ماڻڪ ڪنگراڻي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ماڻڪ ڪنگراڻي
Manik Kingrani

ماڻڪ ڪنگراڻي
پيدائش ڳوٺ حاجي ماڻڪ خان ڪنگراڻي، جوهي تعلقو، دادو ضلعو، سنڌ
ڌنڌو ، ليکڪڪهاڻيڪار
صحافي
ڊراما نويس
ٻولي سنڌي, اردو
رهائش ڪراچي
قوميت پاڪستاني
تعليم ايم. اي، سنڌي ادب
مادرِ علمي سنڌ يونيورسٽي
دور هاڻوڪو
موضوع ڪهاڻيڪار، ڊراما نويس، صحافي
ايوارڊ بهترين ڊراما نگار پي ٽي ويڪراچي اوارڊ
رشتيدار عزيز ڪنگراڻي، نصراللہ ڪنگراڻي

ماڻڪ ڪنگراڻي انگريزي ٻولي (Manik Kingrani) سنڌ پاڪستان جو سنڌي ۽ اردو زبان جو شاعر، ڪهاڻيڪار، ڊرامه نگار ۽ صحافي آهي. سندس ڪافي ڪتاب ۽ ڪيترائي ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۽ ڪراچي سان گڏ پي ٽي وي ڊرامه پاڪستان ٽيليويزن نيٽورڪ ڪراچي، سنڌ ٽي وي ۽ ڪي ٽي اين ڪراچي تان ٽيليڪاسٽ ٿيا آهن ۽ ٿين پيا.[1]

زندگي جو احوال[سنواريو]

عزيز ڪنگراڻي جي ننڍي ڀاءُ ماڻڪ ڪنگراڻي جو پورو نالو ماڻڪ خان ڪنگراڻي ولد سومار خان ڪنگراڻي آهي. سندس جنم دادو ضلعي، جوهي تعلقي جي ڳوٺ حاجي ماڻڪ خان ڪنگراڻي ۾ 26 مارچ 1978تي ٿيو. هن پرائمري تعليم ڀر واري ڳوٺ گل محمد گنب جي پرائمري اسڪول مان 1990ع ۾ حاصل ڪئي. ميٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول جوهي 1995ع ۽ انٽر 1997ع ۾ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج جوهي منجهان ڪئي. بي.اي استاد بخاري ڊگري ڪاليج دادو مان ۽ ايم.اي سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان حاصل ڪيائين.

ادبي خدمتون[سنواريو]

ماڻڪ ڪنگراڻي لکڻ جي شروعات 1993ع کان ڪهاڻيوڻ لکڻ سان ڪئي، سندس پهرين ٻارن لاءِ ڪهاڻي “رمون جي عيد” روزانه عوامي آواز ڪراچي ۾ ڇپي ان پوءِ ٻارن لاءِ توڙي ٻيون ڪهاڻيون روزاني جاڳو ڪراچي، روزاني سنڌ سجاڳ ڪراچي، ماهوار سنڌ سجاڳ ڪراچي ، عبرت ميگزين حيدرآباد، نئين زندگي حيدرآباد، ڪينجهر، هالار ميگزين حيدراآباد ، سنڌ رنگ ميگزين حيدرآباد، هزارداستان ميگزين حيدرآباد ، سنڌو ميگزين حيدرآباد ، سورهيه ميگزين حيدرآباد، ٽماهي مهراڻ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، سوجهرو ميگزين ڪراچي، نئون نياپو ميگزين ڪراچي کان سواءِ ٻين مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ ڪهاڻيون، مضمون ۽ شاعري شايع ٿي آهي. حيدرآباد توڙي ڪراچي مان نڪرندڙ اهم رسالن ۾ ڇپيو 1999ع ڌاري حيدرآباد مان صحافت جي شروعات ڪيائين. ان ئي دور ۾ ريڊيو تي 2003ع کان ڊراما لکڻ جي شروعات ڪيائين. سندس لکيل ڊراما ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۽ ڪراچي تان نشر ٿيا آهن. جڏهن ته سنڌي اردو ڊرامه پاڪستان ٽيليوزن ڪراچي، ڪي ٽي اين۽ سنڌ ٽي وي سميت سمورن نجي چينلن تان ٽيليڪاسٽ ٿيا آهن، سندس اردو ڊرامو بدلتا هي رنگ ۽ سنڌي ڊرامه ريشمي ڏور، اڌورو خواب ،رڻ ۾ رات ٺري. کاٽ، مياڻ ، وياج، کوٽو سڪو ۽ اکرڀور ذڪر لائق ڊرامه آهن. جڏهن ته صحافي طور روزانه ڪاوش حيدرآباد, روزانه ڪوشش حيدرآباد، سنڌو حيدرآباد، تعمير سنڌ حيدرآباد، واڪا ڪراچي، جيجل ڪراچي، امت ڪراچي ، پاڪ ڪراچي، هلال پاڪستان ڪراچي، عوامي آواز ڪراچي، ڪي ٽي اين ڪراچي، سنڌ ٽي وي ڪراچي ۽ مهراڻ ٽي وي ۽ اردو اخبارن ۾ رپورٽر ، سب ايڊيٽر ، اسڪرپٽ ايڊيٽر طورڪم ڪري چڪو آهي سندس صحافت توڙي لکڻ پڙهڻ جو سلسلو جاري آهي .[2]

ايوارڊ[سنواريو]

ڊرامه[سنواريو]

پي ٽي وي سينٽر ڪراچي تان سندس آن ايئر سيريلن ۾ ريشمي ڏور، بي نشان، اردو ۾ بدلتي هين رنگ ۽ ٻيا شامل آهن.

ڪتاب[سنواريو]

حوالا[سنواريو]