لينسڊائون پل (پاڪستان)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
(لينسڊائون پل کان چوريل)
لئنسڊائون پل

پل جو منظر
کڻي ھلندڙ گاڏيون
پار ڪري ٿي سنڌوندي
وصفون
ڊزائين ڪينٽيليور ٽروس
منڍ کان آخر تائين ڊيگھ 790فٽ
تاريخ
اڏاوتي تڪميل 1889
Lansdowne Bridge Rohri, Sindh

لينسڊائون پل ( انگريزي: Lansdowne Bridge ) پاڪستان ۾ هڪ پراڻي ريلوي پل آهي، جيڪا سکر ۽ روهڙي جي وچ ۾ سنڌوندي تي واقع آهي. هيءَ پل 25 مارچ 1889ع تي جڙي راس ٿي. 6 مئي 1962ع ۾ ايوب پل جي اڏاوت کان پوءِ هن پل کي ريل گاڏين جي لاءِ بند ڪيو ويو ۽ ريلوي ٽريفڪ نئين پل تي منتقل ڪئي وئي. هاڻي هيءَ پل صرف ننڍين گاڏين جي لاءِ استعمال ٿيندي آهي. ھن پل جو نالو برٽش انڊيا جي وائسراءِ لارڊ لينس ڊائون جي نالي تي رکيو ويو. پل جي ڊيگھ 790 فٽ ھئي ۽ ان جي تعمير تي 40 لک خرچ آيا. لوھ جي ھي پل انجنيئر لنڊن ۾ ڊزائن ڪري اتي ٺاھي ان جو فريم لنڊن ٻاھران جوڙي بعد ۾ ان کي کولي بحري جھاز وسيلي ڪراچي آندو ويو ۽ ان کي موجوده جاء تي جوڙي نصب ڪيو ويو. مولائي شيدائي لکيو آهي ته: ”انڊس اسٽيٽ وئلي ريلوي“ ۽ ” سنڌ پشين ريلوي“ لائينن جي کلڻ ڪري ڪوئيٽا کي لاهور ۽ ڪراچيءَ سان گڏائڻ ضروري فوجي مسئلو هو. ٻيو ته انڊس فلوٽيلا ڪمپني جي فلاٽن ۽ جهازن وسيلي ريلوي مال گاڏن کي روهڙي آڻڻ ۽ نيڻ ۾ هڪ ته وقت ضايع ٿيندو هو ته ٻيو ڪمپنيءَ کي خرچ ڏيڻو پوندو هو، تنهنڪري سکر ۽ روهڙي وارين درياهه جي شاخن تي لوهي پل تعمير ڪرائڻ جو فيصلو اٽل هو[1]. پل اڏڻ جي رٿا 1872ع کان حڪومت هند جي زير غور هئي، جنهن جي منظوري 1883ع ۾ ڏني ويئي. 1885ع ۾ انگلينڊ کان مال اچڻ ۾ دير ٿي ويئي، ڪم روڪجي ويو، 1887ع ۾ وري ڪم شروع ٿيو، جو1889ع ۾ مڪمل ٿيو. هن پل جا ٻه حصا آهن، روهڙيءَ وارو حصو جو ڪئنچين تي بيٺل آهي ۽ هن جي ڊيگهه 820 فوٽ آهي، سکر واري شاخ ٽن ٿنڀن تي بيٺل آهي ۽ ڊيگهه ۾ 600 فوٽ آهي، پل جي افتتاحي رسم بمبئيءَ جي گورنر لارڊري ادا ڪئي، جنهن لاءِ سکر ميونسپالٽي بکر جي قلعي ۾ وڏو شاميانو جهنڊين سان سينگاريل کوڙيو هو. هن موقعي تي سنڌ جو ڪمشنر مسٽر چارلس پرچرڊ ۽ خيرپور جو والي هزهائنس سر مير علي مراد خان ۽ هندوستان ۽ پنجاب جي وڏن ماڻهن حاضري ڏني، گورنر تقرير ۾ چيو ته افغانستان سان واپار ترقي ڪندو. پل تي چاليهه لهه روپيا خرچ ٿيو ۽ ٺيڪو انگلنڊ جي ڪمپني ”ويسٽ ووڊائنڊ ايلي“ کي ڏنو ويو ۽ مسٽر رابرٽن انجنيئر جي نگراني هيٺ ڪم هليو، وائسراءِ لارڊ لينسڊائون جي نالي تي پل ”لينسڊائون برج“ سڏجڻ لڳي، سکر جا ڀاڳ کلي ويا ڇو ته هيءِ پل دنيا جي عجائبات ۾ شمار ٿئي ٿي تنهنڪري پري پري کان ماڻهون ڏسڻ اچن ٿا، انڊس فلو ٽيلا ڪمپنيءَ جو ڪاروبار 1889ع ۾ پل کلڻ کان پوءِ بند ٿي ويو ۽ سکر تجارتي مرڪز بنجي ويو[2].

پل جو خاڪو

جمالو واري لوڪ ڪھاڻي[سنواريو]

ھن پل جي خاصيت ھئي ته ان ۾ ڪوبه ٺلھ ڪونہ ھيو جنھن ڪري ھوجمالو واري ھڪ لوڪ ڪھاڻي جنم ورتو جيڪا روايت ۾ اچي وئي.

حوالا[سنواريو]

  1. Sindh Historical Journal. Vol. V. January 1941 Karachi. P.5
  2. ڪتاب جو نالو ؛ تاريخ سکر :مصنف؛ رحيمداد خان مولائي شيدائي ؛ڇاپو: پهريون سال؛ 1992ع ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ


مڪانيت: 27°41′37″N 68°53′18″E / 27.69361°N 68.88833°E / 27.69361; 68.88833