مداخلت

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

مداخلت، وچ ۾ پوڻ يا انٽروينشن (Intervention) مان مراد ڪنهن به ملڪ جي سالميت ۽ اعليٰ حاڪميت واري حق جي لتاڙ ڪرڻ کي سندس معاملن ۾ ’وچ ۾ پوڻ‘ جي عمل چئجي ٿو. اها مداخلت سڌي ۽ اڻ سڌي طرح ٿيندي آهي. پهرئين قسم مطابق، هڪ ملڪ پنهنجون فوجون ٻئي ملڪن ۾ لاهيندو آهي. ان جو واضح مثال آمريڪا جي ويٽنام ۽ سوويت فوجن جي افغانستان ۾ مداخلت آهي. ٻئي قسم جي مُداخلت تحت طاقتور ملڪ پنهنجين اقتصادي نيتين ذريعي ڪمزور ملڪ جي سياسي ۽ اقتصادي ماحول تي اثرانداز ٿئي ٿو. پهرئين قسم جي مداخلت سان خطي ۾ ”طاقت جي توازن“ ۾ هڪجهڙائي نٿي رهي. هن اصطلاح جو ٻيو مطلب هاڪاري به ٿيندو آهي. جنهن مطابق ڪنهن علائقي ۾ انساني حقن جي لتاڙ عروج تي هُجي، يا بيماري خطرناڪ شڪل اختيار ڪري وئي هُجي يا گهرو لڙائي ختم نٿي ٿئي، ته ڪا سگهاري يا وسيلن واري طاقت (يا بين الاقوامي ادارو) ’ مداخلت ‘ ڪري ان صورتحال ۾ بهتري آڻيندي آهي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. سنڌي آنلائين ڊڪشنري[مئل ڳنڍڻو] پاران سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد