فوزيه سومرو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
فوزيہ سومرو
Fozia Soomro
پس منظري معلومات
پيدائشي نالو حڪيمان
پيدائش 1966
تعلق سنڌ
وفات 4 سيپٽمبر 2002 (عمر 36 سال)
صنف لوڪ
پيشا فنڪاره
سرگرم سال 1990–2002
Fozia Soomro - Bemisaal Thari

فوزيه سومرو (انگريزي: Fozia Soomro)، سنڌ جي مشهور عوامي گلوڪاره هئي. سندس جنم 1969ع تي ٿر جي کارسر جبل ڪناري هڪڙي ننڍڙي ڳوٺ ويرواهه ۾ نٿو خان سومرو جي گهر ۾ ٿيو. سندس والد حمد ۽ نعتون ڳائيندو هو ۽ ٽنڊو محمد خان جي فوجي شگرملز ۾ نوڪري ڪندو هو۔

ذاتي زندگي ۽ تعليم[سنواريو]

فوزيه سومرو جو اصل نالو ”حڪيمان” هو، سندس والده جو نالو ”ستان“ هو۔ سندس وڏا اصل ٿر جا رهاڪو هئا فوزيه سومرو ننڍپڻ ۽ جواني ٽنڊو محمد خان ۾ گذري. فوزيه سومرو مئٽرڪ پاس ڪيو.

گلوڪاره[سنواريو]

سورنهن سترهن سالن جي عمر ۾ هن ڳائڻ شروع ڪيو. ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي انور بلوچ ۽ نصير مرزا کيس متعارف ڪرايو. سندس شروعاتي ڪلام "بي قدرا قدر نه ڪيڙئي ڪو" ڏاڍو مشهور ٿيو. موسيقيءَ جي حوالي سان فوزيه سومرواستاد نياز حسين، استاد مجيد خان ۽ غلام حسين ڪليري کان سکيا ورتي۔ لوڪ موسيقي سندس مقبوليت جوسبب بڻي۔ هن سنڌي، اردو، سرائيڪي، بلوچي، مارواڙي ٻولين ۾ ڳايو۔

فوزيه سومرو ملڪ کان ٻاهر سعودي عرب، دبئي، ڀارت وغيره ۾ پڻ پنهنجي آواز جو جادو جاڳائي مڃتا ماڻي. کيس شاهه لطيف ايوارڊ، شهباز ايوارڊ، سميت لاتعداد ايوارڊن سان نوازيو ويو۔هن ٽنڊو محمد خان جي زميندار مصري سٺيو سان پيار جو پرڻو ڪيو هو۔ جيڪو پرڻو 4 سالن بعد پڌرو ڪيو ويو هو۔ کيس ڪرن نالي هڪ نياڻي آهي جيڪا پڻ راڳ جي سکيا وٺي رهي آهي۔ [1]

وفات[سنواريو]

فوزيه سومرو 4 سيپٽمبر 2002 تي گڙدن جي تڪليف سبب لاڏاڻو ڪري. کيس ٽنڊو محمد خان جي سخي برهان شاهه قبرستان ۾ سپردخاڪ ڪيو ويو۔

وڌيڪ ڏسو[سنواريو]

حوالا[سنواريو]