عڪس واقعنامو

Wikipedia طرفان
Jump to: navigation, ڳولا

ڳڻپيوڪر چٽيات يعني Computer Graphics ۾، رنگ واقعنامو يا Image Histogram ڪنهن عڪس جي هڪ اهڙي نمائندگي آهي جيڪا هر عڪسل جو 'رنگ' ڳڻڻ سان جڙندي آهي. اهو خيال مائيڪل سوين ۽ ڊانا بالرڊ 1991ع ۾ پيش ڪيو. عڪس واقعنامو خاص طور اتي استعمال ٿيندو آهي جتي الخوارزميءَ جي چونڊ ۾ پردازڪاريءَ جي رفتار هڪ خاص فيڪٽر هجي.

عڪس:Popat.gif
هڪ سليٽي پيما عڪس

رنگ واقعناما لچڪدار ڪنسٽرڪٽ آهن، جيڪي متفرق رنگ پولار، جهڙوڪ ڳسن، ڳس-ڪروميٽيسٽي يا ڪو ٻيو رنگ پولار رکندڙ عڪسن لاءِ جوڙي سگھجن ٿا. واقعنامو ڪنهن ڪاري اڇي عڪس سليٽي پيما عڪس جو به جوڙي سگھجي ٿو.

ڪنهن عڪس جو واقعنامو جوڙڻ لاءِ عڪس اندر هر رنگي عدد رکندڙ عڪسلون ڳڻبيون آهن. واقعنامو جوڙڻ کان اڳ رنگ پولار کي ڊسڪريٽائي به سگھجي ٿو. مثال طور، هيٺين جدول ڏسندا، جيڪا هتي ڏنل تصوير جو واقعنامو ڏيکاري ٿي.