ماحولياتي انتظام ڪاڻ اُپُگِرَهِي عَڪس ضماءُ ۽ درجيبنديءَ جي طريقن جو اَڀياس

Wikipedia طرفان

سنڌي اصطلاح انگريزي اصطلاح
اعداد
اعدادخانو
عدد
عددي
ضماءُ
عڪس
عڪس نُما
گھڻ تعابيل عڪس
سليٽي پيما عڪس
عَڪسِل
تحلل
چشمياتي
راڊار
جڙتُو
مهانڊي
برق (اڳياڙي)
برق مقناطي
انڊم
انڊمي
ڪل رنگي
يڪ انڊمي
اندري
گھڻ اندرياتي
ڏور اندريات
ڏور اندرياتي اپگرهه
ڏور اندرياتي مرڪز
ڏور اندرياتي عڪس
سهجياڀياس
ڳڻپيوڪر بصرت
شبي نظر
چڪراٽي
جھاڪائي
پاسائتي
عددي اُڀاوَتِي ماڊل
عددي مٿاڇراتي نقشو
ڀون پيمائش
ڀون ماپي
وايومنڊلي
بگاڙ
ڌر اوڇڻ
طبي عڪس
ڀونءِ نگاري
اطلاعت
خلا/ پولار
خلائي رَٿَ
فضائي رَٿَ
مبدل
تبدل
مُک جزياتي ڇيد
ڇاڻي
ڇاڻڪاري
مخروط
شدت
هيُو
رَچاءُ
لهرڙي
وَڌانوَڌ هڪجهڙائپ
جياڀياس
تَنتِي
ڄارڪو
ڪردگيڪٿ
سُڀاءُ پيما
سهنسبت
نِيمپيما
تُزگِي
تُزگي ازِ استعماليندڙ
تُزگي از اُپتڪار
data
database
digit
digital
fusion
image
image display
multi-exposure image
grey scale image
pixel
resolution
optical
radar
synthetic
apperture
electro (prefix)
electromagnetic
spectrum
spectral
panchromatic
monochromatic
sensor
multi-sensor
remote sensing
remote sensing satellite
remote sensing centre
remote sensing image
ecology
computer vision
night vision
roll
yaw
pitch
digital elevation model
digital surface map
geometry
geometric
atmospheric
distortion
land cover
medical image
geography
information
space
space craft
air craft
transform
transformation
principal component analysis
filter
filtering
pyramid
intensity
hue
saturation
wavelet
maximum likelihood
biology
neural
network
(performance) evaluation
quality metric(s)
correlation
parameter(s)
accuracy
user's accuracy
producer's accuracy

فهرست

[سنواريو] ليکڪ

  • احسان احمد عرساڻي

[سنواريو] نگران پروفيسرس

  • پروفيسر جوزيف غونسن
  • پروفيسر ڪيديئو‎ ‎ٻالما

[سنواريو] مهاڳ

آئون مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ پنهنجِي تدريسِي ذميوارين کان موڪلائي پي ايڇ ڊِي جِي تعليم لاءِ بتاريخ سيپٽمبر 22، 2005ع تي فرانس جي ‏شهر غين پهتس، جيڪو بغُتاڃ صوبي جِي گاديءَ جو هنڌ آهي. مون غين ۾ واقع اِنسا Institut National des Sciences Appliquées de Rennes نالي ‏تحقيقي اداري ۾ داخلا ورتي ۽ پروفيسر جوزيف غونسن جِي نگرانيءَ هيٺ ڪم شروع ڪيو. پروفيسر غونسَن اِنسا جِي عڪس تجربيگاهه ۾ ‏پروفيسر آهي ۽ عڪس وَ ڏور اِندريات ‏Image et Télédétection‏ تحقيقي ٻارِيءَ جو هدايتڪار (ڊائيريڪٽر) آهي. اها ٻارِي انسا ۽ يونيورسٽي آف غين 1 ‏جي محققن جِي گڏيل ٻارِي آهي. هتي پهچڻ کان پوءِ منهنجي نگران پروفيسر مون سان منهنجِي پِي ايڇ ڊِي رِٿا تي بحث ڪري مون کي رٿا جو ‏نصب العين سمجهايو ۽ مون کي لٽريچر رِويُو ڪري ٽن مهنن اندر رپورٽ جمع ڪرائڻ لاءِ چيو. مون کي رپورٽ فرانسيسيءَ ۾ لکڻ جو چيو ويو پر ‏فرانسيسي زبانَ تي گھربل عبور نه هوڻ ڪري مون رپورٽ انگريزيءَ ۾ لکِي پر زبانِي پريزنٽيشن فرانسيسيءَ ۾ ڏني. هن دستاويز ۾ ساڳِي رپورٽ ‏جو سنڌي ترجمو پيش ڪري رهيو آهيان.
‏ انگريزي زبان تي سٺو عبور رکندڙ ڪو به عام فرد جيڪڏهن انگريزيءَ ۾ لکيل پي ايڇ ڊي سطح جو ڪو به سائنسي ٽيڪنيڪي ادب پڙهندو ته ‏يقيناً سمجهي نه سگهندو. ڇاڪاڻ ته پي ايڇ ڊي سطح جو ڪو به سائنسي يا ٽيڪنيڪي ادب ڪنهن مخصوص موضوع سان لاڳاپيل ڪيتري ئي ‏مواد جي تمام گھڻي ۽ گهري مطالعي بعد ئي وجود وٺندو آهي، جنهن کي سمجھڻ لاءِ به يقيناً محض انگريزي زبانَ يا ڪنهن به واسطيدار ٻوليءَ ‏تي دسترس هوڻ ڪافي نه آهي. انَ سطح جي سائنسي ۽ ٽيڪنيڪي موادَ اندر متعلقه موضوع سان سلهاڙيل ڪيترا ئي ٽيڪنيڪي اصطلاح ‏مستعمل هوندا آهن، جيڪي عام پڙهندڙ لاءِ سمجھڻ جوڳا نه هوندا آهن. اهڙي مواد کي سمجھڻ لاءِ لاڳاپيل کيتر جو بنيادي علم ۽ مستعمل ‏اصطلاحن جِي سمجھه هوڻ لازمي ٿي ٿو. تنهنڪري نه رڳو ڪيترا ئي سنڌي سائنسي اصطلاح جوڙي پيش ڪيا ويا آهن، بلڪه هنَ دستاويز جي ‏پڇاڙيءَ ۾ اهڙن سمورن جوڙيل اصطلاحن جِي مڪمل سمجھاڻي ڏني وئي آهي ۽ ڪجھه اهڙا انٽرنيٽ ڳنڍڻا ڏنا ويا آهن، جتان انهن پٺيان لڪل ‏سائنسي خيالَ کي سمجھڻ لاءِ امدادِي مواد ملي سگھي. جيڪڏهن لازماَ درڪار بنيادي ڄاڻَ ۽ پس منظر هوڻ باوجود هيءُ دستاويز سمجھه ۾ نه ‏اچي يا ڪي جوڙيل اصطلاح اڻ وڻندڙ يا غير درست فهم ڏيندا محسوس ٿين ته انَ کي لکيڪ جِي اظهارِي يا لسانِي ڪمزورِي سمجھيو وڃي ۽ ‏اهڙو تاثر هرگز به نه ورتو وڃي ته مٺڙِي ٻوليءَ ۾ ڪا ڪمزورِي آهي جيڪا اوهان کي بيان ڪيل سائنسي خيال سمجھڻ ۾ آڏو اچي رهي آهي.
‏ جيئن ته هيءُ سنڌيءَ ۾ اِنَ سطح تي سائنسي علم لکڻ جو پهريون تجربو هو، تنهنڪري ضروري هو ته ڪيترن ئي انگريزي سائنسي اصطلاحن جا ‏قابل فهم سنڌي بدل جوڙجن. اهڙو ڪم ڪٺن ضرور هو، پر انَ ڪم دوران منهنجو اهو يقين اڃا پختو ٿيو ته ٻين ڪيترين ئي جديد ٻولين، جهڙوڪ ‏انگريزي ۽ فرانسيسيءَ جِي ڀيٽَ ۾ سنڌي زبانَ ۾ اظهاري قوت تمام گھڻي آهي. انَ احساس منهنجي عزم کي اڃا سگھارو بنايو ۽ آئون هنَ ‏ڪاوش ۾ اڃا وڌيڪَ دلچسپيءَ سان جنبِي پار پهتس. ‏ هيءُ ڪم پنهنجِي جاءِ تي مشڪل ته هو ئي پر ذاتي طور اڻ لاڀائتو پڻ. هيءُ ڪم ذاتي طور منهنجي لاءِ ڪو به فائدو پهچائيندڙ نه ئي سهي، پر ‏نهايت ئي ضرورِي هو. ڇاڪاڻ ته آئون هر لحاظ کان سنڌي ٻولي ۽ قوم جو مقروض ته اڳي ئي آهيان، پر جنهن اسڪالرشپ تي فرانس جي ملڪَ ‏‏۾ پڙهڻ آيو آهيان، تنهن جو خرچ سنڌ جي مشهور درس گاهه مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرڱ اينڊ ٽيڪنالاجي ڄامشورو برداشت ڪري رهي ‏آهي. مهراڻ يونيورسٽي توقع ٿِي رکي ته آئون ڪاميابيءَ سان پِي ايچ ڊِي ڪرڻ بعد يونيورسٽيءَ جي انسٽيٽيونٽ آف ڪميونيڪيشن ‏ٽيڪنالاجيز ۾ خدمتون سر انجام ڏيندس. مگر منهنجِي سمجھه مطابق منهنجو فرض اتي پُورو نه ٿو ٿي. جيئن ته آئون سنڌ جي قومي اداري ‏جي خرچ ۽ هيتري ساري محنت ۽ مطالعي کان پوءِ متعلقه کيتر ۾ ڪجھه تصنيف ڪرڻ لائق ٿيو آهيان، تنهنڪري منهنجو اولين فرض ٿي ٿو ته ‏آئون اهو سمورو علم پنهنجِي پيارِي مادرِي زبان ۾ به منتقل ڪريان.
‏ جيڪڏهن ڪير اهو سوچي ته هنَ تحريرَ کي نظر انداز ڪندي ان مان ڪو به سنڌي لاڀُ نه پرائيندو ۽ منهنجِي هيءَ ڪاوش اجائي ويندِي؛ ته به ‏آئون سمجهان ٿو ته انَ صورتَ ۾ به اهو سڀ ڪرڻ ضرورِي هو، ته جيئن ڪو سنڌي استاد اها دعويٰ نه ڪري سگهي ته سنڌيءَ ۾ لکي ئي نه ٿو ‏سگھجي يا هُنَ سمورِي حياتي سنڌيءَ ۾ ان ڪري نه لکيو ڇاڪاڻ ته ڪنهن ٻي اهڙي پهل نه ڪئي هئي يا اهڙو ڪو مثال موجود نه هو؛ ۽ نه ئي ‏ڪو سنڌي شاگرد اهو چئي سگهي ته گھٽ ۾ گھٽ هنَ موضوع تي کيس سنڌيءَ ۾ پڙهڻ جو موقعو نه مليو.

انجنيئر احسان احمد عرساڻي

[سنواريو] تجرِيدَ

جيئن ته هن دستاويز جي عنوان مان ئي ظاهر آهي، هيءُ دستاويز بال عموم عڪس ضماءُ Image Fusion ۽ بال خصوص ڏور ‏اِندرياتي عڪس ضماءُ Remote Sensing Image Fusion ‏‏ تي ٿيل تحقيق جي تازي ترين صورتحال پيش ڪرڻ لاءِ لکيو ويو آهي. هتي ‏حواليل تحقيقي ڪم جو مواد ۽ عرصو ٻڌائي ٿو ته نه ڏُور اِندريات ‏Remote Sensing ‏ جا طريقا غير بليغ آهن ۽ نه ئي عڪس ضماءُ ‏جون ٽيڪنيڪون غير پختيون آهن. هن پدَ کي رسڻ کان اڳ ضماءُ جو کيتر ڪيترا ئي مرحلا ۽ ڊگھو سفر طَي ڪري چڪو آهي.
‏ عڪس ضماءُ، در حقيقت، اعداد ضماءُ ‏Data Fusion جِي مخصوص صورت آهي؛ ۽ تنهنڪري ضماءُ جون هيستائين دريافت ٿيل ‏سموريون ٽيڪنيڪون ڪافي حد تائين فصيح آهن ۽ ايترن ئي وسيع ۽ متفرق اعدادِي ذريعن تي استعمال ڪيون ويون آهن جيترا ‏آواز ۽ ٽريفڪ انتظام لاءِ مسافرن جي معلومات.
‏ هن دستاويز جو مقصد ضماءَ جي طريقن تي وسيع تناظر ۾ پر مختصراً بحث ڪرڻ، ۽ عڪسي اعداد ضمائڻ لاءِ ميسر طريقن ۽ وسلين ‏جو گهرو مطالعو پيش ڪرڻ؛ ۽ آخر ۾ ڏور اِندرياتي مصرفن لاءِ عڪس ۽ غير عڪس اعداد جي ضماءُ تي ٿيل تحقيقي ڪم جو تَتُ ‏پيش ڪرڻ آهي. عڪس ضماءُ جي ميدان ۾ رونما ٿيل تازي ترين پيش رفت توڙي نون لاڙن جِي نشاندھي ڪرڻ کان اڳ ڪيترن ئي ‏مختلف مصرفن ڪاڻ استعماليل عڪس ضماءُ جا طريقا مختصراً سمجھايا ويا آهن ۽ منجھائن حاصل ٿيل نتيجا پڻ پيش ڪيا ويا ‏آهن.
‏ جيئن ته عڪس ضماءُ لاءِ استعمال ٿيندڙ اڪثر ٽيڪنيڪون پنهنجي ڪارج ۾ جبلتاً وسيع ۽ فصيح آهن، تنهنڪري ڪيترن ئي ‏همعصر کيترن هڪٻي جا رستا اورانگھيا آهن، جنهن ڪري هيستائين انجام ڏنل سموري تحقيقي ڪم کي هڪ ئي نڪتي تي يڪجا ‏ڪرڻ اڃا مشڪل ٿي پيو. ته به، آئون اميدَ ٿو ڪريان ته هيءُ دستاويز انَ کيتر جي عُروج پَدَ جا جيڪڏهن سمورا نه ته اڪثر پهلو ‏ضرور اجاڳر ڪري ٿو ۽ زيرِ بحث مضمون ۾ ايتري ڳوڙهي نظر وجھي ٿو جو هيءُ دستاويز مطالعي لائق ٿي سگھي.
‏ عڪس ضماءُ جي ٽيڪنيڀياسن کي ماحولياتي انتظام ڪاڻ استعمال ڪرڻ واري نصب العين تي زور ڏيندي، ماحولياتي مطالعات ‏تي، بال خصوص آبگاهن جي مطالعات تي ڪجھه ڇپايل تحقيقي ڪم جا حوالا پيش ڪيا ويا آهن.‏

[سنواريو] تعارف

[سنواريو] اعداد ضماءُ Data Fusion

مختلف ليکڪن اعداد ضماءَ يا ڊيٽا فيوزن جي اصطلاح کي مختلف طريقن سان بيان ڪيو آهي. ل. والڊ اعدادِي ضماءُ جي وصف ‏هيئن ٿو ڏي، ”اهو هڪ اهڙو رسمي فريم ورڪ آهي، جنهن ۾ مختلف ذريعن کان حاصل ٿيل ڄاڻ کي ضم ڪرڻ لاءِ واضح طور طريقا ۽ ‏اوزار ميسر ڪيل هجن‎.‎‏ ان جو مقصد اعليٰ سڀاوَ جِي ڄاڻَ حاصل ڪرڻ آهي، جڏهن ته اعليٰ سڀاوَ جو مطلب ۽ وصف ضماءُ جي ‏مصرف تي دارومدار رکن ٿا”[1]‎‏. ڊ. ل. هال ۽ ج. ليناز موجب، ”اعدادي ضماءُ جون ٽيڪنيڪون ڪيترن ئي ذريعن کان وصول ٿيندڙ ‏اعداد، ۽ ڪيترن ئي متعلقه اعداد خانن ‏Databases ‏ مان ملندڙ معلومات کي گڏين ٿيون ته جيئن بهتر تُزگي حاصل ڪري ۽ اڃا ‏باريڪ نتيجا اخذ ڪري سگھجن [2]‏ .
انگريزي سائنسي ادب ۾ فيوزن ‏Fusion ‏ جي جاءِ تي ڪڏهن ڪڏهن مرجڱ ‏Merging ، ڪمبائينڱ ‏Combining ، سنرجي ‏Synergy ، ‏الائنس ‏Alliance ‏ ۽ انٽيگريشن Integration ‏ وغيره جا اصطلاح به استعمال ٿيندا آهن. ‏‎[3]‎‏ ۾ ل. والڊ انهن ۽ اهڙن ٻين ڪيترن ئي ‏اصطلاحن ۽ وصفن تي تفصيلي بحث ڪيو آهي.‏

[سنواريو] عڪس ضماءُ

عموماً، مختلف يا هڪ ئي اِندرِيءَ مان حاصل ٿيندڙ عڪسن مان هڪڙو عڪس جوڙڻ کي عڪس ضماءُ يا اميج فيوزن چيو ويندو ‏آهي. اڃا به وسيع معنيٰ ۾ عڪس ضماءَ کي ڄاڻوڪي ضماءَ جو هڪ مخصوص پهلو سڏي سگھجي ٿو. پول ۽ وان جينڊيرن عڪس ‏ضماءُ کي هيئن بيان ڪن ٿا، ”وڌيڪ ڄاڻَ رکندڙ نئون عڪس جوڙڻ خاطر ڪا به الخوارزمِي اختيار ڪندي ٻن يا گھڻن عڪسن جو ‏امتزاج ڪرڻ“ ‏‎[4]‎‏. عڪس ضماءُ جون ڪيتريون ئي تنگ تناظُري وصفون آهن، جن جو تتُ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي آئون عڪس ‏ضماءَ کي هيٺينءَ ريت بيان ٿو ڪريان:
‏”مختلف قسمن جي، مختلف تحلل ‏Resolution‏ وارن ۽ مختلف ذريعن کان وصول ٿيل عڪسن ۽ غير عڪسن ‏Non-Images‏ مان حاصل ‏ٿيندڙ ڄاڻ کي گڏ ڪري هڪ ئي عڪس يا غير عڪس نمائندگيءَ جو روپ ڏيڻ کي عڪس ضماءُ چئجي ٿو“.

[سنواريو] عڪس ضماءُ جا مصرف

جيتوڻيڪ مختلف ذريعن کان حاصل ٿيل عڪسن جو ضماءُ طبي عڪسڪاري ‏Medical Imaging ، پٿويکي عڪسڪاري ‎ Microscopic ‎Imaging ، ڏُور اِندريات ‏Remote Sensing ، ڳڻپيوڪر بصارت ‏Computer Vision ، ۽ روبوٽيات Robotics ‏ جهڙن انيڪ کيترن ۾ ڪارائتو ‏آهي، پر انهن سڀني کي هيٺين ٽن مکيه گروهن ۾ ورهائي سگھجي ٿو:

  • گھڻ فوڪسي ۽‏‎/‎‏ يا گھڻ تعابيل عڪس The Multi-focus and/or Multi-exposure Images
  • ڏُور اِندرياتِي اُپُگِـرَهَن کان حاصل ٿيندڙ عڪس Images from Remote Sensing Satellites
  • طبي عڪس The Medical Images
  • هٿيار ڳولا، شبي نظر ۽ فوجي مقاصد Weapon Detection, Night Vision and Defence Applications‎


گھڻ فوڪسي عڪسن جو استعمال عددي ڪيميرا ‏Digital Camera ‏ جهڙن عددي عڪسڪاري اوزارن ‏Digital Imaging Devices ‏ ۾ ‏ڏٺو ويو آهي. گھڻ فوڪسي عڪس ضماءُ ‏Multi-focus Image Fusion‏ جي ميدان ۾ ڪيل تازي ڪم جو مثال ‏‎[5]‎‏ آهي، جڏهن ته ‏‎[6]‎‏ ‏گھڻ تعابيل عڪسن جي ضماءُ جو مثال آهي. عڪس ضماءُ جا طريقا طبي عڪسن، جهڙوڪ مقنائي ريزوننس عڪسن ‏Magnetic ‎Resonance Images ، پَڙاڏو چِٽِ ‏Ultra Sound‏ ۽ ڳڻپيوڪر ٽومونگاري عڪسن Computer Tomography ‏ جي ضماءُ لاءِ پڻ استعمال ٿي ‏رهيا آهن. اتر آواز ۽ ڳڻپيوڪر ٽومونگاري عڪسن جي ضماءَ تي تحقيق جو تازو مثال ‏‎[7]‎‏ آهي، جڏهن ته ‏‎[8]‎‏ مثال آهي مقناطي ‏ريزوننس عڪس ۽ ڳڻپيوڪر ٽومونگاري عڪس جي ضماءَ جو. ‏‎[9]‎‏ شبي ڏيک لاءِ ڪيل عڪس ضماءَ جا تجربا پيش ڪري ٿو ته ‏هٿيارن جِي ڳولا خاطر زير سُرخ ۽ ڏيکائيندڙ چشمياتي عڪسن جي ضماءُ جا طريقا ‏‎[10]‎‏ پيش ڪري ٿو. پر هيءُ مطالعو گھڻي ‏ڀاڱي ڏور اِندرياتي اپگرهن ‏Remote Sensing Satellites ‏ مان حاصل ٿيندڙ عڪسن جي ضماءُ تي ڪيل تحقيق تي مرڪُوز آهي. ‏

[سنواريو] ڏور اِندرياتي عڪسَ Remote Sensing Images

خاڪو 1: چڪراٽي، جھاڪائي ۽ پاسائتي حرڪت باعث فضائي رٿوار اِندريءَ مان نڪتل ڪنهن  عڪس ۾ ڀون ماپي بگاڙ
خاڪو 1: چڪراٽي، جھاڪائي ۽ پاسائتي حرڪت باعث فضائي رٿوار اِندريءَ مان نڪتل ڪنهن عڪس ۾ ڀون ماپي بگاڙ

ڏور اِندرياتي عڪس اهي عڪس آهن جيڪي موسمياتي اڳڪٿي ‏‎[11]‎، رورل زمين استعمال ‏‎[12]‎، شهري رِٿابندِي ۽ انتظام ‏‎[13]‎، ‏زراعتي تحقيق ‏‎[14]‎، ماحولياتي مطالعي ‏Environmental Studies‏ ‏‎[15]‎ ، سهجياڀياسي مطالعي ‏Ecological Studies‏ ‏‎[16]‎ ، قدرتي ‏آفتزدگيءَ ۾ انتظام ‏Natural Disaster Management‏ ‏‎[17-18]‎، نقشيسازي ‏‎[19]‎، قدرتي وسلين جي کوج ۽ انتظام ‏‎[20]‎، ۽ فوجي ‏مقصدن ‏‎[21]‎‏ لاءِ ڪنهن فضائي رَٿَ يا خلائي رَٿَ تي سوار ‏Spaceborne Images‏ مختلف قسمن جِي اِندرين ‏Sensors‏ مان ڪڍيا ويندا ‏آهن. ‏‎[22]‎‏ قدرتي وسلين جي ڏور اندريات تي هڪ مڪمل ڪتاب آهي.
‏ جيتوڻيڪ کيتر ڪم فيلڊ ورڪ ‏Fieldwork‏ ۽ فضائي رٿوار عڪس ‏Airborne Images‏ اڃا به ڪجھه ڏور اِندرياتي مصرفن لاءِ معلومات ‏جو ذريعو بڻيل آهن، ته به بعض اوقات انهن لاءِ درڪار خرچ ۽ وقت مطالعي لاءِ موزون نه ٿو رهي ‏‎[23]‎‏. فضائي رٿوار عڪسن ۾، ‏خلائي رٿوار عڪسن تي ڪي بيشيون (ايڊوانٽيجز) هوڻ سان گڏ، ڪيتريون ڪَميون (ڊس ايڊوانٽيجز) به آهن. ‏‎[24]‎‏ سمورين ڪمين ‏بيشين تي مختصر مگر مڪمل بحث ڪري ٿو. ٻين مسئلن کان علاوه، فضاائي رٿوار اِندرين مان نڪتل عڪسن ۾ ڀون ماپي بگاڙن ‏Geometric Distortions‏ وارو مسئلو تمام ڳنڀير آهي. اهي ڀون ماپي بگاڙ فِضائي رَٿَ ۾ ٽن قسمن جي لوڏن ‏باعث پيدا ٿين ٿا، جن کي چڪراٽي ‏Roll، جھاڪائي ‏Pitch ، ۽ پاسائتي ‏Yaw‏ حرڪت چئجي ٿو. خاڪو نمبر 1 اهڙي صورتحال چِٽي ‏ڪري ٿو.
‏ تازا ورتل اپگرهي عڪس درجيبنديءَ جي عمل ۾ تحقيقار جي معاونت لاءِ نسبتاً سستا، انيڪ ۽ خاصا ڪثرتي ‏Frequent‏ تفصيل ‏ميسر ڪن ٿا. ڀون ماپي بگاڙ وارو مسئلو خلائي رٿوار عڪسن ۾ پڻ موجود آهي، پر نسبتاً گھٽ شدت سان. ڏور اندرياتي عڪسن کي ٻن وسيع گروپن ۾ ورهائي سگھجي ٿو:‏

  • چشمياتي عڪس Optical Images
  • جڙتو مهانڊي راڊار عڪس Synthetic Aperture RADAR Image


[سنواريو] چشمياتي عڪس

خاڪو 2:‏ ڏور اِندرياتي اپگرهه ڪوئيڪ برڊ جون اِندرياتي پٽيون
خاڪو 2:‏ ڏور اِندرياتي اپگرهه ڪوئيڪ برڊ جون اِندرياتي پٽيون

چشمياتي عڪس اهي عڪس آهن، جيڪي خلائي رَٿَ Space Craft ‎ ‏ يا هوائي رَٿَ ‏Aircraft‏ تي سُوار چشمياتي اِندريُون ‏Optical ‎Sensors‏ استعماليندي حاصل ڪيا وڃن. سيتلائيت پغوباتوئاغ د‏‎’‎وبزيغواسيون دُ لا تيغ (سپوت) ‏Sattelite Probatoire d’Observation ‎‎ de la Terre (SPOT) ‎ ، نيشنل اوشَنِڪ اينڊ ايٽماسفيئرڪ ايڊمنسٽريشن (نوئا) ‏National Oceanic & Atmospheric Administration ‎‎(NOAA)‎ ، ڪوئيڪ برڊ ‏QuickBird ، ۽ ايڪونوس ‏IKONOS مشهور ڏُور اِندريارتي اپگرهه آهن، جيڪي ڌرتيءَ کي مشاهدي رهيا ‏آهن ۽ ٻن قسمن جا چشمياتي عڪس مهيا ڪري رهيا آهن:‏

  • يڪ اِنڊمي عڪس Panchromatic Image
  • گھڻ اِنڊمي عڪس Multispectral Image


[سنواريو] يَڪ اِنڊَمِي عڪس

تصوير 1:‏ اِيڪونوس مان نڪتل واشڱٽن ڊي سي جو هڪ يڪ اِنڊمي عڪس‏
تصوير 1:‏ اِيڪونوس مان نڪتل واشڱٽن ڊي سي جو هڪ يڪ اِنڊمي عڪس‏

پان ‏PAN‏ (معنيٰ ڪُل) دراصل پانڪروميٽڪ ‏Panchromatic‏ (ڪل رنگي) جو مخفف آهي. ڪُل رنگي يا يڪ انڊمي عڪس بليڪ اينڊ وائيٽ تصوير وانگيان ٿيندا ‏آهن، جيڪي ڏيکائيندڙ کان زير سُرخ لهري ڊيگھن ‏Infra-red Wavelengths‏ تائين ڦهليل هِڪَ ڪشادي انڊم ‏Spectrum‏ رکندڙ ‏اِندرِيءَ ‏Sensor مان نڪتل هوندا آهن. ان کي اڪثر سليٽي پيما ‏Grey Scale‏ عڪس طور نمايان ‏Display‏ ڪيو ويندو آهي، ‏مطلب ته عڪسل جي ظاهري چمڪ ان جي عددي قدر يعني ڊجيٽل نمبر تي منحصر ڪري ٿي، جيڪو وري سج جِي ‏اُنَ ڪِرِڻِڪاريءَ ‏‎ Radiation تي دارومدار رکندو آهي جيڪا حدفن ‏Targets‏ سان ٽڪرائجي موٽَ کائي اِندِريءَ ‏Sensor‏ تائين رَسَندِي ‏آهي. تنهنڪري يڪ اِنڊمِي عڪس کي بليڪ اينڊ وائيٽ تصوير چئي سگھجي ٿو، جهڙوڪ تصوير 1، جيڪا ايڪونوس مان نڪتل ‏واشڱٽن ڊِي سِي جو يڪ اِنڊمي عڪس ڏيکاري ٿي. جيتوڻيڪ اها بليڪ اينڊ وائيٽ تصوير کان انَ لحاظ کان مختلف آهي ته بليڪ ‏اينڊ وائيٽ عڪسگر (ڪيميرا) جِي اِندريءَ اڻ وانگيان ڪن اُپگرهن جون يڪ اِنڊمي اِندرِيون زير سُرخ لهرِي ڊيگھن کي به جھٽين ٿيون ته ڪي ‏اِندريون وري نيري رنگ وارين لهري ڊيگھن کي نه ٿيون جھٽِينِ. يڪ اِنڊمي عڪسن جو تحلل ساڳي اُپگرهه مان حاصل ٿيندڙ گھڻ ‏اِنڊمي عڪسن جي تحلل کان هميشه وڌيڪَ هوندو آهي، ڇاڪاڻ جو گھڻ اِنڊمي اِندرِيءَ جي نسبت يڪ اِنڊمي اِندرِي في ايڪو پکيڙَ ‏مان وڌيڪَ توانائي جھٽي ٿِي. خاڪو نمبر 2 برق مقناطي اِنڊم ‏Electromagnetic Spectrum‏ جي ڏيکائيندڙ توڙي زير سُرخ حصي لاءِ ‏ڪوئيڪ برڊ جِي اِندرين جون نسبتي حساسيتون (ريسپانسز) ڏيکاري ٿو. ان خاڪي مان صاف ظاهر آهي ته ٻين اِندرين جي نسبت ‏يڪ اِنڊمي اِندرِي برق مقناطي اِنڊم جي وڏي ڀاڱي مان توانائي حاصل ڪري ٿِي. ‏

[سنواريو] گھَڻ اِنڊَمِي (گھام) عڪس

تصوير 2:‏‏ ايڪونوس مان نڪتل هڪ گھڻ اِنڊمي اصلي رنگ عڪس‏
تصوير 2:‏‏ ايڪونوس مان نڪتل هڪ گھڻ اِنڊمي اصلي رنگ عڪس‏
تصوير 3: ٽيرا - ايسٽر   ‏TERRA-ASTER‏   مان نڪتل پرل هاربر جو نقلي رنگ عڪساي‏
تصوير 3: ٽيرا - ايسٽر ‏TERRA-ASTER‏ مان نڪتل پرل هاربر جو نقلي رنگ عڪساي‏
تصوير 4: ‏ڪنهن سپوت عڪس جو قدرتي رنگ ڏيک‏
تصوير 4: ‏ڪنهن سپوت عڪس جو قدرتي رنگ ڏيک‏

گھڻ اِنڊمي عڪس ‏Multi-sepectral Image‏ نسبتاً ننڍِي (ٿلهي) تحلل ‏Resolution‏ وارا اهڙا عڪس آهن جيڪي ساڳي ئي وقت مختلف ‏پَٽِيِ Band ‏ رکندڙ هڪَ کان وڌيڪَ اِندرين مان ڪڍيا ويندا آهن. اهي پٽيون ‏Bands‏ انڊم ‏Spectrum‏ جي ڏيکائيندڙ ‏Visible‏ حصي کان ‏وٺي زير سُرخ ‏Infra-Red‏ حصي تائين پکڙيل هونديون آهن. جدول 1 ڪجھه اهڙن اپگرهن جون پٽيون ڏيکاري ٿِي. جيڪي چشمياتي ‏عڪس اعداد ‏Image Data‏ ميسر ڪن ٿا. اها جدول ڏيکاري ٿِي ته ڪجھه اپگرهه، جهڙوڪ ڪوئيڪ برڊ ‏QuickBird ‏ ۽ ايڪونوس، ‏IKONOS ‏ برق مقناطي اِنڊم جي ڏيکائيندڙ حصي ۾ ٽي پٽيون رکن ٿا، جن مان هر هڪ ٽن بنيادي رنگن، يعني ڳاڙهي، نيري، ۽ سائي ‏مان ڪنهن هڪ سان مطابقت رکي ٿي؛ جيڪي اصلي رنگ عڪس ‏True Colour Image‏ جوڙڻ ۾ مدد ڏين ٿيون. تصوير نمبر 2 ‏ايڪونوس مان نڪتل هڪ اصلي رنگ عڪس ڏيکاري ٿِي. جيئن جدول 1 مان ظاهر آهي، ڪجھه اپگرهه، جهڙوڪ سِپوت 5، نيري ‏پٽيءَ سان مطابقت رکندڙ اِندرِي نه ٿا رکن، ان صورتَ ۾ نيري پٽيءَ جي جاءِ تي قريب انفرا سُرخ پٽِي استعمال ڪري نقلي رنگ ‏عڪس ‏False Colour Images‏ جوڙيا ويندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن قريب انفرا سُرخ، ڳاڙهي، ۽ سائي پٽي، ترتيبوار، عڪس نُما ‏Image ‎Display‏ جي ڳاڙهي، سائي، ۽ نيري چينل تي رکي نقلي رنگ عڪس جوڙيا ويندا آهن ‏‎[25]‎‏. تصوير نمبر 3 ٽيرا - ايسٽر ‏TERRA-‎ASTER‏ مان نڪتل پرل هاربر جو نقلي رنگ عڪس ڏيکاري ٿي ‏‎[26]‎‏. اهو عڪس نقلي رنگن جِي هيٺين ترتيب سان جوڙيو ويو آهي.

  • نُماڪار چينل‏ اپگرهي پٽي
  • ڳاڙهي گھڻ اِنڊمياتي پٽي ‏‎3‎ (اَڏيکائيندڙ قريب زير سُرخ) ‏
  • سائي گھڻ اِنڊمياتي پٽي 2 (ڏيکائيندڙ ڳاڙهي) ‏
  • نيري گھڻ اِنڊمياتي پٽي ‏‎1‎‏ (ڏيکائيندڙ سائي) ‏


تصوير 4 ڏيکاري هڪ ٻيو سِپوت عڪس ‏SPOT Image‏ ڏيکاري ٿِي، جيڪو قدرتي رنگ ‏Natural Colours‏ سڏجندڙ رنگي امتزاج سان ‏جوڙي وئي آهي. ڏيکائيندڙ ۽ اَڏيکائيندڙ گھڻ اِنڊمي پٽين کي ايئن ملايو ويو آهي ته جيئن اهي بظاهر هڪ اصلي رنگ عڪس ‏محسوس ٿين، مطلب ته عڪس اندر ساوڪ سائي نظر اچي، پاڻي نيرو نظر اچي، مِٽِي سليٽِي نظر اچي وغيره وغيره. تصوير 4 وارو ‏عڪس اهڙو ئي هڪ مثال آهي، جيڪو رنگن جي هيٺين امتزاج سان جوڙيو ويو آهي. ‏

نُماڪار چينل اپگرهي پَٽِي
ڳاڙهي گھڻ اِنڊمياتي پٽي 2‏ ‏ (ڏيکائيندڙ سائي)
سائي ‏(گھڻ اِنڊمياتي پٽي 3) ‏X‏0.25 + (گھڻ اِنڊمياتي پٽي 1) ‏X‏ 0.75
نيري ‏(گھڻ اِنڊمياتي پٽي 3) ‏X‏0.25 - (گھڻ اِنڊمياتي پٽي 1) ‏X‏ 0.75

ڪڏهن ڪڏهن ته رڳو اَڏيکائيندڙ پٽين کي مختلف ميلاپن سان ڪنهن ڳ س ن نُماڪار ‏RGB Display‏ تي نُمايان ڪيو ويندو آهي.
‏ جيئن ته ڌرتيءَ جي مٿاڇري تي موجود هر شَي جِي برق مقنائي اِنڊم جِي مختلف ڪَثِرَتُن ‏Frequencies‏ لاءِ پنهنجِي پنهنجِي موٽَ ‏Reflection‏ آهي، تنهنڪري گھام عڪس جي هر هِڪَ پٽي ڪا مخصوص وَٿَ، شَي، يا مقدارُ عڪسڻ يا ماپڻ لاءِ ڪارائتي آهي. مثال ‏طور، ‏‎[26]‎‏ مان ورتل جدول 2، نوئا سلسلي جي اپگرهن جِي هر اِندرياتي پٽيءَ جو ڪارج ٻڌائي ٿِي. اِنَ سان گھڻ اِنڊمي عڪسڪاريءَ ‏جي اهميتَ معلوم ٿي ٿِي ۽ ثابت ٿي ٿو ته گھڻ اِنڊمي عڪس جي هر پٽي مختلف قسمَ جي ڄاڻَ مهيا ڪري ٿي.

پٽي اِنڊم1 اِنڊم2 اِنڊم3
نوئا 6، 8، 10 نوئا 7، 9، 11 12، 13، 14، نوئا 15، 16، 17 پٽيءَ جو ڪارج
1 0.580 - 0.680 0.580 - 0.680 0.580 - 0.680 ڏينهن وقت بادل، ڳڱ Snow ، برفَ Ice ، ۽ ساوڪَ نِگارِي Mapping
2 0.725 - 1.100 0.725 - 1.100 0.725 - 1.100 بر/ بحر ميل، ڳڱ، برف، ۽ ساوڪ نِگارِي
3 3.550 - 3.930 3.550 - 3.930 0.580 - 0.680 بر/ بحر ميل، ڳڱ، برف، ۽ ساوڪ نِگارِي
4 10.50 - 11.50 10.50 - 11.50 10.50 - 11.50 ڏينهن/ رات وقت بادل ۽ مٿاڇري تپت نِگاري
5 عدم 10.50 - 11.50 10.50 - 11.50 بادل ۽ مٿاڇرا