مدد:پيامي ۽ انتظامي سانچن کي هٽائڻ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

وڪيپيڊيا، کليل ڄاڻ چِيڪلي جي ڪيترن ئي مضمونن ۾، پيامي ۽ انتظام وارا سانچا استعمال ٿيل هوندا آهن، اوهان ان سانچي تي پيامي ۽ انتظامي سانچن کي ڪڏنهن ۽ ڪيئن ڪڍيو وڃي تي ڪلڪ ڪري شايد هتي پهتا آهيو.

پيامي ۽ انتظام وارن سانچن کي ڪير به، ڪنهن مضمون ۾ شامل ڪري سگھي ٿو، يا وري انهن کي هٽائي سگھي ٿو. هي مضمون پيامي ۽ انتظامي ساچن جي هٽائڻ بابت آهي.

خلاصو

سنڀال وارا سانچا، پاڻ مرادو ختم نه ٿيندا آهن، ڀل اوهان پيامي ۽ انتظام واري سانچي ۾ ڏسيل مسئلي کي حل ڪري چڪا هجو. اهو سانچو ان وقت تائين اتي موجود ئي رهندو جيسيتائين، اوهان يا ڪو ٻيو، ان کي هٽائي نٿو. اهڙن سانچن کي هٽائڻ انتهائي آسان آهن، مضمون ۾ ”وسيلو سنواريو“ تي ڪلڪ ڪري، سانچي جي ڪوڊ کي ختم ڪيو ۽ مضمون کي ڇاپيو. سانچي جو ڪوڊ هن قسم {{ناحوالا}} جو ٿيندو آهي.

اهو درست عمل نه هوندو، جڏهن سانچي ۾ ڏيکاريل مسئلو حل نه ڪيو ويو هجي ۽ ان کان اڳ ئي اوهان سانچي کي اتان هٽائي ڇڏيو.

وڪيپڊيا اوهان جهڙن رضاڪارن جي محنت سبب هلي رهيو آهي، پر ترميم ڪرڻ وقت، ڪنهن جي ڌر نه بڻجو، مسئلي جي حل کان پوءِ اوهان پيامي ۽ انتظام واري سانچي کي هٽائي سگھو ٿا، ۽ اهو ضروري پڻ آهي.

ڄاڻيل مسئلي کي حل ڪريو

اسان کي خبر ناهي ته پيامي ۽ انتظام واري ڪهڙي سانچي اوهان کي هن صفحي تائين آندو آهي، ڇو ته اهي سنچا مختلف مسئلن جي حل لاءِ مضمونن ۾ شامل ڪيا ويندا آهن، پر هر سانچي ۾ ڪيترائي ڳنڍڻا مدد لاءِ شامل هوندا آهن، جن جي ذريعي اوهان مخصوص مسئلي جي باري ۾ ڄاڻ حاصل ڪري سگھو ٿا.

اڪثر مسئلن حوالن جي اڻ پوري هجڻ جي متعلق هوندا آهن، ڇو ته حوالا ڏيڻ ۽ معروفيت، قابل تصديق، غير جانبدار نقطي نظر ۽ اصل تحقيق ناهه وڪيپيڊيا جي پاليسي ۾ اولين ترجيع جا حامل آهن.

مثال

جيڪڏهن مضمون ۾ قابلِ تصديق حوالن جو مسئلو هجي ته، سانچو {{ناحوالا}} استعمال ڪري سگھجي ٿو.

مثال:

مٿي سانچي ۾ ڪيترائي ڳنڍڻا شامل آهن، جيڪي نيري رنگ سان ڏيکاريل آهن. جيڪڏهن انهن ڳڍڻن کي ڪلڪ ڪبو ته خبر پوندي ته اهو سانچو ڇو لڳايو ويو آهي ۽ ان کي ڪيئن هٽائي سگھجي ٿو.

  • قابلِ تصديق: هي ڳنڍڻو اوهان کي قابل حوالا طرف وٺي ويندو.
  • مستند حوالا: هي ڳنڊڻو اوهان کي معروفيت طرف وٺي ويندو.

ڪهڙو به سانچو هجي ان ۾ ڏيکاريل ڳنڍڻا اوهان کي ان مسئلي جي طرف وٺي ويندا جنهن لاءِ سانچو استعمال ڪيو ويو آهي.

ڪڏهن هٽائجي

مضمون ۾ سانچو هميشه لاءِ نٿو لڳائي سگھجي، ڪو به رضاڪار پنهنجي مفاد کان سواءِ، ان سانچي کي هٽائي سگھي ٿو. هيٺين ڳالهين کي ڌيان رکي پوءِ سانچي کي هٽايو.

  • ڏسيل مسئلو حل ٿي چڪو آهي.
  • مضمون متعلق وڪيپڊيا جي بحث ۾ اهو طئي ٿيو هجي ته ان سانچي جي هاڻ ضرورٿ ناهي.

ڪڏهن نه هٽائجي

ان وقت تائين سانچي کي نه هٽايو جيسيتائين هيٺ ڏنل مسئلا موجود هجن.

  1. ڄاڻيل مسئلا حل ناهن ڪيا ويا.
  2. سانچي ۾ ڏيکاريل مسئلي جي حوالي سان بحث هلي رهيو هي.
  3. اوهان کي مضمون سنوارڻ جا پيسئا مليا هجن يا اوهان جو ڪو ٻيو مفاد هجي.
  4. سانچي ۾ ڄاڻيل مسئلو اوهان کي سمجهه ۾ نه پيو اچي.

هٽائڻ

ڇا اوهان ڄاڻيل مسئلي متعلق مددگار مضمون کي غور سان پڙهيو آهي، ۽ مسئلي کي حل ڪيو اٿو؟ يا اوهان جي سمجهه مطابق ته هاڻ ان سانچي جي ضرورت ناهي. تمام سٺو اوهان ان سانچي کي هٽائي سگھو ٿا.

  1. مضمون ۾ ”وسيلو سنواريو“ کي ڪلڪ ڪيو.
  2. ان کان پوءِ مضمون جي مٿان ۽ ٻي ڪنهن سرخي جي مٿان سانچي جو ڪوڊ {{سانچي جو نالو|تاريخ=مهينو سال}} هٽائي ڇڏيو.
  3. خلاصو ترميم ۾ پيغام ڇڏيو
  4. هن بٽڻ صفحو ڇاپيو کي ڪلڪ ڪيو.

بس ايترو ئي هو، اوهان جي مهرباني