وزير آباد

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
وزير آباد
شهر
ملڪ  پاڪستان
صوبو پنجاب
ضلعو گوجرانوالا
تحصيل وزير آباد
Union councils 5
Municipal status 1867

وزير آباد، ضلعو گوجرانوالا، پنجاب صوٻي جو هڪ شهر آهي۔ وزيرآباد درياءَ چناب جي ڪناري لاهور کان 100 ڪلوميٽر پري آهي. هن جي ويجهن ڳوٺن ۾ علي پور(پاڪستان)، احمد نگر(پاڪستان)، رسول نگر شامل آهن. ان کان کان سواءِ قديم تاريخي حيثيت رکڻ وارو ڳوٺ مرديڪي ۽ ڀروڪي پڻ ڀرسان آهن ۽ ڪوٽلي احمد شاهہ پڻ پنهنجي اندر هڪ عظيم تاريخ سمائي رکي آهي (( قاضي رحيم الدين بن عبداللہ بن عبدالرزاق بن عبدالرحيم قريشی اسعدي)) متوطن سلطان پور لڳ نگرهار جلال آباد (افغانستان) دورِ جهانگير ۾ سلطان پور جي جرڳي جو سردار مقرر ٿيو، انجي خداداد فهم ۽ فراست جي سببان ڀرپاسي جي علائقي ۾ ان جي هڪ مظبوط شخصيت اڀري ۽ علائقي جي بااثر ماڻهن جي بداعمالين ۾ هڪ عظيم رڪاوٽ بڻيو، هن شخصيت جي سبب بااثر ماڻهن قاضي صاحب کي درٻار جهانگير مان ڪڍرائڻ جي تدبير ڪرڻ شروع ڪئي.

اها سڄي صورتحال ڏسي، جلال آباد جي صوبيدار (شيخ ڪريم بخش) قاضي صاحب کي قاضي القضا جي عهدي لاءِ راضي ڪيو ۽ ڪجهه وقت کان پوءِ کيس غزني (پيشاور) موڪلي ڇڏيو، ڪجهه وقت کان پوءِ سندس عزت ۽ صداقت کي ڏسندي، کيس وزير آباد موڪلي ڇڏيو، اتي کيس ننڍي کنڊ جي مرڪزي واپاري گذرگاهه مرديڪي، وزير آباد جي ٽيڪس وصوليءَ جو واڌو عهدو به ڏئي ڇڏيو. ائين اهو وقت جي قاضي ۽ ٽيڪس وصولي جي ٻن عهدن تي ڪم ڪندو رهيو ۽ پنهنجي باقي زندگي اُتي ئي گذاري. سندس لاڏاڻي کان پوءِ سندس وڏي پُٽ قاضي عبالغني قريشي کي وقت جو قاضي ڪيو ويو. قاضي عبدالغني قريشيءَ کان پوءِ ان جي وڏي پُٽ قاضي محمد مسلم قريشي کي وزير آباد جو قاضي القضا رکيو ويو ۽ پوءِ احمد شاهه ابدالي جي دور ۾ قاضي محمد مسلم ۽ سندس ننڍي ڀاءُ محمد اسلم جيڪو لاولد هو، تنهن مرهٽن جي هٿان شهادت ماڻي. سندس سڄي ملڪيت کي ڦريو ويو. اهڙين حالتن ۾ قاضي محمد مسلم جا ٻئي پُٽَ شيخ احمد قريشي آف (ڪوٽلي پير احمد شاهه) ۽ ملا محمد قريشيءَ ڀروڪي ۾ رهائش اختيار ڪئي. ملا محمد قريشي جي اولاد مان مولوي شمس الدين، مولوي شهسوار الدين علم ۾ ڪمال حاصل ڪيو.

شيخ احمد قريشي جو اولاد وزير آباد ۽ ڀرپاسي رندهير، رائي پور، ساهو والا ۽ ڄامڪي ۾ رهڻ لڳو. هن جي اولاد مان ساهوالا جي حڪيم مولوي غلام حسين علم ۽ ڪمال حاصل ڪيو. سندس اوالا ۾ رائيَ پور ۾ مولوي شاهه سوار جو مرقد رائي پور ۾ آهي. حڪيم سلطان احمد قريشي ۽ رائيس الطبا شفا الملڪ حڪيم محمد نواز قريشي علم ۽ ڪمال حاصل ڪيو. حڪيم اعجاز احمد قريشي، حڪيم عبدالستار قريشي ڪامزار اقدس، گوجرانوالا جي ڳوٺ ڪوٽليءَ ۾ مقبرو آهي. هن مزار ۾ شيخ عبدالنبي قريشي ۽ سندس پُٽ جي تربت آهي. هن مزار جي عمارت مغل دور جي عمارتن مان بهترين يادگار عمارت آهي. اهي حڪيم خادم علي سيالڪوٽي جي عزيزن مان هئا ۽ حڪيم عبدالستار قريشي چوراهي رائي پوري ۽ حڪيم اعجاز احمد قريشي رائي پوريءَ جي اولاد مان آهن.


آبادي[سنواريو]

شهر جي آبادي 95000 فردَ آهي. ويجي ڳوٺ 264 ۾ لڳ ڀڳ 60000 فردَ رهن ٿا.

ريلوي[سنواريو]

وزير آباد هڪ اهم ريلوي جنڪشن آهي، جيڪو ڪراچي پشاور لائن ذريعي فيصل آباد ۽ سيالڪوٽ جي پاسي رستو ڏئي ٿو. وزير آباد پڻ ھڪ ننڍڙو ڳوٺ آھي جتي غوث بخش خان مهر جي صدارت هيٺ آباد آھي هي ڳوٺ لکي غلام شاهه ضلعو شڪارپور سنڌ پاڪستان جي ڀرسان آھي هن ڳوٺ جي آبادي تقريباَ ڏھ هزار آھي هن ڳوٺ ۾ هر سال هڪ رواجي ميلو ٿيندو آھي جنهن ۾ وزيرآباد سميت ڀر وارن علائقن ۽ ٻين ڪافي شھرن جا ماڻهو شرڪت ڪندا آھن اهو ڳوٺ جيڪب آباد - ڪوئٽه ها اي وي تي واقع آھي

مقامي صنعت[سنواريو]

وزير آباد ۾ ڪيترائي ڪارخانا ٻاهرين ملڪن ڏانهن موڪلڻ لاءِ شيون ٺاهڻ جي حوالي سان مشهور آهن. وزير آباد خاص طور تي ڪٽلري ۽ سرجيڪل اوزار ٺاهڻ جي لاءِ مشهور آهي. ان کان سواءِ ويجها ڳوٺ، چانور ۽ ڪمنڊ جي پيداوار جي حوالي سان پڻ مشهور آهن.

مشهور شخصيتون[سنواريو]

مولانا ظفر علي خان وزیر آباد جي اهم شخصيت آهن. پاڻ برطانوي راڄ جي دوران هڪ اهم اخبار زميندار جا ايڊيٽر هو ۽ هن آزاديءَ جي تحريڪ ۾ حصو ورتو هو. وزير آباد لغڙ بازي جي لاءِ پڻ مشهور آهي.


ناليواريون شخصيتون[سنواريو]

(قاضي عبدالغني قريشي) قاضي وقت (قاضي محمد مسلم قريشي شهيد) قاضي وقت