مارڪو پولو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

مارڪو پولو
(اطالوي ۾: Marco Polo خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقامي ٻولي ۾ نالو (P1559) وڪي ڊيٽا تي
 

معلومات شخصيت
ڄم 15 سيپٽمبر 1254[1]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ ڄم (P569) وڪي ڊيٽا تي
موت 8 جنوري 1324 (70 سال)[2][3]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ موت (P570) وڪي ڊيٽا تي
عملي زندگي
پيشو واپاري،تلاش ڪندڙ،سفير،ليکڪ[4]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو پيشو (P106) وڪي ڊيٽا تي
دلچسپي سفارتڪاري[5]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو field of work (P101) وڪي ڊيٽا تي


هيءُ مضمون مشهور واپاري ۽ کوجيءَ متعلق آهي. ٻين امڪاني موضوعن لاءِ مارڪو پولو سلجھائپ ڏسندا.
مارڪو پولو

16 هين صديءَ ۾ چٽيل مارڪو پولو جي تصوير
پيدائش سيپٽمبر 15 1254ع(1254ع-09-15)
وينس، رياست وينس (also claimed by Curzola, today Korcula in Croatia)
وفات 9 ئين جنوري 1324ع تي يا ان کان پوءِ
وينس، رياست وينس

مارڪو پولو (لاطيني خط ۾ Marco Polo) (سيپٽمبر 15، 1254ع[6] – جنوري 9، 1324ع ۽ جُون 1325ع جي وچ ۾[7]) هڪ واپاري ۽ کوجي هو، جنهن پنهنجي عالمگير سفرن جي ڪري مشهوري ماڻي، جن جو احوال Il Milione ("The Million" ۽ The Travels of Marco Polo) ڪتابن ۾ ڏنل آهي.
مارڪو، سندس پيءُ نيڪولو ۽ چاچو مافيئو انهن اولين مغربين مان هئا جن شاهراهه ريشم ذريعي چين تائين سفر ڪيو ۽ چنگيز خان جي پوٽي قبلائي خان سان ملاقات ڪئي، جيڪو منگول سلطنت (元朝، يُوئان عهد) جو تخت نشين هو.

1259ع ۾ اوڀر ڏانهن اسهڻ لاءِ نيڪولو پولو ۽ مارڪو پولو قسطنطنيه کان روانا ٿيندي.

نِيڪولو پولو ۽ مافيئو پولو جا سفر[سنواريو]

پولو، تاتار ڪپڙا پهريل،تصوير جي ڇاپي جي تاريخ نامعلوم

پولو خاندان درحقيقت کوجي يا مهمجُو نه پر تاجر يعني واپاري هو. مارڪو پولو جو پيءُ نيڪولو ۽ چاچو مافيئو تمام سکيا ستابا واپاري هئا. ٽين ڀاءُ سان به سندن ڀاڱيڀائيواري هئي، جنهن جو نالو پڻ مارڪو هو ۽ جيڪو il vecchio يعني کانئن وڏو هو.

1256ع ڌاري، ٻئي ڀائر يعني نيڪولو ۽ مافيئو قسطنطنيه جي وينسي بيٺڪيت ۾ رهندا هئا، جتي کين سياسي مراعتون ۽ ٽيڪس ۾ ڇُوٽ مليل هئي. مگر پولو خاندان شهر جي سياسي صورتحال جي سنگينيءَ کي سمجھي ورتو ۽ هنن پنهنجو ڪاروبار اتر اوڀر ۾ واقع ڪرِيميئا جي شهر سولديئا منتقل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. سندن اهو فيصلو عقلمنداڻو ثابت ٿيو. نِيڪائِيا سلطنت جي حاڪم مائيڪل پالائيلوگُو 1261ع ڌاري قسطنطنيه تي هڪ ڀيرو وري قبضو ڪري ورتو ۽ هن ايندي ئي وينسي بيٺڪيت کي باهه ڏئي ڇڏي[8]. باندي بڻايل وينسي شهرين کي انڌو ڪيو ويو [8] ۽ جيڪي پناهه خاطر وينس جي ٻين بيٺڪيتن ڏانهن اسهندي هيڪاندي تعداد ۾ ٻيڙين تي سوار ٿي ڀڄي نڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا اهي آئيجن سمنڊ ۾ ٻڏي ويا.

نيڪولو ۽ مافيئو بخاره ۾، جتي هُو 3 سال ترسيا. کين هَلاڪُوءَ جي هڪ وفد (ساڄي پاسي) مشرق وڃي خان اعظم سان ملاقات جي دعوت ڏني.

ڪاري سمنڊ جي اترين ڪناري تي واقع سندن نئين رهائشگاهه، يعني سولديئا جي شهر ۾ وينسِي تاجر 12 صدي عيسويءَ کان ايندا رهيا هئا. 1223ع ۾ منگول فوج شهر تي حملا آور ۽ قابض ٿي هئي، پر اهو شهر پوريءَ ريت سندس تابع 1239ع ۾ ٿيو، جنهن کان پوءِ اهو سونهري لشڪر سڏجندڙ نئين منگول رياست جو حصو ٿي ويو. بهتر منعافن لاءِ پولا پنهنجو سفر جاري رکندي سَرائي پهتا، جتي سونهري لشڪر جي تخت نشين برڪي خان جي درٻار واقع هئي.

تنهن دور ۾ سرائي جو شهر هڪ وڏي قلعي کان وڌيڪ ڪجھه به نه هو، جيڪو ڪجھه ورهيه اڳ رُوبرُوڪائي وليم گھمي ويو هو. پولا اتي سال کن رهيا. ان کان پوءِ هنن واپس ڪريميئا وڃڻ بدران اڃا اوڀر ۾ اڄوڪي ازبڪستان جي شهر بخاره وڃڻ جو فيصلو ڪيو، ڇاڪاڻ ته ان وقت ڪريميئا ۾ برڪي خان ۽ سندس سئوٽ درميان خانه جنگي هلي رهي هئي. بخاره ۾ هُو ٽي سال ترسيا ۽ واپار (تجارت) ڪندا رهيا.

نيڪولو ۽ مافيئو پولو 1271ع ڌاري قبلائي خان جو خط پوپ گريگري X جي حوالي ڪندي.

1264ع ڌاري، نيڪولو ۽ مافيئو ايل خان هلاڪُوءَ جي هڪ سفارتي وفد سان شامل ٿيا، جيڪو خان اعظم قبلائي خان وٽ وڃي رهيو هو. هُو 1266ع ۾ منگول راڄڌاني، يعني چين جي شهر خان بالق (اڄوڪو بيجڱ) پهتا.

هن پنهنجي ڪتاب ايل ميليوني ۾ بيان ڪيو آهي ته ڪهڙيءَ ريت قبلائي خان کين سرڪاري حيثيت ۾ آڌرڀاءُ ڪيو ۽ پوءِ ڪوئيڪيتي نالي هڪ منگول ساڻ بطور سفارتڪار پوپ ڏانهن اماڻيو. هُو ساڻن هڪ خط کڻي ويا، جنهن ۾ قبلائي خان پڙهيل لکيل فردن کي اچڻ جي دعوت ڏيندي چيو ته هُو سندس ملڪ اچي سندس عوام کي عيسائيت ۽ مغربي تهذيب جي سکيا ڏين. ان کان سواءِ هُو ساڻن پيزا paiza نالي ٽي انچ ويڪري ۽ هڪ فوٽ ڊگھي سوني تختي کڻي ويا، جنهن سان کين قبلائي خان جي سموري سلطنت ۾ ڪٿي به رهائش، کاڌي پيتي ۽ گھوڙن جي سهوليت ملي سگھي ٿي.

چين (Cathay) ڏانهن سفر ۽ خان لاءِ خدمات[سنواريو]

ڪنهن چيني شهر ۾ پولو خاندان جي آمد

مافيئو ۽ نيڪولو پولو قبلائي خان لاءِ پوپ جي ورندي کڻي 1271ع ڌاري ٻيهر چين ڏانهن روانا ٿيا. مارڪو پولو پنهنجي ڪتاب ۾ چين کي ”ڪاٿي‟ Cathay لکيو آهي. هن ڀيري نيڪولو پنهنجي پٽ مارڪو کي به ساڻ ڪيو ته ٻه ڀڪشو به همراهه ڪيائين، جن ڊپ باعث سفر پورو نه ڪيو. پولا 17 ورهيه چين ۾ ترسيا. ان دوران قبلائي خان جي رفاقت مارڪو پولو سان وڌي وئي، جيڪو هڪ دلڪش ۽ سحرانگيز نويسندڪار (Storyteller) هو.

مارڪو سفارتي خدمات انجام ڏيڻ سان گڏوگڏ مختلف ڏيهن ڏانهن سفر ڪندي حاصل ڪيل پنهنجا دلچسپ مشاهدا ۽ ڪهاڻيون ٻڌائي خان کي وندرائيندو پڻ هو. مارڪو لکي ٿو ته خان کيس سفارتي مهمن تي موڪلڻ کان علاوه کيس ٽن سالن لاء ياڱجھُو نالي هڪ وڏي تجارتي شهر جو گورنر پڻ مقرر ڪيو[9]. 1342ع جي لڌل ڪاتارِينا وِيلِيونِي جي مُقامِي پٿر جي درياف وارن دستاويز مان اهو ثابت ٿي ٿو ته 14هين صدي عيسويءَ دوران هڪ اطالوي ڪٽنب واقعي ياڱجھُو ۾ مقيم هو.

يورپ ڏانهن واپسي[سنواريو]

بقول مارڪو جي، هنن ڪيترا ئي ڀيرا واپس يُورپ ورڻ جي موڪل طلب ڪئي پر خان کانئن ايترو ته متاثر هو جو هُو کين موڪل ڏيڻ لاءِ راضي نه ٿي ٿيو.

نيٺ 1291ع ۾ وڃي قبلائي خان مارڪو تي منگول شهزادي ڪوڪاسِن (اِيل ميليوني Il Milione ۾ Cocacin) کي ايل خان (ارغون) ڏانهن نيڻ جي آخري ذميواري رکي. اهو وفد ڏاکڻي بندرگاهه وار شهر ڪانجھُو کان سمنڊ ذريعي روانو ٿيو. هُو سماترا، پوءِ هندستان ۽ سريلنڪا کان ٿيندا پرسيا (اڄوڪو ايران ) پهتا. هندستان ۾ هو مائيلاپور، مادُوراءِ کان سواءِ آليپِي پڻ ويا، جنهن کي مارڪو پولو مشرق جو وينس ڪوٺيو.

Il Milione[سنواريو]

Il Milione (اِيل مِيلِيوني) جي مسودي جو هڪ صفحو
پڻ ڏسندا: The Travels of Marco Polo

1295ع ڌاري چين کان واپسيءَ تي هُنن وينس ۾ سڪونت حاصل ڪئي، جتي هُو تمام گھڻا مقبول ٿي چڪا هئا ۽ کين ٻڌڻ لاءِ اهڙن ماڻهن جا هجُوم گڏ ٿي ويندا هئا جن کي هنن جو ڏورانهين چين متعلق ڏنل احوال ناقبل يقين لڳندو هو. هڪ روايت مطابق جيئن ته ماڻهن مٿس اعتبار نه ٿي ڪيو، مارڪو پولو کين سانجھاندي جي دعوت ڏني جنهن ۾ پولوئن چيني هارين جو سادو لباس پهريو. مانيءَ کان ٿورو ئي پهرين، پولوئن پنهنجا کيسا کولي سوين روبيون ۽ ٻيا ڳهه ڳٺا ڏيکاريا جيڪي کين ايشيا ۾ مليا هئا. جيتوڻيڪ وينس جا ماڻهو تمام گھڻو متاثر ٿيا پر اڃا به کين پولوئن تي شڪ هو.

سن 1298ع ۾ مارڪو پولو وينس ۽ جينوئا درميان لڳل هڪ معمولي جنگي مارڪي ۾ گرفتار ٿي ويو. هن ڪجھه مهينا جيل ۾ گذاريا. ان دوان هن ريستيڪيلو دا پيسا نالي هڪ ساٿي بانديءَ انهن چيني علائقن ڏانهن پنهنجي سير جو تفصيلي احوال ڏنو، جيڪي تڏڻي اڻ ڄاتل هئا.

مارڪو پولو جي ڪتاب تي اِيل مِيليوني جو نالو پئجي ويو، جيڪو يا ته پولو خاندان جي عام نالي Emilione تان ورتل آهي يا وري لفظ مِليَن million تان، جيڪو تڏڻي هڪ انتهائي وڏو انگ سمجھيو ويندو هوندو. اهو ڪتاب قديم فرانسيسيءَ ۾ لکيل آهي، جيڪا پولو نه ڳالهائيندو هو.

اِيل مِيليوني سڏجندڙ ان ڪتاب جو اصل عنوان Le divisament dou monde (دنيا جي تشريح) هو ۽ اهو قديم فرانسيسيءَ ۾ لکيل هو، جيڪا پولو ڪا نه ڳالهائيندو هو. جلد ئي اهو ڪتاب يورپ جي ڪيترين ئي ٻولين ۾ ترجمو ٿي ويو ۽ ان جي انگريزي ترجمي جو عنوان The Travels of Marco Polo آهي. ڪتاب جي اصل ڪاپي وڃائجي وئي ۽ هاڻي ان جي ترجمي جا ڪيترا ئي مسودا ميسر آهن، جيڪي اڪثر جاين تي هڪ ٻي سان متضاد آهن. ڪتاب تڪڙي ڪاميابي ماڻي؛ جيڪا تنهن دور ۾ هڪ وڏي ڪاميابي هئي جڏهن يُورپ ۾ ڇپائيءَ جا طريقا به مانوس نه هئا.

پڇاڙيءَ جا سال[سنواريو]

آخرڪار 1299ع جي اونهاري ۾ مارڪو پولو قيد مان آزاد ٿيو ۽ پنهنجي شهر وينس وريو، جتي سندس پيءُ ۽ چاچي ڪوٺيءَ (ڪمپني) جي منافعي مان شهر جي مرڪزي علائقي ڪونترادا سنت جوواڻي ڪرسوستومو ۾ هڪ وڏو گھر خريد ڪيو هو.

سندن ڪوٺيءَ جو ڪاروبار جاري ساري رهيو ۽ هيستائين مارڪو هڪ مالدار واپاري بڻجي چُڪو هو. جيتوڻيڪ هن پنهنجي ذاتي خرچ سان ڪيترين ئي سفري مهمن لاءِ مالي سهڪار ڪيو، پر هُو پاڻ وري ڪڏهن به وينس کان ٻاهر نه ويو. سن 1300ع ۾ هن هڪ پراڻي، معزز شاهي خاندان سان تعلق رکندڙ دوناتا بادوئر نالي هڪ عورت سان شادي ڪئي، جنهن مان کيس فنتينا، بيليلا، ۽ موريتا نالي ٽن ٻارن جو اولاد ٿيو. اڳتي هلي انهن سڀني جون معزز خاندانن ۾ شاديون ٿيون.

1310ع ۽ 1320ع درميان هن پنهنجي ڪتاب ايل ميليوني (Il Milione) جو نئون ورزن اطالوي ٻوليءَ ۾ لکيو. اهو مسودو گم ٿي ويو، پر گم ٿيڻ کان اڳ فرانچيسڪو پيپينو نالي هڪ فرانچيسڪوي ڀڪشو ان جو لاطينيءَ ۾ ترجمو ڪري ورتو. ان لاطيني ورزن جو بعد ۾ وري اطالوي ترجمو ڪيو ويو، جنهن ڪري ڪتاب جي مختلف ڇاپن ۾ تضاد پيدا ٿي ويا.

مارڪو پولو جنوري 1324ع ڌاري پنهنجي گھر ۾ وفات ڪري ويو، جڏهن سندس ڄمار لڳ ڀڳ 70 سال هئي. کيس سنت لورينزو جي گرجاگھر ۾ دفنايو ويو.

تاريخي ۽ ثقافتي اثرَ[سنواريو]

هانگجُو، چين ۾ اولهندي ڍنڍ ويجھو مارڪو پولو جو مجسمو

جيتوڻيڪ ڪنهن به لحاظ کان پولا زميني سفر ذريعي چين پهچندڙ پهريان يُورپي نه هئا (مثال طور، Radhanites ۽ Giovanni da Pian del Carpine ڏسندا)، پوءِ به مارڪو پولو جي ڪتاب باعث سندن سفر پهريون مقبول عام سفر بڻيو ۽ اهو تڏڻوڪو ٿيل سفرن مان سڀ کان بهتر قلمبند ٿيل آهي.

ڏور اوڀر جي دولت ۽ ان جي مارڪو پولوي احوال کان متاثر ٿي ڪرستوفورو ڪولومبو انهن علائقن ڏانهن اولهندي دڳ تان پهچڻ جو فيصلو ڪيو. مارڪو پولو جي ڪتاب جو شديداً حاشيل پرت (heavily annotated copy) ڪرستوفورو ڪولومبو جي اثاثن مان هڪ هو[10].

