عظيم تر آفريڪي نظريو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

عظيم تر آفريڪي نظريو يا پين ايفريڪن ازم (انگريزي ٻولي: Pan Africanism) هڪ سياسي ۽ سماجي نظريو يا تحريڪ آهي، جنهن جو مقصد سڀني آفريڪي ملڪن ۽ آفريڪي ورثي يا نسل جي ماڻهن کي سياسي ۽ اقتصادي طرح هڪٻئي جي ويجهو آڻڻ ۽ عالمي سطح تي سندن اتحاد جوڙڻ آهي. هن تحريڪ، خاص طور تي يورپي ملڪن طرفان قائم ڪيل آفريڪي بيٺڪي نظام جي آخري مرحلن ۾ زور ورتو. ان تحريڪ جو بنيادي مقصد سڀني آفريڪي ملڪن کي يورپي قابض قوتن جي چنبي مان آزاد ڪرائڻ هيو. گهانا جو اڳواڻ ’ڪوامي نڪروما‘ هن تحريڪ جو سخت حامي هيو. ان کان سواءِ هن نظريي آمريڪا ۾ ڪاري نسل جي ماڻهن لاءِ شهري حقن جي حوالي سان به وڏي مڃتا ۽ اهميت ماڻِي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. سنڌي آنلائين ڊڪشنري[مئل ڳنڍڻو] پاران سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد