قائم علي شاهه

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
قائم علي شاهه
سنڌ جي صوبائي اسيمبلي
28th وزير اعليٰ سنڌ
دفتر سنڀاليو
30 May 2013
صدر ممنون حسين
وزير اعظم نواز شريف
گورنر عشرت العباد خان
پيشرو زاهد قربان علوي
26هونوزير اعليٰ سنڌ
عهدو سنڀاليو
6 اپريل 2008 – 20 مارچ 2013
صدر آصف علي زرداري
وزير اعظم يوسف رضا گيلاني
راجا پرويز اشرف
مير هزار خان کوسو
گورنر عشرت العباد خان
پيشرو عبدالقادر هاليپوٽو
جانشين زاهد قربان علوي
17هونوزير اعليٰ سنڌ
عهدو سنڀاليو
2 ڊسمبر1988 – 25 فيبروري1990
صدر غلام اسحاق خان
وزير اعظم بينظير ڀٽو
گورنر قدير الدين احمد
فخرالدين جي ابراهيم
پيشرو اختر علي غلام قاضي
جانشين آفتاب شعبان ميراڻي
MPA of Sindh
دفتر سنڀاليو
2008
ذاتي تفصيل
پيدائش سيپٽمبر13, 1928 [1]
شهريت پاڪستاني
سياسي جماعت پاڪستان پيپلز پارٽي
رهائش ڪراچي
مذهب اسلام

سانچو:پاڪستان جي سياست

سيد قائم علي شاھ (اردو: سید قائم علی شاہ,انگريزي ٻولي: Qaim Ali Shah) سنڌ جو اڳوڻو وڏو وزير ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جو سربراھ آھي ۽ پڻ تَڪَ نمبر PS-220 خيرپور تان صوبائي اسيمبليءَ جو ميمبر پڻ آهي. ھو اڳوڻو وزير صنعت ۽ وزير ڪشمير به رھي چڪو آھي. ھو خيرپور کان پاڪستان پيپلز پارٽي جي سنڌ اسيمبلي جو رڪن منتخب ٿيو. قائم علي شاھ ٽي ڀيرا سنڌ جو وزيرِ اعظم به رهي چُڪو آهي.

سيد قائم علي شاهه 13 سيپٽمبر 1928 ۾ سيد رمضان علي شاهه جيلاني جي گهر ۾ جنم ورتو، سيد رمضان علي شاهه جو گهراڻو خيرپور رياست ۾ اعليٰ تعليم يافته ۽ معزز خاندانن ۾ شمار ٿئي ٿو.

سيد قائم علي شاهه ابتدائي تعليم ناز پائليٽ هاءِ اسڪول خيرپور مان حاصل ڪئي، ان کانپوءِ هو وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ڪراچي ويو، جتان بيچلر آف آرٽس ۾ بي اي جي ڊگري حاصل ڪئي، جنهن کانپوءِ ايس ايم لا ڪاليج ڪراچي مان قانون جي ڊگري حاصل ڪئي.

سيد قائم علي شاهه سنڌ جو اڳوڻو وڏو وزير ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جو سربراهه آهي ۽ پي ايس 220 خيرپور تان صوبائي اسيمبلي جو ميمبر پڻ آهي، سيد قائم علي شاهه صنعت وارو وزير ۽ ڪشمير مسئلن بابت وزير رهي چڪو آهي. سيد قائم علي شاهه جيلاني خيرپور ضلعي ڪائونسل جي چيئرمين چونڊجڻ کانپوءِ 1967 ۾ ذوالفقار علي ڀٽو جي جماعت پاڪستان پيپلز پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪئي هئي. 1970 جي چونڊن ۾ هن خيرپور ۾ سيد غوث علي شاهه کي شڪست ڏئي ڪاميابي حاصل ڪئي، جنهن کانپوءِ ذوالفقارعلي ڀٽو سيد قائم علي شاهه کي پنهنجي ڪابينه ۾ شامل ڪيو. 1977 ع ۾ ضياءُ الحق جي اقتدار اچڻ کانپوءِ سيد قائم علي شاهه، غلام مصطفيٰ جتوئي، غلام مصطفيٰ کر، مير هزار خان بجاراڻي ۽ مخدوم خليق الزامان کي گرفتار ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ انهن مان ڪجهه پارٽي ڇڏي ويا ۽ ڪجهه پارٽي سرگرمين کان لاتعلق رهيا پر سيد قائم علي شاهه جيل ۾ رهڻ باوجود به پيپلز پارٽي جو وفادار ساٿي رهيو.

سياسي ميدان ۾ سيد قائم علي شاهه سٺو نالو رکي، هن 1990، 1993، 2002 ۽ 2008 ۾ جي عام چونڊن ۾ اڪثريت سان سوڀ ماڻي، جنهن کانپوءِ پ پ جي اعليٰ قيادت لاءِ تمام گهڻو احترام واري بڻجي ويو ۽ پ پ جي اعليٰ قيادت کيس تمام گهڻو ڀائيندي هئي.

