نسبتي وڏائي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

نسبتي برتري، نسبتي وڏائي يا ڪامپريٽو ايڊوانٽيج (انگريزي ٻولي: Comparative advantage) بين الاقوامي واپار ۾ لاڳو هن اصطلاح مطابق، ڪنهن به هڪ شخص، ڌُر يا مُلڪ کي ڪنهن مخصوص وکر يا خدمت جي پيداوار/ صلاحيت گهٽ کان گهٽ مُلهه تي، منڊيءَ ۾ مُهيا ڪرڻ جي خوبي هوندي آهي. انهيءَ خوبيءَ تحت وڌ کان وڌ صلاحيتون استعمال ڪندي معيار ۽ مقدار جي لحاظ کان ٻين شخصن/ ڌُرين ۽ ملڪن کي مات ڏيئي ڪو به وکر/ خدمت مُهيا ڪندي سرسي حاصل ڪئي ويندي آهي. هي اصطلاح ڪنهن هڪ ڌر جي واپاري رتبي کي منڊيءَ ۾ سگهارو ڪندي، کيس بين الاقوامي سياست ۾ به اهميت ڏياري ٿو، ڇاڪاڻ ته اُها ڌُر پنهنجي ضرورتن کي پورو ڪندي، پيدا ڪيل اضافي وکر کي امداد، قرض يا ٻين رُخن ۾ استعمال ڪري پنهنجي سياسي ايجنڊا کي اڳتي وڌائي ٿي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. سنڌي آنلائين ڊڪشنري[مئل ڳنڍڻو] پاران سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد