ماحولياتي انتظام ڪاڻ اُپُگِرَهِي عَڪس ضماءُ ۽ درجيبنديءَ جي طريقن جو اَڀياس
Wikipedia طرفان
|
[edit] ليکڪ
- احسان احمد عرساڻي
[edit] نگران پروفيسرس
- پروفيسر جوزيف غونسن
- پروفيسر ڪيديئو ٻالما
[edit] مهاڳ
آئون مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ پنهنجِي تدريسِي ذميوارين کان موڪلائي پي ايڇ ڊِي جِي تعليم لاءِ بتاريخ سيپٽمبر 22، 2005ع تي فرانس جي شهر غين پهتس، جيڪو بغُتاڃ صوبي جِي گاديءَ جو هنڌ آهي. مون غين ۾ واقع اِنسا Institut National des Sciences Appliquées de Rennes نالي تحقيقي اداري ۾ داخلا ورتي ۽ پروفيسر جوزيف غونسن جِي نگرانيءَ هيٺ ڪم شروع ڪيو. پروفيسر غونسَن اِنسا جِي عڪس تجربيگاهه ۾ پروفيسر آهي ۽ عڪس وَ ڏور اِندريات Image et Télédétection تحقيقي ٻارِيءَ جو هدايتڪار (ڊائيريڪٽر) آهي. اها ٻارِي انسا ۽ يونيورسٽي آف غين 1 جي محققن جِي گڏيل ٻارِي آهي. هتي پهچڻ کان پوءِ منهنجي نگران پروفيسر مون سان منهنجِي پِي ايڇ ڊِي رِٿا تي بحث ڪري مون کي رٿا جو نصب العين سمجهايو ۽ مون کي لٽريچر رِويُو ڪري ٽن مهنن اندر رپورٽ جمع ڪرائڻ لاءِ چيو. مون کي رپورٽ فرانسيسيءَ ۾ لکڻ جو چيو ويو پر فرانسيسي زبانَ تي گھربل عبور نه هوڻ ڪري مون رپورٽ انگريزيءَ ۾ لکِي پر زبانِي پريزنٽيشن فرانسيسيءَ ۾ ڏني. هن دستاويز ۾ ساڳِي رپورٽ جو سنڌي ترجمو پيش ڪري رهيو آهيان.
انگريزي زبان تي سٺو عبور رکندڙ ڪو به عام فرد جيڪڏهن انگريزيءَ ۾ لکيل پي ايڇ ڊي سطح جو ڪو به سائنسي ٽيڪنيڪي ادب پڙهندو ته يقيناً سمجهي نه سگهندو. ڇاڪاڻ ته پي ايڇ ڊي سطح جو ڪو به سائنسي يا ٽيڪنيڪي ادب ڪنهن مخصوص موضوع سان لاڳاپيل ڪيتري ئي مواد جي تمام گھڻي ۽ گهري مطالعي بعد ئي وجود وٺندو آهي، جنهن کي سمجھڻ لاءِ به يقيناً محض انگريزي زبانَ يا ڪنهن به واسطيدار ٻوليءَ تي دسترس هوڻ ڪافي نه آهي. انَ سطح جي سائنسي ۽ ٽيڪنيڪي موادَ اندر متعلقه موضوع سان سلهاڙيل ڪيترا ئي ٽيڪنيڪي اصطلاح مستعمل هوندا آهن، جيڪي عام پڙهندڙ لاءِ سمجھڻ جوڳا نه هوندا آهن. اهڙي مواد کي سمجھڻ لاءِ لاڳاپيل کيتر جو بنيادي علم ۽ مستعمل اصطلاحن جِي سمجھه هوڻ لازمي ٿي ٿو. تنهنڪري نه رڳو ڪيترا ئي سنڌي سائنسي اصطلاح جوڙي پيش ڪيا ويا آهن، بلڪه هنَ دستاويز جي پڇاڙيءَ ۾ اهڙن سمورن جوڙيل اصطلاحن جِي مڪمل سمجھاڻي ڏني وئي آهي ۽ ڪجھه اهڙا انٽرنيٽ ڳنڍڻا ڏنا ويا آهن، جتان انهن پٺيان لڪل سائنسي خيالَ کي سمجھڻ لاءِ امدادِي مواد ملي سگھي. جيڪڏهن لازماَ درڪار بنيادي ڄاڻَ ۽ پس منظر هوڻ باوجود هيءُ دستاويز سمجھه ۾ نه اچي يا ڪي جوڙيل اصطلاح اڻ وڻندڙ يا غير درست فهم ڏيندا محسوس ٿين ته انَ کي لکيڪ جِي اظهارِي يا لسانِي ڪمزورِي سمجھيو وڃي ۽ اهڙو تاثر هرگز به نه ورتو وڃي ته مٺڙِي ٻوليءَ ۾ ڪا ڪمزورِي آهي جيڪا اوهان کي بيان ڪيل سائنسي خيال سمجھڻ ۾ آڏو اچي رهي آهي.
جيئن ته هيءُ سنڌيءَ ۾ اِنَ سطح تي سائنسي علم لکڻ جو پهريون تجربو هو، تنهنڪري ضروري هو ته ڪيترن ئي انگريزي سائنسي اصطلاحن جا قابل فهم سنڌي بدل جوڙجن. اهڙو ڪم ڪٺن ضرور هو، پر انَ ڪم دوران منهنجو اهو يقين اڃا پختو ٿيو ته ٻين ڪيترين ئي جديد ٻولين، جهڙوڪ انگريزي ۽ فرانسيسيءَ جِي ڀيٽَ ۾ سنڌي زبانَ ۾ اظهاري قوت تمام گھڻي آهي. انَ احساس منهنجي عزم کي اڃا سگھارو بنايو ۽ آئون هنَ ڪاوش ۾ اڃا وڌيڪَ دلچسپيءَ سان جنبِي پار پهتس. هيءُ ڪم پنهنجِي جاءِ تي مشڪل ته هو ئي پر ذاتي طور اڻ لاڀائتو پڻ. هيءُ ڪم ذاتي طور منهنجي لاءِ ڪو به فائدو پهچائيندڙ نه ئي سهي، پر نهايت ئي ضرورِي هو. ڇاڪاڻ ته آئون هر لحاظ کان سنڌي ٻولي ۽ قوم جو مقروض ته اڳي ئي آهيان، پر جنهن اسڪالرشپ تي فرانس جي ملڪَ ۾ پڙهڻ آيو آهيان، تنهن جو خرچ سنڌ جي مشهور درس گاهه مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرڱ اينڊ ٽيڪنالاجي ڄامشورو برداشت ڪري رهي آهي. مهراڻ يونيورسٽي توقع ٿِي رکي ته آئون ڪاميابيءَ سان پِي ايچ ڊِي ڪرڻ بعد يونيورسٽيءَ جي انسٽيٽيونٽ آف ڪميونيڪيشن ٽيڪنالاجيز ۾ خدمتون سر انجام ڏيندس. مگر منهنجِي سمجھه مطابق منهنجو فرض اتي پُورو نه ٿو ٿي. جيئن ته آئون سنڌ جي قومي اداري جي خرچ ۽ هيتري ساري محنت ۽ مطالعي کان پوءِ متعلقه کيتر ۾ ڪجھه تصنيف ڪرڻ لائق ٿيو آهيان، تنهنڪري منهنجو اولين فرض ٿي ٿو ته آئون اهو سمورو علم پنهنجِي پيارِي مادرِي زبان ۾ به منتقل ڪريان.
جيڪڏهن ڪير اهو سوچي ته هنَ تحريرَ کي نظر انداز ڪندي ان مان ڪو به سنڌي لاڀُ نه پرائيندو ۽ منهنجِي هيءَ ڪاوش اجائي ويندِي؛ ته به آئون سمجهان ٿو ته انَ صورتَ ۾ به اهو سڀ ڪرڻ ضرورِي هو، ته جيئن ڪو سنڌي استاد اها دعويٰ نه ڪري سگهي ته سنڌيءَ ۾ لکي ئي نه ٿو سگھجي يا هُنَ سمورِي حياتي سنڌيءَ ۾ ان ڪري نه لکيو ڇاڪاڻ ته ڪنهن ٻي اهڙي پهل نه ڪئي هئي يا اهڙو ڪو مثال موجود نه هو؛ ۽ نه ئي ڪو سنڌي شاگرد اهو چئي سگهي ته گھٽ ۾ گھٽ هنَ موضوع تي کيس سنڌيءَ ۾ پڙهڻ جو موقعو نه مليو.
انجنيئر احسان احمد عرساڻي
[edit] تجرِيدَ
جيئن ته هن دستاويز جي عنوان مان ئي ظاهر آهي، هيءُ دستاويز بال عموم عڪس ضماءُ Image Fusion ۽ بال خصوص ڏور اِندرياتي عڪس ضماءُ Remote Sensing Image Fusion تي ٿيل تحقيق جي تازي ترين صورتحال پيش ڪرڻ لاءِ لکيو ويو آهي. هتي حواليل تحقيقي ڪم جو مواد ۽ عرصو ٻڌائي ٿو ته نه ڏُور اِندريات Remote Sensing جا طريقا غير بليغ آهن ۽ نه ئي عڪس ضماءُ جون ٽيڪنيڪون غير پختيون آهن. هن پدَ کي رسڻ کان اڳ ضماءُ جو کيتر ڪيترا ئي مرحلا ۽ ڊگھو سفر طَي ڪري چڪو آهي.
عڪس ضماءُ، در حقيقت، اعداد ضماءُ Data Fusion جِي مخصوص صورت آهي؛ ۽ تنهنڪري ضماءُ جون هيستائين دريافت ٿيل سموريون ٽيڪنيڪون ڪافي حد تائين فصيح آهن ۽ ايترن ئي وسيع ۽ متفرق اعدادِي ذريعن تي استعمال ڪيون ويون آهن جيترا آواز ۽ ٽريفڪ انتظام لاءِ مسافرن جي معلومات.
هن دستاويز جو مقصد ضماءَ جي طريقن تي وسيع تناظر ۾ پر مختصراً بحث ڪرڻ، ۽ عڪسي اعداد ضمائڻ لاءِ ميسر طريقن ۽ وسلين جو گهرو مطالعو پيش ڪرڻ؛ ۽ آخر ۾ ڏور اِندرياتي مصرفن لاءِ عڪس ۽ غير عڪس اعداد جي ضماءُ تي ٿيل تحقيقي ڪم جو تَتُ پيش ڪرڻ آهي. عڪس ضماءُ جي ميدان ۾ رونما ٿيل تازي ترين پيش رفت توڙي نون لاڙن جِي نشاندھي ڪرڻ کان اڳ ڪيترن ئي مختلف مصرفن ڪاڻ استعماليل عڪس ضماءُ جا طريقا مختصراً سمجھايا ويا آهن ۽ منجھائن حاصل ٿيل نتيجا پڻ پيش ڪيا ويا آهن.
جيئن ته عڪس ضماءُ لاءِ استعمال ٿيندڙ اڪثر ٽيڪنيڪون پنهنجي ڪارج ۾ جبلتاً وسيع ۽ فصيح آهن، تنهنڪري ڪيترن ئي همعصر کيترن هڪٻي جا رستا اورانگھيا آهن، جنهن ڪري هيستائين انجام ڏنل سموري تحقيقي ڪم کي هڪ ئي نڪتي تي يڪجا ڪرڻ اڃا مشڪل ٿي پيو. ته به، آئون اميدَ ٿو ڪريان ته هيءُ دستاويز انَ کيتر جي عُروج پَدَ جا جيڪڏهن سمورا نه ته اڪثر پهلو ضرور اجاڳر ڪري ٿو ۽ زيرِ بحث مضمون ۾ ايتري ڳوڙهي نظر وجھي ٿو جو هيءُ دستاويز مطالعي لائق ٿي سگھي.
عڪس ضماءُ جي ٽيڪنيڀياسن کي ماحولياتي انتظام ڪاڻ استعمال ڪرڻ واري نصب العين تي زور ڏيندي، ماحولياتي مطالعات تي، بال خصوص آبگاهن جي مطالعات تي ڪجھه ڇپايل تحقيقي ڪم جا حوالا پيش ڪيا ويا آهن.
[edit] تعارف
[edit] اعداد ضماءُ Data Fusion
مختلف ليکڪن اعداد ضماءَ يا ڊيٽا فيوزن جي اصطلاح کي مختلف طريقن سان بيان ڪيو آهي. ل. والڊ اعدادِي ضماءُ جي وصف هيئن ٿو ڏي، ”اهو هڪ اهڙو رسمي فريم ورڪ آهي، جنهن ۾ مختلف ذريعن کان حاصل ٿيل ڄاڻ کي ضم ڪرڻ لاءِ واضح طور طريقا ۽ اوزار ميسر ڪيل هجن. ان جو مقصد اعليٰ سڀاوَ جِي ڄاڻَ حاصل ڪرڻ آهي، جڏهن ته اعليٰ سڀاوَ جو مطلب ۽ وصف ضماءُ جي مصرف تي دارومدار رکن ٿا”[1]. ڊ. ل. هال ۽ ج. ليناز موجب، ”اعدادي ضماءُ جون ٽيڪنيڪون ڪيترن ئي ذريعن کان وصول ٿيندڙ اعداد، ۽ ڪيترن ئي متعلقه اعداد خانن Databases مان ملندڙ معلومات کي گڏين ٿيون ته جيئن بهتر تُزگي حاصل ڪري ۽ اڃا باريڪ نتيجا اخذ ڪري سگھجن [2] .
انگريزي سائنسي ادب ۾ فيوزن Fusion جي جاءِ تي ڪڏهن ڪڏهن مرجڱ Merging ، ڪمبائينڱ Combining ، سنرجي Synergy ، الائنس Alliance ۽ انٽيگريشن Integration وغيره جا اصطلاح به استعمال ٿيندا آهن. [3] ۾ ل. والڊ انهن ۽ اهڙن ٻين ڪيترن ئي اصطلاحن ۽ وصفن تي تفصيلي بحث ڪيو آهي.
[edit] عڪس ضماءُ
عموماً، مختلف يا هڪ ئي اِندرِيءَ مان حاصل ٿيندڙ عڪسن مان هڪڙو عڪس جوڙڻ کي عڪس ضماءُ يا اميج فيوزن چيو ويندو آهي. اڃا به وسيع معنيٰ ۾ عڪس ضماءَ کي ڄاڻوڪي ضماءَ جو هڪ مخصوص پهلو سڏي سگھجي ٿو. پول ۽ وان جينڊيرن عڪس ضماءُ کي هيئن بيان ڪن ٿا، ”وڌيڪ ڄاڻَ رکندڙ نئون عڪس جوڙڻ خاطر ڪا به الخوارزمِي اختيار ڪندي ٻن يا گھڻن عڪسن جو امتزاج ڪرڻ“ [4]. عڪس ضماءُ جون ڪيتريون ئي تنگ تناظُري وصفون آهن، جن جو تتُ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي آئون عڪس ضماءَ کي هيٺينءَ ريت بيان ٿو ڪريان:
”مختلف قسمن جي، مختلف تحلل Resolution وارن ۽ مختلف ذريعن کان وصول ٿيل عڪسن ۽ غير عڪسن Non-Images مان حاصل ٿيندڙ ڄاڻ کي گڏ ڪري هڪ ئي عڪس يا غير عڪس نمائندگيءَ جو روپ ڏيڻ کي عڪس ضماءُ چئجي ٿو“.
[edit] عڪس ضماءُ جا مصرف
جيتوڻيڪ مختلف ذريعن کان حاصل ٿيل عڪسن جو ضماءُ طبي عڪسڪاري Medical Imaging ، پٿويکي عڪسڪاري Microscopic Imaging ، ڏُور اِندريات Remote Sensing ، ڳڻپيوڪر بصارت Computer Vision ، ۽ روبوٽيات Robotics جهڙن انيڪ کيترن ۾ ڪارائتو آهي، پر انهن سڀني کي هيٺين ٽن مکيه گروهن ۾ ورهائي سگھجي ٿو:
- گھڻ فوڪسي ۽/ يا گھڻ تعابيل عڪس The Multi-focus and/or Multi-exposure Images
- ڏُور اِندرياتِي اُپُگِـرَهَن کان حاصل ٿيندڙ عڪس Images from Remote Sensing Satellites
- طبي عڪس The Medical Images
- هٿيار ڳولا، شبي نظر ۽ فوجي مقاصد Weapon Detection, Night Vision and Defence Applications
گھڻ فوڪسي عڪسن جو استعمال عددي ڪيميرا Digital Camera جهڙن عددي عڪسڪاري اوزارن Digital Imaging Devices ۾ ڏٺو ويو آهي. گھڻ فوڪسي عڪس ضماءُ Multi-focus Image Fusion جي ميدان ۾ ڪيل تازي ڪم جو مثال [5] آهي، جڏهن ته [6] گھڻ تعابيل عڪسن جي ضماءُ جو مثال آهي. عڪس ضماءُ جا طريقا طبي عڪسن، جهڙوڪ مقنائي ريزوننس عڪسن Magnetic Resonance Images ، پَڙاڏو چِٽِ Ultra Sound ۽ ڳڻپيوڪر ٽومونگاري عڪسن Computer Tomography جي ضماءُ لاءِ پڻ استعمال ٿي رهيا آهن. اتر آواز ۽ ڳڻپيوڪر ٽومونگاري عڪسن جي ضماءَ تي تحقيق جو تازو مثال [7] آهي، جڏهن ته [8] مثال آهي مقناطي ريزوننس عڪس ۽ ڳڻپيوڪر ٽومونگاري عڪس جي ضماءَ جو. [9] شبي ڏيک لاءِ ڪيل عڪس ضماءَ جا تجربا پيش ڪري ٿو ته هٿيارن جِي ڳولا خاطر زير سُرخ ۽ ڏيکائيندڙ چشمياتي عڪسن جي ضماءُ جا طريقا [10] پيش ڪري ٿو. پر هيءُ مطالعو گھڻي ڀاڱي ڏور اِندرياتي اپگرهن Remote Sensing Satellites مان حاصل ٿيندڙ عڪسن جي ضماءُ تي ڪيل تحقيق تي مرڪُوز آهي.
[edit] ڏور اِندرياتي عڪسَ Remote Sensing Images
ڏور اِندرياتي عڪس اهي عڪس آهن جيڪي موسمياتي اڳڪٿي [11]، رورل زمين استعمال [12]، شهري رِٿابندِي ۽ انتظام [13]، زراعتي تحقيق [14]، ماحولياتي مطالعي Environmental Studies [15] ، سهجياڀياسي مطالعي Ecological Studies [16] ، قدرتي آفتزدگيءَ ۾ انتظام Natural Disaster Management [17-18]، نقشيسازي [19]، قدرتي وسلين جي کوج ۽ انتظام [20]، ۽ فوجي مقصدن [21] لاءِ ڪنهن فضائي رَٿَ يا خلائي رَٿَ تي سوار Spaceborne Images مختلف قسمن جِي اِندرين Sensors مان ڪڍيا ويندا آهن. [22] قدرتي وسلين جي ڏور اندريات تي هڪ مڪمل ڪتاب آهي.
جيتوڻيڪ کيتر ڪم فيلڊ ورڪ Fieldwork ۽ فضائي رٿوار عڪس Airborne Images اڃا به ڪجھه ڏور اِندرياتي مصرفن لاءِ معلومات جو ذريعو بڻيل آهن، ته به بعض اوقات انهن لاءِ درڪار خرچ ۽ وقت مطالعي لاءِ موزون نه ٿو رهي [23]. فضائي رٿوار عڪسن ۾، خلائي رٿوار عڪسن تي ڪي بيشيون (ايڊوانٽيجز) هوڻ سان گڏ، ڪيتريون ڪَميون (ڊس ايڊوانٽيجز) به آهن. [24] سمورين ڪمين بيشين تي مختصر مگر مڪمل بحث ڪري ٿو. ٻين مسئلن کان علاوه، فضاائي رٿوار اِندرين مان نڪتل عڪسن ۾ ڀون ماپي بگاڙن Geometric Distortions وارو مسئلو تمام ڳنڀير آهي. اهي ڀون ماپي بگاڙ فِضائي رَٿَ ۾ ٽن قسمن جي لوڏن باعث پيدا ٿين ٿا، جن کي چڪراٽي Roll، جھاڪائي Pitch ، ۽ پاسائتي Yaw حرڪت چئجي ٿو. خاڪو نمبر 1 اهڙي صورتحال چِٽي ڪري ٿو.
تازا ورتل اپگرهي عڪس درجيبنديءَ جي عمل ۾ تحقيقار جي معاونت لاءِ نسبتاً سستا، انيڪ ۽ خاصا ڪثرتي Frequent تفصيل ميسر ڪن ٿا. ڀون ماپي بگاڙ وارو مسئلو خلائي رٿوار عڪسن ۾ پڻ موجود آهي، پر نسبتاً گھٽ شدت سان. ڏور اندرياتي عڪسن کي ٻن وسيع گروپن ۾ ورهائي سگھجي ٿو:
- چشمياتي عڪس Optical Images
- جڙتو مهانڊي راڊار عڪس Synthetic Aperture RADAR Image
[edit] چشمياتي عڪس
چشمياتي عڪس اهي عڪس آهن، جيڪي خلائي رَٿَ Space Craft يا هوائي رَٿَ Aircraft تي سُوار چشمياتي اِندريُون Optical Sensors استعماليندي حاصل ڪيا وڃن. سيتلائيت پغوباتوئاغ د’وبزيغواسيون دُ لا تيغ (سپوت) Sattelite Probatoire d’Observation de la Terre (SPOT) ، نيشنل اوشَنِڪ اينڊ ايٽماسفيئرڪ ايڊمنسٽريشن (نوئا) National Oceanic & Atmospheric Administration (NOAA) ، ڪوئيڪ برڊ QuickBird ، ۽ ايڪونوس IKONOS مشهور ڏُور اِندريارتي اپگرهه آهن، جيڪي ڌرتيءَ کي مشاهدي رهيا آهن ۽ ٻن قسمن جا چشمياتي عڪس مهيا ڪري رهيا آهن:
- يڪ اِنڊمي عڪس Panchromatic Image
- گھڻ اِنڊمي عڪس Multispectral Image
[edit] يَڪ اِنڊَمِي عڪس
پان PAN (معنيٰ ڪُل) دراصل پانڪروميٽڪ Panchromatic (ڪل رنگي) جو مخفف آهي. ڪُل رنگي يا يڪ انڊمي عڪس بليڪ اينڊ وائيٽ تصوير وانگيان ٿيندا آهن، جيڪي ڏيکائيندڙ کان زير سُرخ لهري ڊيگھن Infra-red Wavelengths تائين ڦهليل هِڪَ ڪشادي انڊم Spectrum رکندڙ اِندرِيءَ Sensor مان نڪتل هوندا آهن. ان کي اڪثر سليٽي پيما Grey Scale عڪس طور نمايان Display ڪيو ويندو آهي، مطلب ته عڪسل جي ظاهري چمڪ ان جي عددي قدر يعني ڊجيٽل نمبر تي منحصر ڪري ٿي، جيڪو وري سج جِي اُنَ ڪِرِڻِڪاريءَ Radiation تي دارومدار رکندو آهي جيڪا حدفن Targets سان ٽڪرائجي موٽَ کائي اِندِريءَ Sensor تائين رَسَندِي آهي. تنهنڪري يڪ اِنڊمِي عڪس کي بليڪ اينڊ وائيٽ تصوير چئي سگھجي ٿو، جهڙوڪ تصوير 1، جيڪا ايڪونوس مان نڪتل واشڱٽن ڊِي سِي جو يڪ اِنڊمي عڪس ڏيکاري ٿي. جيتوڻيڪ اها بليڪ اينڊ وائيٽ تصوير کان انَ لحاظ کان مختلف آهي ته بليڪ اينڊ وائيٽ عڪسگر (ڪيميرا) جِي اِندريءَ اڻ وانگيان ڪن اُپگرهن جون يڪ اِنڊمي اِندرِيون زير سُرخ لهرِي ڊيگھن کي به جھٽين ٿيون ته ڪي اِندريون وري نيري رنگ وارين لهري ڊيگھن کي نه ٿيون جھٽِينِ. يڪ اِنڊمي عڪسن جو تحلل ساڳي اُپگرهه مان حاصل ٿيندڙ گھڻ اِنڊمي عڪسن جي تحلل کان هميشه وڌيڪَ هوندو آهي، ڇاڪاڻ جو گھڻ اِنڊمي اِندرِيءَ جي نسبت يڪ اِنڊمي اِندرِي في ايڪو پکيڙَ مان وڌيڪَ توانائي جھٽي ٿِي. خاڪو نمبر 2 برق مقناطي اِنڊم Electromagnetic Spectrum جي ڏيکائيندڙ توڙي زير سُرخ حصي لاءِ ڪوئيڪ برڊ جِي اِندرين جون نسبتي حساسيتون (ريسپانسز) ڏيکاري ٿو. ان خاڪي مان صاف ظاهر آهي ته ٻين اِندرين جي نسبت يڪ اِنڊمي اِندرِي برق مقناطي اِنڊم جي وڏي ڀاڱي مان توانائي حاصل ڪري ٿِي.
[edit] گھَڻ اِنڊَمِي (گھام) عڪس
گھڻ اِنڊمي عڪس Multi-sepectral Image نسبتاً ننڍِي (ٿلهي) تحلل Resolution وارا اهڙا عڪس آهن جيڪي ساڳي ئي وقت مختلف پَٽِيِ Band رکندڙ هڪَ کان وڌيڪَ اِندرين مان ڪڍيا ويندا آهن. اهي پٽيون Bands انڊم Spectrum جي ڏيکائيندڙ Visible حصي کان وٺي زير سُرخ Infra-Red حصي تائين پکڙيل هونديون آهن. جدول 1 ڪجھه اهڙن اپگرهن جون پٽيون ڏيکاري ٿِي. جيڪي چشمياتي عڪس اعداد Image Data ميسر ڪن ٿا. اها جدول ڏيکاري ٿِي ته ڪجھه اپگرهه، جهڙوڪ ڪوئيڪ برڊ QuickBird ۽ ايڪونوس، IKONOS برق مقناطي اِنڊم جي ڏيکائيندڙ حصي ۾ ٽي پٽيون رکن ٿا، جن مان هر هڪ ٽن بنيادي رنگن، يعني ڳاڙهي، نيري، ۽ سائي مان ڪنهن هڪ سان مطابقت رکي ٿي؛ جيڪي اصلي رنگ عڪس True Colour Image جوڙڻ ۾ مدد ڏين ٿيون. تصوير نمبر 2 ايڪونوس مان نڪتل هڪ اصلي رنگ عڪس ڏيکاري ٿِي. جيئن جدول 1 مان ظاهر آهي، ڪجھه اپگرهه، جهڙوڪ سِپوت 5، نيري پٽيءَ سان مطابقت رکندڙ اِندرِي نه ٿا رکن، ان صورتَ ۾ نيري پٽيءَ جي جاءِ تي قريب انفرا سُرخ پٽِي استعمال ڪري نقلي رنگ عڪس False Colour Images جوڙيا ويندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن قريب انفرا سُرخ، ڳاڙهي، ۽ سائي پٽي، ترتيبوار، عڪس نُما Image Display جي ڳاڙهي، سائي، ۽ نيري چينل تي رکي نقلي رنگ عڪس جوڙيا ويندا آهن [25]. تصوير نمبر 3 ٽيرا - ايسٽر TERRA-ASTER مان نڪتل پرل هاربر جو نقلي رنگ عڪس ڏيکاري ٿي [26]. اهو عڪس نقلي رنگن جِي هيٺين ترتيب سان جوڙيو ويو آهي.
