نواب ولي محمد

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

نواب ولي محمد

سنڌ جي ھڪ شھر جو نالو جيڪو ٽالپرن جي نواب ولي محمد لغاري جي نالي سان سڏجي ٿو.


تاريخ[سنواريو]

1783ع ۾ ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي وچ ۾ هالاڻي ۾ جنگ لڳي، ڪلهوڙن کي شڪست حاصل ٿي ۽ حڪمران ٽالپر ٿيا. ٽالپرن پنهنجي وفادار سپهه سالارن کي حڪومت ۾ شريڪ ڪيو. جو نواب ولي محمد لغاريءَ کي وزيراعظم مقرر ڪيو. نواب ولي محمد جي وصال کان پوءِ سندس فرزند احمد خان کي وزير مقرر ڪيو ۽ کيس لاڙڪاڻي ۾ تمام وڏي جاگير ڏني. ٽالپرن اندروني نا اتفاقين ۽ انگريزن جي چالبازين جي ڪري مياڻي ۽ دٻي جي جنگ لڳي ۽ ميرن کي شڪست نصيب ٿي. نواب احمد خان نيٺ چارس نيپئر وٽ پيش پيو، انگريزن کيس لاڙڪاڻي جي جاگير جي عيوض مرزاپور تعلقي قاضي احمد ۾ جاگير فقير ولي محمد نالي جاري ڪئي. هيءُ نواب وڏن ميرن جي ڏينهن ۾ سندن وڏو وزير ۽ صلاحڪار هو ۽ ٽالپرن کان پوءِ ٻئي درجي جي عزت هوندي هيس. هو لغاري بلوچن جو سردار هو ۽ وڏيءَ هلنديءَ وارو هو ۽ ميرن کي سنڌ وٺڻ ۾ گهڻي مدد ڏنائين. انگريزن سان هو ميرن جي دوستي قائم ڪندو آيو. تمام وڏيءَ عمر ۾ هن سنه 1832ع ۾ وفات ڪئي. هن کان پوءِ مير صاحبن جا صلاحڪار مير اسماعيل شاهه ۽ مرزا خسرو بيگ رهيا.[1]

شھر[سنواريو]

1935ع ۾ نواب ولي محمد ۾ ريلوي اسٽيشن قائم ڪئي وئي جنهنجي ڪري نواب ولي محمد اسٽيشن جي ڪري مشهور ٿيو. شروع شروع ۾ هتي رڳو ننڍڙي هوٽل ڦوٽو ماڇي ۽ سومر چاڪي جو دڪان هو. آهستي آهستي هي ڳوٺ آباد ٿيڻ لڳو، جو هاڻي شهر جو ڏيک ڏيڻ لڳو آهي، اٽڪل 5 هزار جي آبادي جي هن شهر ۾ رند، ڪلهوڙا، ڀنڊ، عمراڻي ، سومرا، ٻگهيا، خاصخيلي، عالماڻي، چانڊيا سيال، لاکا، ڏيٿا، پنجاپي، ماڇي، موچي، شاهه ۽ باگڙي ذاتين جا رهواسي آهن. ٿورو ماضيءَ ۾ جهاتي پايون ٿا ته نواب ولي محمد اسٽيشن بس اسٽاپ تي ٺاري چانڊيي نالي شخص هر ايندڙ ويندڙ مسافر کي پاڻي پياريندو هو ۽ کوڙ سارا ماڻهو سندس مفت پڪوڙا کائيندا هئا.

واپار[سنواريو]

هن وقت نواب ولي محمد بهه جي واپار جي حوالي سان ايشيا جي وڏي منڊي ليکي وڃي ٿي. بهه جي واپارين جي هڪ ڊاڪيومينٽري فلم بي بي سي پڻ ڪري چڪي آهي. نواب ولي محمد جي اولهه طرف ڳوٺ تاجر ٻگهيو ڀرسان گذريل 50 سالن کان عورتن جي تفريح جي لاءِ ميان محمد سائين تي هر سال 1 ڏينهن جي لاءِ عورتن جو ميلو لڳايو ويندو آهي، ميلي ۾ مٺائين جي دڪانن، کان سواءِ مڙيي وکر عورتون ئي کپائينديون آهن. ان کان ٿورو اڳتي ڍنڍ کٽياڻ تي خوبصورت ٻيڙين جو شهر پڻ موجود هو، جيڪو پاڻي جي کوٽ ڪري ڦٽي ويو.

مشھور ماڻھو[سنواريو]

نواب ولي محمد جي ماضيءَ جي مشهور شخصيتن ۾ مشهور صوفي شاعر بهاول فقير نواب بهاول، نواب علي خان، احمد خان ٻگهيو، شيطان فقير، مشهور راڳي عثمان فقير ، شاهنواز لاکو ٿي گذريون آهن.

معزز شخصيتون

هن وقت نواب ولي محمد جي معزز شخصيتن ۾ پروفيسر نذير کوکر، شائين امداد حسين لغاري، صوفي علي نواز فقير، حاجي عرس رند، محمد هاشم ٻگهيو،( ثابق ناظم) غلام مصطفي سومرو ( ثابق ناظم)، مجيب ماڇي ( سياسي ڪارڪن). بهاول لاکو( صحافي)، علي محمد راهو(سماجي ڪارڪن)، منصور لاکو ( پي پي ڪارڪن)، ابراهيم چانڊيو ( معزز)، گلاب شاهه ( معزز)، دادن شاهه (معزز)، يوسف رند ( صحافي)، شاهنواز خاصخيلي (راڳي). اڪبر ماڇي (راڳي)، لعل بخش (راڳي)، اعجاز ماڇي ( راڳي)، ڊاڪٽر غلام عباس سومرو (ڊاڪٽر)، ڊاڪٽر امير بخش ڏيٿو( ڊاڪٽر)، هاشم ماڇي ( معزز)، غلام سرور خاصخيلي ( بهترين استاد)، جاويد سومرو ( بهترين استاد) ، سائين غلام حيدر شاهه ( راڳي)، جان محمد چانڊيو ( بهترين سپروائيزر)، عالم نواز سومرو ( خطيب)، حافظ تاج محمد راهو ( خطيب)، حاجي رحيم رند (معزز)، شريف بوزدار ( والي بال پليئر)، ملهه پهلوان عارف راهو، دادلو راهو (ملهه پهلوان)، شبن کوکر ( شاعر)، عاجز بگهيو (شاعر) عمران لطيفي رند(شاعر) گلاب سولنگي (شاعر)، پرويز سومرو ( تعلمي ماهر) موجود آهن نواب ولي محمد ۾ سنڌي ادبي سنگت جي شاخ پڻ هلندڙ آهي

نواب ولي محمد ۾ شير ٻگهيو بينون ٺاهڻ ۽ واڄائڻ جي حوالي سان پڻ شهرت ماڻي آهي.

نواب ولي محمد شعور جي حوالي سان تمام گهڻو اڳتي نڪتل آهي، سنڌ جي مشهور پارٽين جون تنظيمون موجود آهن. هتي مختلف اشوز تي گڏيل جدوجهد جا مثال موجود آهن. نواب ولي محمد هاءِ اسڪول، مڊل اسڪول، پرائمري اسڪول، گرلس پرئمري اسڪول ،سميت خانگي اسڪول ٽيليفون اڪسچينج، پوليس اسٽيشن، بنيادي صحت مرڪز ۽ ٻن مدرسن سميت خوبصورت گلدستي ۾ جڪڙيل آهي.

حوالا[سنواريو]

  1. قديم سنڌ -ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو. مصنف: مرزا قليچ بيگ. ايڊيشن: چوٿون 1999ع. ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو