لسي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
لسی

روائتي لسي
ملڪ ننڍو کنڊ
مکيہ شامل جزا ڌئونرو، ڪريم، پاڻي، مصالا
  Media: لسی

لسي (انگريزي ٻولي: Lassi، پنجابي: ਲੱਸੀ، هندي ٻولي: लस्सी، گجراتي: છાસ، سانچو:Lang-bn) ڌئونرو مان ٺاهي ويندڙ هڪ روايتي ننڍي کنڊ جي مشروب آهي، جيڪا گهڻي قدر سنڌ، پنجاب، گجرات جي مشروب طور سڃاتي ويندي آهي. عام طور تي ڌئونرو ۾ پاڻي ملائي مانڌاڻيءَ ولوڙي ويندي آهي ۽ ان ۾ مکڻ ڌار (الڳ) ڪري وٺبو آهي پوءِ ان ۾ گهرج مطابق لوڻ ۽ وڌيڪ پاڻي ملايو ويندو آهي. ڪجهه ماڻهو ان ۾ کنڊ پڻ ملائيندا آهن ۽ اها مٺي لسي سڏبي آهي. لسي پاڪستان ۽ ڀارت ۾ خاص طور پنجاب سنڌ جي ٻهراڙيءَ جي علائقن ۾ تمام گهڻي مقبول آهي. سخت گرميءَ ۾ ٿڌي، اطمينان ۽ ننڊ جو سبب بڻجندي آهي.

لسي جنھن کي گھڻا ماڻھو جھڻ بہ سڏين ٿا. مينھن يا ڍڳِي جي کير کي ڄمائي ڌئونرو ٺاھي ان کي مانڌاڻي يا جھيرڻي سان ولوڙي لسي تيار ڪئي وڃي ٿي. ٻھراڙيءَ جا اڪثر ماڻهوءَ ماني سان گڏ لسي جھڻ اڪثر استعمال ڪندا آھن. لسيءَ جو تاثير ٿڌو آھي، تنھن ڪري ھن کي گرميءَ جي مند ۾ گھڻو استعمال ڪيو وڃي ٿو.

وڌيڪ مشهور عام لسيءَ ۾ ڌئونرو، پاڻي ۽ لوڻ ئي شامل ڪيو ويندو آهي، پر مٺِي لسي ۽ اڌ رڙڪي به پي ويندي آهي. مٺي لسيءَ ۾ ڌئونرو سان گڏوگڏ کير ۽ کنڊ شامل ڪئي ويندي آهي ۽ اها عام لسيءَ کان وڌيڪ گھاٽي هوندي آهي. هي عام طور تي ناشتي نيرن ۾ وٺبي آهي، جڏنهن ته ان ۾ ننڊ ڏياريندڙ خصوصيتون وڌيڪ هونديون آهن. پاڪستان ۾ لاهور، گوجرانوالا ۽ فيصل آباد ۽ جڏهن ته ڀارت ۾ امرتسر ۽ جوڌپور پنهنجي لسيءَ سبب ڪافي مشهو آهن.

گرمين جي موسم ۾ لسي گرميءَ جي احساس کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ عام مشروب جي حيثيت اختيار ڪري ويندي آهي. لسي ناشتو ۽ کاڌي خاص ڪري ٻن پهرن جي کاڌي سان گڏ وڌيڪ پيتي ويندي آهي. ديسي علاج ۽ ٽوٽڪن ۾ پڻ لسيءَ کي هڪ خاص اهميت حاصل آهي.

مختلف قسم[سنواريو]

لسي مٺي به ٺاهبي آهي، ۽ لوڻياٺي (نمڪين) به جنهن ۾ مختلف شيون جهڙوڪ ڌئونرو، پاڻي، برف ، لوڻ کنڊ وغيره وجهبي آهي.

روايتي لوڻياٺي لسي[سنواريو]

لوڻياٺي لسي ڦودني سان گڏ ، (پاڪستان).

روايتي لوڻياٺي لسيءَ ۾ ڌئونري کي هٿ جي مانڌاڻيءَ يا برقي مانڌاڻي (بلينڊر) سان گهمائي، پاڻي ۽ لوڻ ملائيو ويندو آهي. لوڏڻ دوران لسيءَ ۾ مکڻ ڪڍيو ويندو آهي ۽ لسيءَ کي يخ ٿڌو ڪري پيش ڪئي ويندي آهي.

مٺي لسي[سنواريو]

مٺي لسي ۾ لوڻ جي بدران کنڊ شامل ڪئي ويندي آهي، ان کانسواءِ پاڻيءَ جي جي جاءِ تي يا پاڻيءَ سان گڏ کير به ملايو ويندو اهي. ذائقو وڌائڻ جي لاءِ ان ۾ عرق گلاب، ليمي ڪي رس يا مختلف ميوات جي رس شامل ڪئي ويندي آهي، (مثال مينگو لسي يا انب واري لسي)، پاڪستان ۾ سنڌ ۽ ڀارت ۾ راجسٿان جي علائقن ۾ زعفراني لسي پڻ پيتي ويندي آهي. مٺِي لسيءَ ۾ مکڻ يا مٿانهين موجود رهندي اهي جنهن جي سبب هيءَ گهاٽي ٿيندي آهي، هيءَ ننڊ ڏياريندڙ هوندي آهي ۽ ان کي پيئڻ کانپوءِ ننڍهارڪي ڪيفيت ٿي سگهي ٿي.


ڀنگ لسي[سنواريو]

هڪ ڀنگ جو دڪان

ڀنگ لسي ڀارت ۾ تهوارن وغيرہ جي موقع تي پيتي ويندي آهي. ان ۾ ڀنگ جي ٻوٽي مان ڪٽي پيسي محلول شامل ڪيو ويندو آهي۔


حوالا[سنواريو]


خارجي ڳنڍڻا[سنواريو]