ميڪش سومرو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
فائل:Maikush Soomro.jpg
ميڪش سومرو

ميڪُش سومرو نوجوان ٽهيءَ جو هڪ نمائنده شاعر آهي، سندس شاعريءَ جي بهترين چونڊ، ڪتاب ”موکي مَٽ اُپٽيا“ ۾ ڇپجي چڪي آهي. اهو ڪتاب نوجوان ٽهيءَ جي ڏهن شاعرن جو گڏيل مجموعو آهي جنهن جو مهاڳ سنڌي ٻوليءَ جي بهترين شاعر امداد حسينيءَ لکيو آهي. ميڪش سومرو شاعري کان علاوه ڪجهه تنقيدي مقالا پڻ لکيا آهن. سندس شاعري سنڌي ٻوليءَ جي تقريباً سمورن مخزنن ۽ اخبارن ۾ ڇپجي چڪي آهي، جنهن ۾ ”سوجهرو“، ”ڪينجهر“، ”سنڌ رويو“، ”ادب“، ”عبرت ميگزين“، ”مهراڻ“ ۽ ”مومل“ وغيره شامل آهن. ميڪش سومرو جا غزل ادبي پروگرامن ۾ تمام گهڻا پسند ڪيا وڃن ٿا. هن غزل جي صنف کان علاوه نظم، آزاد نظم، وائي، بيت وغيره تي بھ طبع آزمائي ڪئي آهي.

ميڪش سومرو جي شاعريءَ مان ڪجهه سٽون نموني طور هيٺ ڏجن ٿيون.

خوب کان خوب تر جي ڳولا آ
ڄڻ ته پنهنجي اندر جي ڳولا آ
گل هٿن ۾ پڙهي پئي ڪتبا
هن کي ڪنهنجي قبر جي ڳولا آ
تنهن کان ڪهڙو پڇان پتو تنهنجو
جنهن کي پنهنجي ئي گهر جي ڳولا آ.