قومپرست اتحاد

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

قومپرست اتحاد يا قومپرست ڀائپي يا پئن نيشنلزم (انگريزي ٻولي: Pan Nationalism) اصل ۾ قوم پرستيءَ جو هڪ قسم آهي، جيڪو پنهنجي سرگرميءَ ۾ رياستي سرحدن کان مٿانهين آباديءَ جي ايڪي کي ممڪن بڻائيندو آهي. قومپرستيءَ جي ٻين قسم جيان” پئن نيشنلزم“ ساڳي ٻولي، مذهب تاريخي پسمنظر، سوچ جي هم آهنگي ۽ طبعي هڪجهڙائي رکندڙ وسيع آباديءَ ۾ نفسياتي ۽ روحاني ويجهڙائپ جي سبب بڻجندي آهي . جيئن ”پئن عرب ازم“ جي تصور ۾ ساڳي ٻولي سڄي عرب دنيا جي اتحاد جو اهڃاڻ آهي ، توڙي جو عرب آباديءَ جا مذهب مٽيل آهن. اهڙي طرح ”پئن نيشنلزم“ به مختلف رياستن ۾ ورهايل هم زبان هم نسل آباديءَ کي گڏ ڪري، هڪ وڏي برادريءَ جي جوڙجڪ ڪري ٿو، علائقائيت ) (Regionalsim جي واڌاري،علائقائي سهڪار، بلڪه اتحاد ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. ساڳئي وقت ڪو شخص يا گروهه ان رويي کي، پرڏيهي پاليسيءَ ۾ استعمال ڪندي ان کي پنهنجي والار پسندي ۽ هڪ هٽيءَ لاءِ به استعمال ڪري سگهي ٿو. مثال طور: روس طرفان ”سلاوازم“ جي ڇٽيءَ هيٺ سلاو قومن کي گڏ ڪرڻ جو مقصد دراصل علائقي ۾ عثماني اثر کي روڪڻ هو. تاريخ جي حوالي سان عرب ۽ آفريڪا ۾ ”پئن نيشنلزم“ جي رويي، بيٺڪيت مخالف آزاديءَ جو تحريڪون هلائي، ويهين صديءَ ۾ تمام گهڻين قومن کي نئين رياستي سڃاڻپ ڏني.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. سنڌي آنلائين ڊڪشنري آرڪائيو ڪيا ويا 2019-07-16 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. پاران سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد