هنگريءَ وارو بُحران

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

هنگريءَ وارو گهوٽالو يا هنگرين ڪرائسز (Hungarian Crisis) اصل ۾ 1956ع ۾ شاگردن جي اڳواڻيءَ ۾ هنگريءَ جي عوام سخت احتجاج ڪري، ملڪ جي ڪميونسٽ حڪومت خلاف بغاوت جو اعلان ڪيو. هنگريءَ جي حڪومت ان بُحران کي منهن ڏيڻ لاءِ سوويت روس کي مدد لاءِ سڏيو، جنهن جي نتيجي ۾ سوويت روس پنهنجون فوجون هنگريءَ ۾ موڪلي ڇڏيون. هنگريءَ جي چونڊيل وزيراعظم ”امري نيگي“ (Imre Nagy) ان موقعي تي احتجاج ڪندي، جڏهن ”وارسا معاهدي“ منجهان نڪرڻ جو اعلان ڪيو، ته کيس گرفتار ڪري سوويت فوجين جي مدد سان بغاوت تي ضابطو آندو ويو. ان ڏس ۾ 4 نومبر 1956ع تي سوويت فوجن هنگريءَ جي گاديءَ جي هنڌ ”بڊاَپيسٽ“ ۾ داخل ٿي بغاوت کي چٿڻ شروع ڪيو. ان ڏس ۾ روسي فوج کي لاڳيتو ڏهه ڏينهن عوامي مزاحمت کي منهن ڏيڻو پيو. پوءِ روس جي حمايتي ڪميونسٽ سياستدان ”جانوس ڪادار“ کي اتان جو وزير اعظم مقرر ڪيو ويو. انهيءَ سوويت مداخلت جي خلاف گڏيل قومن (اقوام متحده) جي سلامتي ڪائونسل ڪيترائي ٺهراءَ پاس ڪيا، پر روس سدائي انهن ٺهرائن کي ”ويٽو“ ڪندو آيو. هن سڄي بحران دؤران گڏيل قومن جو اداري ماٺ رهي ڏسڻ کان وڌيڪ ڪو به ڪردار ادا نه ڪري سگهيو.[1]

حوالا[سنواريو]