فحش فلم

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

فحش فلم، بالغ فلم، جنسي فلم، نانگي فلم، گندي فلم، عرياں فلم، ٽرپل يا ٿري ايڪس فلم ھڪ اھڙي فلم کي چئبو آھي جنھن ۾ جنسي تصورن کي ناظرين جي جنسي تحريڪ ۽ شھواني لطف جي لاءِ ڏيکاريو  ويندو آھي. اھڙي فلمن ۾ شھواني ترغيب وارو مواد ڏيکاريو ويندو آھي جيئن عرياني ۽ کلي عام جنسي عمل وغيره. فحش فلمن جي صنعت جا ڪارڪن انکي بالغ فلمون يا بالغ صنعت جي نالي سان ياد ڪندا آھن. ننڍي کنڊ ۾ بالغ فلم کي بليو فلم به چيو ويندو آھي. فحش فلمن کي بليو پرنٽ يا بليو پرنٽ فلمون چوڻ ھڪ غلط العام آھي. بليو پرنٽ جو اصل مطلب آھي تڪنيڪي نقشو.

فحش فلمن جا ڪيترائي ذيلي قسم آھن جيڪي ڪيترن ئي قسمن جي جنسي رجحان ۽ مزاج رکڻ وارن ناظرين جي طلب کي نظر ۾ رکي ڪري تخليق ڪيون وينديون آھن.