڪيو هئائين. ڪو حقوق نسوان جو نعرو ڪونه هنيائين. ڪو ڳاڙهن گلن جي ٽڙڻ جي موسم ۾ ملاقات جو واعدو ڪونه ڪيائين. صرف مجاز کان حقيقت طرف سفر هو، فنا کان بقا، ازل کان ابد ڏي جسم فاني کي ڇڏي ارواح جي مسڪن تائين پهچڻ جو سفر هو. هن جو جسم وزير وٽ هو روح حسين جي امانت هو. ڀلا! روح کي ڪو پائمال ڪري سگهيو آهي؟ حسين حال ۾ هو، حسين احوال ۾ هو، حسين ڪٿي به ڪونه هو. حسين کي ڏينهن رات، بک اُڃ، ڪپڙي لٽي ۽ صحرا باغن بهارن، بڙ جي گهاٽي ڇانو، ڳاڙهن ٻيرن جي رُت جي ڪابه خبر ڪانه هئي. هو حيرت ناڪ حسن، عشوه ادا، ڪاڪل ابروجي ڪمان زلفن جي زنجير چشمِ فسونگر، چاھِ زخندان، خماريل نيڻن، ياقوتي لبن، ايراني انارن کان قطعي ناواقف هو. هن کي حورن غلمانن، کير ۽ ماکين جي نهرن، سفيد ڳچي ۽ وڏين اکين وارن حورن جي ڪابه طلب، تڙپ يا چاهت ڪانه هئي. هوته هوش خرد ۽ جنون کان، زمان مڪان کان، سزا ۽ جزا کان بي نياز هو. هن اسرارِ خودي ۽ رموزِ بي خودي جو مطالعو ڪونه ڪيو هو، هن کي جواب شڪوه ڪونه ڏيڻو هو، نه فڪر ڦرهي هٿ ۾ کڻي ماٺ مطالعو ڪيو، هو صرف و نحو جو ماهر ڪونه هو، بظاهر هن جو ڪوبه جرم ڪونه هو. مجرم هئي ته آغول هئي، گستاخي ٿي هئي ته آغول کان ٿي هئي، حد بندي اورانگهي هئي ته آغول اورانگهي هئي، مس ڪنڊڪٽ آغول کان ٿي هئي، وائيوليشن آف لا آغول کان ٿي هئي، خطاوار آغول هئي، انڪوائري آغول تي ٿيڻ کپندي هئي، پر هُن هِن جي هراسيل اکين ۾، بي پير اکين ۾ ڇڙيل وارن ۽ اڻڀي سينڌ ۾ بنا فيشن جي لباس ۾ ڇا ڏٺو هو؟ مٽيءَ ڀريل وجود ۾ ڪابه امپورٽيڊ ڪولون جي خوشبوءِ ڪانه هئي، خوشبوءِ جو ته هن کي هوش ئي ڪونه هو. گند جنين جي گوڏ ۾، پاٻوڙا پوشاڪ، تنين جي اوطاق، راجــــــــــا ريجهي آيو. (شاھُ)


تاريخ پنهنجي پاڻ کي دهرائي ٿي جيئن زليخا جي عشق ۾ يوسف جيل ڀوڳيو هو، جنهن ۾ هن جو ذرو به قصور ڪونه هو. يوسف ڪير هو؟ ڇا حسين جي يوسف سان مماثلت هئي.

هو خدا جو پيغمبر هو هي مفلوق الحال مجذوب ماڻهـــن جي ڏک درد تي خدا کان دعا گهــــري انهن کي شفاياب ڪندو هو.

هو خالقِ ڪائنات جو خلقيل ڪل هي مٽيءَ ۾ لٿڙيل ليڙون ليــڙون ٿيل مخلوق ۾ حسين ترين ڪرشمو هو. خوشبوءِ کان بي نياز، ڪجل ڪـــــاني جي ڪابه خبر ڪانه هئس.

هن کي خواب ۾ چنڊ ۽ ستارن هن جي پيرن جي مٽي ماڻهو بابرڪت سجدو ڪيو هو. سمجهي اکين ۾ وجهندا هئا.

هو غلام ٿي وڪيو هو. هي بنا وڪجڻ جي غلام هو. پنهنجـي پاڻ رب جي رضا تي راضـــــــي ڪـــري ڇڏيو هئائين. جسم ۽ روح خدا جـــــــي امانت هو.

هن آئيني ۾ پنهنجو حسن ڏسي هن جيئري اکين سان حق جو مشاهـدو ساراھ ڪئي. ڪيو هو. هر شيءَ ۾ مشاهدو ”حـــــــق“ ڪندو هو.

هو بادشاھ جو سڪيلڌو هي وزير جي عتاب هيٺ آيل زنـــــدان وزيرِ ماليات هو. جو قيـدي هو. جنهن تي ڪنهـــــــــن به جيل مينوئل جو اطلاق ڪونه ٿي ٿيو. ڪابه Aڪـــــــــــلاس قيدين جي سهولت ميسر ڪانه هئــــــي، نه ڪا هن گهر ٿي ڪئي.

هن بادشاھ جي خزاني ۾ ڪڻڪ هن اک جي اشاري سان زنــــــدان جون ڪٺي ڪري رکي هئي. جيئن ديوارون گم ڪري، ٽي سؤ قيــــــــــــدي ڏڪار ۾ ڪم اچي. آزاد ڪرائي ڇڏيا.

هن بادشاھِ وقت کي قيدي کان هن نون سالن جي قيـــــــــد ۾ ڪڏهـــــن سفارش ڪرائي. آزادي جي تمنا ڪانه ڪئي. چوندو هو ته قيد ڪٿي آهي آئون جنهن جي قيـــد ۾ آهيان اهو حڪم ڪنـــــــدو ته پاڻهي آزاد ٿيندس.

هن کي ڏسي عورتن پنهنجيون هن جي لاء عورتــــون ۽ مــــــــرد راھ ۾ آڱريون ڪٽيون. وڇائجي وڃڻ لاء تيار هئا.

هي ستن ٻولين جو عالم هو. هن کي صرف هـــــــڪ نعري الستــــــي ”انا الحق“ کانسواء ٻي ڪــــــــابه ٻولي، لولي، شعر، قطعو، هائيڪو وغيــــــــره جي خبر نه هئي.

وحشي جلاد جو ڪَوڙو نرم ڍڳي جي پڇ مان ٺهيل؛ پر انتهائي اذيتناڪ، زور سان مجرم جي پٺ تي لڳي ٿو. ڪوبه آھ يا سسڪي جو آواز نه ٿو اچي. وحشي جلاد غضبناڪ ٿئي ٿو، وري وري زور سان ڪَوڙا هڻي ٿو پر مجرم جي وات مان ڪابه آھ ڪانه ٿي نڪري. جهڙوڪر ڪو ڪَوڙو نه، بلڪه محبوب جي زلفن جي آواره لٽ هوا تي اڏامي پٺن تي گدگدايو هجي. هن جي منهن تي ڪابه اذيت، ڏک يا غم جي نشاني ڪونه هئي. هي سراپا عشق الاهي ۾ غوطه زن هو. آخر وحشي جلاد ٿڪجي ساڻو ٿئي ٿو، جلاد ڪوڙو ڇڏي ڪاتي کڻي ٿو ۽ چوي ٿو هاڻي آئون تنهنجا هٿ ڪپيندس، زخم زخم وجود مان جواب اچي ٿو: ”منهنجي همت جا هٿ ڪپ ته خبر پوي“ پوء ڪٽيل هٿ منهن تي ملي ٿو. ”هي ڇا؟“ جلاد پڇي ٿو. ”هي نمازِ عشق لاء وضو آهي“ ”تو ڪڏهن نمازِ عشق پڙهي آهي؟“ ”تو ڪڏهن مشاهده حق ڪيو آهي؟“ ”تو وحدة الوجود جو فلسفو پڙهيو آهي“ ”تو ڪڏهن وجود وڃائي تڪبير چئي آهي“ جان جان پسين پاڻ کي، تان تان ناهي سجود، وڃـــــــــائي وجود تهان پوء تڪبيــــــــــــــــــر چئُه. شاھ

”اها تڪبير ڪيئن چئبي آهي؟“ وحشي جلاد وائڙن وانگر وات پٽي ٻڌي ٿو. پوء ڪاوڙ ۾ ڪات کڻي پير ڪٽڻ شروع ڪري ٿو. ”منهنجي قوت ارادي جا پير ڪٽين ته ڏسان؟“ حسين وراڻيو. ڪٽيل هٿن پيرن مان اناالحق جو آواز اچي ٿو. ماڻهو گهرن ڏي ڀڄن ٿا. هُو ازلي عاشق اڪيلو رهجي وڃي ٿو. دار جي هيٺان نماز عشق ادا ڪري ٿو. محبوب جي آزمائش جي ڀلا ڪهرو فرياد ڪبو؟ اها ته محبوب جي ادا آهي. پوري رات سجدءِ عشق ۾ گذاري ٿو. صبح جو وزير جو حڪم اچي ٿو ته پل تي ساڙيو وڃي. ٽڪر ٽڪر ذرا ذرا ٿيل وجود کي پل تي گهليو وڃي ٿو، باھ ۾ ساڙيو وڃي ٿو، سڄي وجود کي جلائي ڀسم ڪيو وڃي ٿو، ڦلهيار دجلا نديءَ ۾ اڇلائي وڃي ٿي، هر طرف کان آواز اچي ٿو: ”اناالحق……… اناالحق……… اناالحق………“