- نُماڪار چينل اپگرهي پٽي
- ڳاڙهي گھڻ اِنڊمياتي پٽي 3 (اَڏيکائيندڙ قريب زير سُرخ)
- سائي گھڻ اِنڊمياتي پٽي 2 (ڏيکائيندڙ ڳاڙهي)
- نيري گھڻ اِنڊمياتي پٽي 1 (ڏيکائيندڙ سائي)
تصوير 4 ڏيکاري هڪ ٻيو سِپوت عڪس SPOT Image ڏيکاري ٿِي، جيڪو قدرتي رنگ Natural Colours سڏجندڙ رنگي امتزاج سان جوڙي وئي آهي. ڏيکائيندڙ ۽ اَڏيکائيندڙ گھڻ اِنڊمي پٽين کي ايئن ملايو ويو آهي ته جيئن اهي بظاهر هڪ اصلي رنگ عڪس محسوس ٿين، مطلب ته عڪس اندر ساوڪ سائي نظر اچي، پاڻي نيرو نظر اچي، مِٽِي سليٽِي نظر اچي وغيره وغيره. تصوير 4 وارو عڪس اهڙو ئي هڪ مثال آهي، جيڪو رنگن جي هيٺين امتزاج سان جوڙيو ويو آهي.
نُماڪار چينل اپگرهي پَٽِي
ڳاڙهي گھڻ اِنڊمياتي پٽي 2 (ڏيکائيندڙ سائي)
سائي (گھڻ اِنڊمياتي پٽي 3) X0.25 + (گھڻ اِنڊمياتي پٽي 1) X 0.75
نيري (گھڻ اِنڊمياتي پٽي 3) X0.25 - (گھڻ اِنڊمياتي پٽي 1) X 0.75
ڪڏهن ڪڏهن ته رڳو اَڏيکائيندڙ پٽين کي مختلف ميلاپن سان ڪنهن ڳ س ن نُماڪار RGB Display تي نُمايان ڪيو ويندو آهي.
جيئن ته ڌرتيءَ جي مٿاڇري تي موجود هر شَي جِي برق مقنائي اِنڊم جِي مختلف ڪَثِرَتُن Frequencies لاءِ پنهنجِي پنهنجِي موٽَ Reflection آهي، تنهنڪري گھام عڪس جي هر هِڪَ پٽي ڪا مخصوص وَٿَ، شَي، يا مقدارُ عڪسڻ يا ماپڻ لاءِ ڪارائتي آهي. مثال طور، [26] مان ورتل جدول 2، نوئا سلسلي جي اپگرهن جِي هر اِندرياتي پٽيءَ جو ڪارج ٻڌائي ٿِي. اِنَ سان گھڻ اِنڊمي عڪسڪاريءَ جي اهميتَ معلوم ٿي ٿِي ۽ ثابت ٿي ٿو ته گھڻ اِنڊمي عڪس جي هر پٽي مختلف قسمَ جي ڄاڻَ مهيا ڪري ٿي.
پٽي اِنڊم1 اِنڊم2 اِنڊم3 نوئا 6، 8، 10 نوئا 7، 9، 11 12، 13، 14، نوئا 15، 16، 17 پٽيءَ جو ڪارج 1 0.580 - 0.680 0.580 - 0.680 0.580 - 0.680 ڏينهن وقت بادل، ڳڱ Snow ، برفَ Ice ، ۽ ساوڪَ نِگارِي Mapping 2 0.725 - 1.100 0.725 - 1.100 0.725 - 1.100 بر/ بحر ميل، ڳڱ، برف، ۽ ساوڪ نِگارِي 3 3.550 - 3.930 3.550 - 3.930 0.580 - 0.680 بر/ بحر ميل، ڳڱ، برف، ۽ ساوڪ نِگارِي 4 10.50 - 11.50 10.50 - 11.50 10.50 - 11.50 ڏينهن/ رات وقت بادل ۽ مٿاڇري تپت نِگاري 5 عدم 10.50 - 11.50 10.50 - 11.50 بادل ۽ مٿاڇراتي تپت، ڏينهن ۽ رات بادل نگارِي، آبي بخارات جي ريڊيئنس هٽائڻ Removal of atmospheric water vapour path radiance