نصير سومرو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
نصير سومرو
پيدائش نصير احمد سومرو
28 مارچ 1964ع
هنڱورجا، خيرپور ضلعو، سنڌ، پاڪستان
قلمي نالو نصير سومرو
ڌنڌو ليکڪ، شاعر، صحافي
ٻولي اردو، سنڌي ٻولي، انگريزي ٻولي
قوميت پاڪستانپاڪستان
تعليم بيچلر آف انجينئرنگ (مٽلرجي)
مادرِ علمي مهراڻ يونيورسٽي آف انجينئرنگ اينڊ ٽيڪنالوجي، ڄامشورو، پاڪستان
صنف شاعري، نثر نگاري، ڪالم نگاري، تنقيد، لسانيات
مُکيه ڪم ورکا نيڻ وسن
جل تي ڪنول جيئن
شاعراڻا ويچار
پنو پنو پڙلاءُ
اولاد ٻه پُٽ ۽ هڪ ڌيءُ
ويبسائيٽ
http://naseersoomro.blogspot.com

نصير سومرو [1] انگريزي ٻولي: Naseer Soomro (پيدائش: 28 مارچ 1964ع) هنڱورجا، خيرپور ضلعو سنڌ، پاڪستان ۾ پيدا ٿيڻ وارو انجينئر، صحافي، شاعر، نثر نگار، نقاد ۽ ڪالم نگار آهي.

زندگي جو احوال[سنواريو]

نصيرسومرو 28 مارچ 1964ع ۾ مولانا اللہ بخش سومرو (1923ع - 2008ع) جي گهر هنڱورجا، خيرپور ضلعو، سنڌ، پاڪستان ۾ پيدا ٿيو. ابتدائي تعليم پنهنجي والد مولانا اللہ بخش سومرو کان حاصل ڪيائين . 1980ع ۾ ميٽرڪ گورنمنٽ ھائير سيڪنڊري اسڪول هنڱورجا ضلعي خيرپور مان ۽ انٽرميڊئيٽ (پري انجينئرنگ) گورنمنٽ ڊگري ڪاليج ڪنڊيارو، سنڌ مان امتيازي نمبرن سان پاس ڪيائين. ان کان پوءِ پاڻ مهراڻ يونيورسٽي آف انجينئرنگ اينڊ ٽيڪنالوجي، ڄامشورو ۾ داخلا ورتي ۽ بيچلر آف انجينئرنگ (مٽلرجي) جي ڊگري سال 1989ع-1984ع ۾ امتيازي نمبرن سان حاصل ڪئي.[2]

ملازمت[سنواريو]

1990ع کان 2000ع تائين پاڪستان اسٽيل ملز ۾ خدمتون انجام ڏنيون. هن اسٽيل مل واري انجنيئري خدمتن مان وقت کان اڳ ۾ رٽائرمينٽ ورتي، ان کانپوءِ (سن 2000ع) ۾ سنڌي ٻولي جي باختيار اداري حيدرآباد طرفان متعارف ڪرايل غير-سنڌي آفيسرن کي سنڌي ٻولي جي سکيا واري پروجيڪٽ تي ڪم ڪيو. آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس ڪراچي جي “انگريزي سنڌي لغت” پروجيڪٽ ۾ فري لانس پروف ريڊر ۽ ايڊيٽر جون خدمتون ڏنيون. پروجيڪت جو انچارج ناميارو ليکڪ بدر ابڙو هو. هيءَ ڊڪشنري ڇپجي چڪي آهي. لغت اندر ايڊيٽوريل سٿ ۾ نصير سومري جو نالو پڻ ڇپيل آهي. ڪيترين اخبارن ۾ صحافتتي ذميداريون نڀايون اٿس. ڊيلي سنڌ ٽائيمس، سڪار ۽ برسات ۾ ڪم ڪيائين. هن وقت فري لانس رائيٽر طور مختلف اخبارن، رسالن ۾ لکندو رهي ٿو.[2]

ادبي خدمتون[سنواريو]

نصير سومرو هڪ ئي وقت سنڌي ٻولي ۽اردو ۾ شاعري ڪندو آهي. سندن اڄ تائين ست ڪتاب شائيع ٿي چُڪا آهن جِن ۾ شاعري جا ڪتاب به اهن ته ادبي تنقيد، تي لکيل نثر ۾ به آهن. ان کان علاوه هو ڪالم پڻ لکندو آهي. پهريون شعري مجموعو “پرهه ڦٽيءَ جا ماڪ ڦڙا” نالي سن 1997ع ۾ ڇپيو هو. غزلن جو مجموعو “ورکا نيڻ وسن” سن 1999ع ۾ ڇپيس. سن 2008ع ۾ شعري مجموعو “جل تي ڪنول جيئن” ڇپيس، جنهن جي مهورت 4 ڊسمبر 2008 تي اڪادمي ادبيات پاڪستان جي ڪراچي واري آفيس آڊيٽوريم ۾ منعقد ٿي هئي. ڪتاب جي مهورت نامياري شاعر تاجل بيوس ۽ اردو جي شاعر ۽ مترجم پروفيسر آفاق صديقي ڪئي هئي. هن مهورتي تقريب ۾ تاجل بيوس کي مقالو پڙهندي برين هيمريج ٿيو هو.

سندن ڪالم جهان پاڪستان، روزاني عوامي آواز،روزاني ڪاوش ۽ روزاني هلال پاڪستان (سنڌي ٻولي) ۾ شائيع ٿيندا آهن. پاڻ آڪسفرڊ انگلش-سنڌي ڊڪشنري ۾ بطور نائب ايڊيٽر ۽ پروف ريڊر پڻ ڪم ڪيائين.[2] ماهوار سنڌ راڻي، ماهوار سورمي، ماهوار پرک، ماهوار ريکائون، ماهوار سنڌيا ۽ خاص طور روزاني ڪاوش ۽ روزاني عوامي آواز جي سنڊي مئگزين ۾ باقاعدگي سان ڇپجندو آهي. ماهوار سوجھرو، جيڪو هن وقت ڇپجڻ بند ٿي چڪو آهي تنهن ۾ گھڻو لکيائين. ست عدد ڪتابن جو مصنف آهي. هٿن جي نثر کي پڙهندڙ گھڻو پسند ڪندا آهن، هن وٽ زندگي جو وسيع تجربو، مشاهدو ۽ مختلف علوم جو مطالعو آهي جيڪو ڪڏهن شعري ته ڪڏهن نثري گھاڙيٽن ۾ قلمبند ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو.

نصير جو آواز به ڀلو آهي. ريڊيو پاڪستان جي ادبي پروگرام “رسالو” ۽ پاڪستان ٽيليويزن جو پرفارمر به آهي. ڪيترا ئي مشاعرا پڙهيا اٿائين. سن 2010ع ۾ آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ڪراچي ۾ منعقد ٿيندڙ عالمي مشاعرو بعنوان “امن جي آشا” پڙهيو هئائين جنهن جي صدارت ننڍي کنڊ جي نامياري شاعر ندا فاضلي ڪئي هئي. هو آرٽس ڪائونسل جو باقاعده ميمبر آهي.

ڪراچي ۾ سنڌي اردو جي وڏن وڏن شاعرن جي موجودگي ۾ مشاعرا به پڙهيا اٿائين ته ادبي نشتن ۾ پنهنجو ڪلام تنقيدي اڀياس لاءِ پيش ڪندو اهي. انيس انصاري اڪيڊمي ڪراچي جي مشاعرن ۾ پڙهيل سندس ڪلام جون وڊيو ڪلپس يو تيوب ٿي اپ دستياب آهن. هن جو نالو سي ايس ايس جي سنڌي سبجيڪٽ ۾ بطور جديد شاعر جي شامل آهي جيڪو هن شاعر هجڻ جي مڃتا آهي.

ڪراچي ۾ جيئن گھڻيون ۽ مسلسل ادبي ۽ ثقفتي سرگرميون آرٽس نڪائونسل ۽ ڪراچي پريس ڪلب طرفان منعقد ٿينديون آهن تيئن اڪادمي ادبيات پاڪسان طرفان به هر هفتي مشاعرو منعقد ٿيندو آهي. ان مشاعري ۾ به نصير سومرو شريڪ ٿيندو آهي.

ڪلام جو نمونو[سنواريو]

غزل

کچھ کہیں کچھ سنیں آؤ بیٹھیں کہیں خواب پھر سے بُنیں آؤ بیٹھیں کہیں
منزلوں کے نشاں مٹ گئے گرد میں کیسے رستہ چنیں آؤ بیٹھیں کہیں
کچھ نہ تھے کچھ نہیں کچھہ نہ ہوں گے کبھی آس ہے کچھ بنیں آؤ بیٹھیں کہیں
ناچنا ہے اگر ایک دھن پر ہی کیوں اور بھی ہیں دھنیں آؤ بیٹھیں کہیں
کھو گئے تھے تلاشِ خودی میں نصیر اب نہیں الجھنیں آؤ بیٹھیں کہیں

شعر

کتابِ ذات ہو کہ لقائے ماہ و انجم نصیر سرِ ورق کوئی اور ہے پسِ ورق کوئی اور

غزل

اب خودی کو کیا ہوا ویسی نہیں سرخوشی کو کیا ہوا ویسی نہیں
شب وہی تاریک ہے ظلمات کی روشنی کو کیا ہوا ویسی نہیں
بے وفا بادل چلو اپنی جگہ تشنگی کو کیا ہوا ویسی نہیں
جی رہے ہیں کم نہیں یہ حوصلہ زندگی کو کیا ہوا ویسی نہیں
مکاں نے زماں سے کہا بھی نہیں تبدل کا طوفاں تھما بھی نہیں
یہ ادراک لولاک بے باک دیکھ سفر ارتقا کا رکا بھی نہیں
گھنی رات جگنو حسیں چاندنی سحر سے تقابل ذرا بھی نہیں
گذرتا ہے لمحہ یہ کہتا ہوا خودی گر نہیں پھر خدا بھی نہیں
جو دیکھیں تو بکھرے ہوئے سارے رنگ جو سوچیں تو کوئی جدا بھی نہیں
بدلتے رہے دہر کے ساتھ ہم کہا بھی نہیں کچھ سنا بھی نہیں
یہ کس طرز کی رہگذر ہے نصیر کہ منزل کہاں ہے پتا بھی نہیں

غزل

ڀري جوانيءَ گلاب ارپيوگلاب خوشبوءَ سراب ارپيو
سراب کوليون اکيون امالڪنظر نظر هو شراب ارپيو
شراب ڇا هو نشو نشي تيخُمارَ ڪافر خطاب ارپيو
چُنيءَ بدن تي ڪا کير ڌاراٽاڪي ٽاڪي هو اَلاڀ ارپيو
تنهنجي چانڊوڪي ڏٺي چندرمااُڌار سِجَ هو نقاب ارپيو
چِٽو چوڏهينءَ تي نظر ايندو آچُٽو، جو چنڊ کي شباب ارپيو
۽ ڏات ديويءَ ڀريو ڀاڪر ۾سرور يڪتا عتاب ارپيو

تخليقون[سنواريو]

سندس هيٺ ڏنل لکڻيون ڇپجي چڪيون آهن

  1. پره ڦٽيءَ جا ماڪ ڦڙا
  2. ورکا نيڻ وسن
  3. جل تي ڪنول جيئن
  4. شاعراڻا ويچار
  5. پنو پنو پڙلاءُ
  6. سانگي پکي سار جا
  7. ورھین جا ورلاپ

پڻ ڏسو[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (سنڌي), ڀاڱو اٺون، سنڌي لينگويج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ، ص219
  2. 2.0 2.1 2.2 نصير سومرو بلاگ پوسٽ، ڪراچي