نڪاراگُئا جو انقلاب

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

1979ع ۾ لاطيني آمريڪا جي مُلڪ نڪاراگُئا ۾ هٿياربند جاکوڙ ذريعي آمريڪا مخالفت سوشلسٽ انقلاب يا نڪاراگُوئن جو ريوولِيُوشن (Nicaraguan Revolution) آيو. هن ويڙهه ۾ نڪاراگئا جي انقلابين 50 ورهين کان صاحبي ڪندڙ ’سوموزا خاندان‘ کي جولاءِ 1979ع ۾ مُلڪ مان ڀڄي وڃڻ تي مجبور ڪيو، ’سوموزاخاندان‘ جي فوجن ۽ عوامي حمايت سان ويڙهاڪن جي وچ ۾ ٿيندڙ انهيءَ ويڙھ ۾ لڳ ڀڳ 50،000 ماڻهو مارجي ويا ۽ لڳ ڀڳ ملڪ جي 20 سيڪڙو آبادي بي گهر ٿي. سوموزا کان پوءِ ’ڊئنيئل اورتيگا‘ جڏهن نڪاراگوا جو صدر ٿيو ته، کاٻي ڌر سان لاڳاپو رکڻ ڪري، آمريڪا ان جي مخالفت ڪندي، سندس مُخالف ’ڪونٽرا باغين‘ جي مدد ذريعي انقلاب کي ناڪام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. آمريڪي صدر ’رونالڊ ريگن‘ جي حڪومت ۽ سندس مُشيرن ننهن چوٽيءَ جو زور لڳائي، اورتيگا سرڪار کي ناڪام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر کين ڪجهه به هڙ حاصل نه ٿيو. پوءِ اورتيگا جي حُڪومت جو خاتمو عام چونڊن ۾ سندس مُخالف صدارتي عورت اميدوار ’چامارو‘ جي سوڀ ذريعي ٿيو. [1]

حوالا[سنواريو]