عبدالمطلب

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

عبدالمطلب، هاشم جو صاحبزادو هو، جيