عددي سنڀار

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

عددي سنڀار ڊجيٽل ياداشت (انگريزي: Digital Memory ) ڏونائي سرشتي جي انگن کي محفوظ ڪري سگھي ٿي. برقيات جي ميدان ۾ ٽيڪنيڀياسي ترقيءَ سان عددي سنڀار وجود ۾ اچي سگھي. مگر عددي سنڀار جو ڪثرت سان عام استعمال ۾ اچڻ تڏھن ئي ممڪن بڻيو جڏھن پٿ برقيات وجود ۾ آئي. پٿ برقيات جي بدولت ھڪ چورس سينٽي ميٽر جي سليڪان چپ ۾ لکين ٽرانزسٽر سمائجي سگھيا ۽ وسيع سنڀارون وجود ۾ آيون. عددي سنڀار جو ھڪ ايڪو ھڪ ٻڪو انگ يا ٻٽ کي محفوظ ڪري سگھي ٿو. ڪنھن عددي سنڀار جي وسعت ٻاٽ يا ڪِلو ٻاٽ ۾ ماپي ويندي آھي. مگر ٽيڪنيڀياس جي مزيد ترقيءَ باعث عددي سنڀار جي وسعت ڪلو ٻاٽ جون حدون اورانگھي ھاڻي ميگا ٻاٽ، گيگا ٻاٽ ۽ ٽيرا ٻاٽ جي حدن ۾ پھچي وئي آھي.