ٻارن جي هڪ راند، سائنسي افسانن جي سلسلي Doctor Who جي هڪ ڪهاڻي، ۽ 1851ع ڌاري سنت جان نيو برَنسوِڪ ۾ جوڙيل هڪ ٻيڙي تي مارڪو پولو جو نالو رکيو ويو. مارڪو پولو نالي اهو ٻيڙو پنهنجي دور ۾ دنيا جو تيز ترين ٻيڙو هو، جنهن ڇهن مهينن کان به گھٽ عرصي ۾ سڄي دنيا گرد چڪر مڪمل ڪيو. اطالوي بحريه جي ڪيترن ئي ٻيڙن تي مارڪو پولو جو نالو رکيو ويو. وينس (اٽلي) جي هوائي اڏي جو نالو مارڪو پولو بين الاقوامي هوائي اڏو رکيو ويو آهي. مارڪو پولو اپگرهه پڻ ڏسندا. مارڪو پولو جي سفرن کي آئري ليکڪ Brian Oswald Donn-Byrne جي ڪتاب Messer Marco Polo، ۽ Gary Jennings جي ڪتاب The Journeyer ۾ افسانوي انداز سان پيش ڪيو ويو آهي. مارڪو پولو Italo Calvino جي ناول Invisible Cities ۾ پڻ بطور خاص ڪردار نظر اچي ٿو.

تناضع[سنواريو]

جنم ڀُومي ۽ نسل تڪرار[سنواريو]

مارڪو پولو جي ڄم جو هنڌ تڪراري آهي. پوري پڪ سان نه ٿو چئي سگھجي ته هو ڪٿي ڄائو هو، پر ڪي روايتون وينس ته ڪي وري ڪورزولا شهر کي مارڪو پولو جي جنم ڀومي ڄاڻائين ٿيون. مارڪو پولو جي دور ۾ ڪورزولا (اطالويءَ ۾: Curzola ۽ ڪروسيءَ ۾ Korčula) جو شهر وينس جي بيٺڪ هو، جڏهن ته اڄ اهو ڪروسيا جو حصو آهي. اتي اڄ به هڪڙو گھر موجود آهي، جنهن لاءِ مارڪو پولو جي جنم ڀومي هوڻ جي دعويٰ ڪئي ويندي آهي.

امڪاني لساني وابستگي[سنواريو]

اهڙي امڪان سبب ان تڪرار جنم ورتو ته آيه پولو وينسي هو يا ڪروٽ.[11] سو جيئن ته ڏکڻ دالماشيا جي ٻين ڪيترين علائقن جيان ڪُورزولا يا ڪورچُولا جي ٻيٽ ۾ به ڏکڻ سلاوي آباد هئا، تنهن ڪري پولو به ڪروٽ هوندو.

ڪُورزولا لاءِ ثابتيون[سنواريو]

مارڪو پولو جي جاءِ پيدائش ڪُورزولا هوڻ جي حق ۾ اهو چيو ويو ته ڪروسي ٻوليءَ جي چاڪاوي لهجي ۾ پول هڪ پکيءَ کي چيو ويندو آهي. چاڪاوي لهجو دالماسي ٻوليءَ جي

پڻ ڏسندا[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. full work available at URL: http://www.larousse.fr/encyclopedie/ — عنوان : Encyclopédie Larousse en ligne
  2. عنوان : Encyclopædia Britannica
  3. Treccani ID: https://www.treccani.it/enciclopedia/marco-polo_(Enciclopedia_Italiana) — مصنف: Institute of the Italian Encyclopaedia — عنوان : Enciclopedia on line
  4. full work available at URL: https://www.bartleby.com/lit-hub/library — مدیر: Charles Dudley Warner — عنوان : Library of the World's Best Literature
  5. NL CR AUT ID: https://aleph.nkp.cz/F/?func=find-c&local_base=aut&ccl_term=ica=jn19990005385 — اخذ شدہ بتاریخ: 27 جُولاءِ 2023
  6. Lloyd, J & Mitchinson, J: "The Book of General Ignorance". Faber & Faber, 2006.
  7. Polo, Marco (1875). "Marco Polo's Last Will". The Book of Ser Marco Polo, the Venetian: Concerning the Kingdoms and Marvels of the East. London: John Murray. pp. 69f. 
  8. 8.0 8.1 Zorzi, Alvise, Vita di Marco Polo veneziano, Rusconi Editore, 1982
  9. ان ڳالهه جي نشاندهي ڪئي وئي آهي ته سندس 'گورنري' دراصل هڪ تحريري چُڪَ هئي. تنهن دور جي چيني حوالن جي مطالعي ۽ ٻين آزاد ذريعن کان مليل ثابتين آڌار سندس ان دعويٰ تي ۽ سندس چين جي سفري مهمن واري سموري احوال تي عالمن گهري شڪ جو اظهار ڪيو آهي. مثال طور حوالا ۾ Wood, Frances ڏسو.
  10. Björn Landström, Columbus; Macmillan, NY, 1967; p.27
  11. Marco Polo | Biography, Travels, & Influence | Britannica.com