سيد قائم علي شاهه جيلاني سياسي سفر ۾ ٽي ڀيرا سنڌ جو وڏو وزير ۽ هڪ ڀيرو سينيٽر رهي چڪو آهي، جنهن سبب سيد قائم علي شاهه جو نالو پيپلز پارٽي جي بنياد رکندڙن ۾ شمار ٿئي ٿو.

ضياءُ الحق جي مرڻ کانپوءِ ۽ بينظير ڀٽو جي ڏيهه واپس اچڻ بعد سيد قائم علي شاهه کي پيپلز پارٽي جو صدر مقرر ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ 1988 جي عام چونڊن ۾ حصو ورتائين جنهن ۾ هو ڪامياب ٿيو ۽ کيس 2 ڊسمبر 1988 ۾ خيرپور ميرس کان سنڌ جي سترهين وڏي وزير طور چونڊيو ويو.

سيد قائم علي شاهه عام چونڊن ۾ ست کان اٺ ڀيرا حصو ورتون جنهن ۾ 6 ڀيرا صوبائي اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو ويو ۽ هڪ ڀيرو سينيٽر ۽ قومي اسيمبلي جو ميمبر پڻ چونڊيو ويو.

سيد قائم علي شاهه جي پنهنجن مائٽن ننڍي عمر ۾ سندس پنهنجي سئوٽ سان شادي ڪرائي، جنهن کانپوءِ هن تعليم مڪمل ٿيڻ بعد هڪ ٻي شادي اي ڪي بروهي جي ڀيڻ حسن افروز بروهي سان ڪئي هئي، پر بدقسمتي سان انهن ٻنهي مان سندس ڪا به گهر واري گهڻي وقت تائين سائين جو ساٿ نه نڀائي سگهي ۽ فاني دنيا ۾ هميشه لاءِ الوداع ڪري ويون. سيد قائم علي شاهه کي ٻنهي گهروارين مان 4 پٽ ۽ 8 نياڻن جي اولاد آهي، جنهن مان کيس پهرين گهرواري مان چئن ٻارن جو اولاد سيد مظر علي شاهه، سيد لياقت علي شاهه، شمشاد شاهه ۽ نجما شاهه آهن ۽ ٻي گهرواري مان کيس سيد اسد علي شاهه، ڊاڪٽر نصرت شاهه، ناهيد شاهه دراني، نظهت شاهه، نگهت شاهه، نفيسا شاهه، ۽ سيد افضل شاهه جو اولاد آهي.

سيد قائم علي شاهه جي اولاد مان هڪ نياڻي ڊاڪٽر نفيسه شاهه جيلاني پنهنجي پيءُ جي نقشه قدم تي گامزن آهي، ڊاڪٽر نفيسه شاهه جيلاني هڪ سٺي سياستدان آهي، ان کان علاوه هوءَ هڪ صحافي، اينٿروپولاجسٽ، ۽ پينٽر پڻ آهي. ڊاڪٽر نفيسه شاهه جيلاني قومي اسيمبلي جي ميمبر، نيشنل ڪميشن فار هيومن ڊولپمينٽ جي چيئرپرسن ۽ ان کان علاوه اسٽينڊنگ ڪميٽي آن اڪنام افيئر ۽ فناس منارٽيز جي ميمبر پڻ آهي. ڊاڪٽر نفيسه شاهه انهن عورتن ۾ شمار ٿئي ٿي جنهن جو سياست جي ميدان ۾ 10 سالن کان وڌيڪ تجربو هجي ۽ انهن پارليامينٽرين ۾ شمار ٿئي ٿي جنهن ڊاڪٽريٽ ۽ پوسٽ گريجوئيٽ جي ڊگري آڪسفورڊ يونيورسٽي مان حاصل ڪئي هجي.

پاڪستان پيپلز پارٽي اعليٰ قيادت طرفان 21 مارچ 2013 ۾ سيد قائم علي شاهه کي هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌ جو وڏو وزير چونڊيو ويو، جنهن کانپوءِ پ پ جي اعليٰ قيادت سيد قائم علي شاهه کي هاڻي وڏ وزارت جي عهدي تان هٽائي سيد مراد علي شاهه کي سنڌ جو نئون وڏو وزير مقرر ڪيو آهي.

سياسي زندگي[سنواريو]

خيرپور ضلعي ڪائونسل جي چيئرمين چونڊجڻ کان بعد 1967ء ۾ ھن ذوالفقار علي ڀٽو جي جماعت پاڪستان پيپلز پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪري ورتي. 1970ء جي چونڊن ۾ ھن خيرپور ۾ غوث علي شاھ کي شڪست ڏئي ڪري ڪاميابي حاصل ڪئي جنھن تي ذوالفقار علي ڀٽو انکي پنھنجي ڪابينه ۾ شامل ڪر ڇڏيو. 1977ء ۾ ضياءالحق جي برسراقتدار اچڻ کان بعد انکي به گرفتار ڪري ورتو ويو پر ھو پيپلز پارٽي سان وفادار رھيو. اھڙي طرح 1990ء،1993ء،2002ء ۽ 2008ء جي چونڊن ۾ به ھو فاتح رھيو. انکي ٽي ڀيرا سنڌ جو وڏو وزير ٿيڻ جو اعزاز حاصل آھي.


حوالا[سنواريو]