محمد عثمان ميمڻ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
محمد عثمان ميمڻ

محمد عثمان ميمڻ (انگريزي: Muhammad Usman Memon) سنڌ ۾ جنم وٺندڙ سنڌي ٻولي جو مشهور شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ ناٽڪ نويس آهي. سندس ڪيترائي ڪتاب شايع ٿيل آهن.

زندگي جو احوال[سنواريو]

ممحمد عثمان ميمڻ دادو ضلعو هاڻ ڄامشورو ضلعو جي سيوهڻ تعلقو جي بوبڪ شهر ۾ محمد بچل ميمڻ جي گهر ۾ پهرين اپريل 1952ع تي پيدا ٿيو. سندس خاندان بعد ۾ لڏپلاڻ ڪري دادو شهر ۾ رهائش پذير ٿيو.[1]

تعليم[سنواريو]

عثمان ميمڻ پرائيمري ۽ مذهبي تعليم دادو جي هڪ مدرسي ۾ حاصل ڪئي. هن عربي ۽ فارسي ٻوليءَ جي تعليم دارالفيوز دادو مان حاصل ڪئي. مئٽرڪ گورنمينٽ پائلٽ هاءِ اسڪول دادو منجهان ڪيائين. جڏهن تہ انٽر سائنس جو امتحان جامعه مليہ ڪاليج ملير مان پاس ڪيائين.

ادبي خدمتون[سنواريو]

محمد عثمان ميمڻ لکڻ جي شروعات 1975ع ۾ ڪئي. هن شاعري سان گڏ ڪهاڻيون ۽ ڊراما لکيا. سندس شاعري ۽ ڪهاڻيون سنڌي ٻوليءَ جي معياري رسالن ۾ شايع ٿيون. هيءُ پاڪستان ٽيليويزن ڪراچي سينٽر تي اسڪرپٽ ايڊيٽر رهيو جنهن دوران سندس ڊراما پڻ نشر ٿيا. هن جو پي ٽي وي ڪراچي سينٽر تان "پسي ڳاڙها گل" ء "چريو" ٽيليڪاسٽ ٿيا.  ان کان پوءِ عثمان ميمڻ جا ڊراما سنڌي جي نجي چئنلن ڪي ٽي اين ۽ سنڌ ٽي وي تان 2005ع ۾ نشر ٿيڻ لڳا. هن جي شاعري ۾ رهنمائي سنڌ جي سدا حيات شاعر استاد بخاري ڪئي. محمد عثمان ميمڻ سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري ۾ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جو ڊائريڪٽر پڻ رهيو. ان کانسواءِ سنڌي ادبي سنگت شاخ دادو ۽ استاد بخاري اڪيڊمي دادو سنڌ جو بہ گهڻو عرصو ميمبر رهيو. سندس ڊرامن ۽ ڪهاڻين جا موضوع منفرد آهن.[2]

ڪتاب[سنواريو]

  • سنگيت سنسار، موسيقي، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، 2008ع
  • سنڌ جي قديم آثارن جي ڊائريڪٽري، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، 2008ع
  • ڏکڻ ايشيا جي ٻولين ۽ لپيُن جي ڊائريڪٽري، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، 2010ع
  • تعميرات جي لغت، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، 2010ع
  • ڏيهي پرڏيهي ساز، سنڌالاجي، 2011ع
  • تجارت ۽ بئينڪاري جي لغت، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، 2011ع
  • بلوچستان جي قديم آثارن جي ڊائريڪٽري، 2013ع

وفات[سنواريو]

محمد عثمان ميمڻ 8 ڊسمبر 2021ع تي ڪينسر جي مرض سبب وفات ڪري ويو.[3]

حوالا[سنواريو]

  1. سنڌي ٻوليءَ جو نامور اديب، محقق، ڪهاڻيڪار ۽ ڊرامه نويس محمد عثمان ميمڻ | SindhSalamat, وقت 2017-10-19 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2018-02-16 
  2. "Poets and writers". Aziz Kingrani. حاصل ڪيل 2022-07-27. 
  3. Moderator, The Time News. "انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جو اڳوڻو ڊائريڪٽر عثمان ميمڻ لاڏاڻو ڪري ويو". The Time News. حاصل ڪيل 2022-07-27.