فضائي تصويرنگاري
ڪنهن اوچي، يعني مٿانهين هنڌ تان زمين جون تصويرون ڪڍڻ کي فضائي تصويرنگاري (aerial photography) چئبو آهي. اهو اصطلاح اڪثر تڏهن استعمال ٿيندو آهي جڏهن ڪيميرا زمين يا زمين سان جڙيل ڪنهن به شَي تي ٽيڪيل نه هجي. جڏهن ته ڪيميرا تصويرنگار (فوٽوگرافر) جي هٿ ۾ به ٿي سگھي ٿي ته ڏور ضابطيل به ٿي سگھي ٿي؛ يعني تصوير تصويرنگار جي هٿان به نڪتل ٿي سگھي ٿي ته ڏور ضابطي ذريعي به نڪري سگھي ٿي. فضائي تصويرنگاريءَ جو پليٽ فارم راڪيٽ، هوائي جهاز، هيليڪاپٽر، اڀٽوٻو، ڦُوڪڻو، ۽ ويندي لغڙ به ٿي سگھي ٿو.
فهرست |
تاريخ [سنواريو]
فضائي تصويرنگاريءَ جي ابتدا 1858ع ڌاري فرانسيسي تصويرنگار ۽ هواباز ناداغ ڪئي.[1] پهرين جنگ عظيم دوران Fred Zinn جهڙن هوابازن فضائي تصويرنگاريءَ جو دائرو فوجي مقصدن تائين وڌايو.
مصرف [سنواريو]
فضائي تصويرنگاريءَ جو استعمال نقشينگاري، ڌر-واپراءُ رٿابندي، ونگڀياس، فلمسازي، ماحولياتي مطالعات، جاسُوسِي، واپاري اشتهارڪاري، ۽ ٻين کيترن ۾ ٿيندو آهي. فضائي تصويرون يا عڪس اڪثر ڀُون نگارڪ اطلاعت سرشتن (ڀناس) ذريعي پردازيون وينديون آهن.
|
تازو ئي ڪرڻڪ-ضابطيل هوائي جهازن يعني ڏور-ضابطيل هوائي جهازن جي ميدان ۾ ٿيل اڳڀرائيءَ سبب هيٺاهين اڏام تان فضائي تصويرنگاري ممڪن بڻي آهي. ان جو گھڻي کان گھڻو فائدو جائداد جي اشتهارڪاريءَ لاءِ ورتو ويو آهي، جنهن ۾ رهائشي ۽ واپاري ملڪيتن جي تصويري نمائش جي ضرورت پوي ٿي. ماڻهيل علائقن ۾ وڏن يعني بشريل هوائي جهازن لاءِ هيٺاهين اڏام ممنوع آهي. تنهنڪري ننڍا ماڊل هوائي جهاز اهڙن علائقن ۾ فضائي تصويرنگاريءَ جو نادر موقعو فراهم ڪن ٿا. يقيناً ننڍا ماڊل هوائي جهاز وڏن يعني بشريل هوائي جهازن جو مڪمل نعم البدل ناهن، جيڪي گھڻي دير اڏامي سگھن ٿا ۽ گھڻا وزني اوزار کڻي سگھن ٿا.
قانوني پهلُو [سنواريو]
جيئن ته ڪا به اهڙي شَي جيڪا پبلڪ جاءِ کان ڏسجي سا آمريڪا جي قانون موجب ذاتيات جي دائره ڪار کان ٻاهر ليکبي آهي، تنهنڪري فضائي تصويرنگاري ڪنهن به خانگي ملڪيت ۽ ان ۾ پيش ايندڙ واقعن کي قانوناً فلمبند ڪري سگھي ٿي. اهڙيءَ ريت ڪنهن به فضائي رٿ ذريعي ڏسجندڙ ڪا به شَي پبلڪ تصور ڪئي ويندي آهي، سواءِ گرمل پروبز جي، جن جي استعمال کي آمريڪا جي سپريم ڪورٽ غير قانوني قرار ڏنو.[2]
چيلينجز [سنواريو]
- ٽاڪڻ: جيئن ته ڪا هڪ فضائي تصوير تمام وڏو علائقو نٿي سموئي سگھي، تنهنڪري وڏو علائقو، جهڙوڪر هڪ سموري شهر جي يڪي فضائي تصوير جوڙڻ لاءِ ڪيترين ئي فضائي تصويرن کي ٽاڪڻو پوندو.
- عمودائڻ: هڪ عام تصوير وانگي فضائي تصوير ۾ به ويجھيون شيون وڏيون ته پرانهيون شيون ننڍيون نظر اينديون آهن. تصوير ۾ اهڙو بگاڙ آڻڻ کي عمودائڻ چئبو آهي، جنهن سان سموريون شيون پنهنجي اصل قد ڪاٺ جي نسبت سان تصوير ۾ ننڍيون يا وڏيون نظر اچن، يعني هڪجيڏيون شيون تصوير ۾ به هڪجيڏيون ئي نظر اچن. ڏسندا: عمودي تصوير.
- ٺهڪاءُ: فضائي تصويرن کي اڪثر اصلي يعني طبعي طور موجود شين جهڙوڪ رستن، عمارتن، چوڪن، ڏس پتن، ريلواٽ اسٽيشن، هوائي اڏن، بس اسٽاپن، يا ڀون نگارڪ بيهڪن سان نقشيبند ڪيو ويندو. مثال طور، ڪن ٻن عمارتن درميان ننڍي ۾ ننڍو گس ۽ فاصلو معلوم ڪرڻ لاءِ.
پڻ ڏسندا [سنواريو]
- تناظري درستگي
- هوابازي تصويرنگاري
- هوائي تصويرگري
- لغڙي تصويرنگاري
- عمودي تصوير
- ڏور اندريات
- عڪسپيمائش
- اپگرهِي عڪسگري
خارجي ڳنڍڻا [سنواريو]
- فضائي تصويرنگاري ۽ ڏور اندريات
- برطانيه فضائي تصويرن ۽ اپگرهي عڪسن ۾ ڏسجندي
- ڏور ضابطيل فضائي تصويرنگاري ايسوسيئيشن
- ڪيناڊا جا قدرتي وسيلا: فضائي تصويرن جي انٽرپريٽيشن جو تعارف
- عمودايل عددي فضائي تصويرن جي گيلري
- فضائي قدامتڀياس فضائي تصويرنگاريءَ جا ٽيڪنيڀياس
- فضائي تصوير وضاحت (انٽرپريٽيشن)
- فضائي تصويرنگاريءَ لاءِ ڏور ضابطيل هيليڪاپٽرن جو استعمال
- ڊيلاويئر ماٿريءَ جو برڊز آءِ ويُو ڊيلن فضائي سروي ڪوٺيءَ بابت (1924ع-1941ع)
- ڏکڻ ڪيرولينا، ڪولمبيا جون تاريخي فضائي تصويرون يونيورسٽي آف سائوٿ ڪيرولينا جي لائبريريءَ ۾
- پڪسيريئل ويلز جي ماحولياتي ۽ قدامتڀياسي سروي
- يونان جون فضائي تصويرون
- PAPA پيشور فضائي تصويرنگار سَٿَ
- RCAPA ڏور ضابطه فضائي تصويرنگاري سَٿَ
حوالا [سنواريو]
- ↑ فضائي تصويرنگاريءَ جي تاريخ پيشه ور فضائي تصويرنگار سَٿَ (ساري وئي: 21هين ڊسمبر 2007ع)
- ↑ California v. Ciraolo, 476 U.S. 206 (1986)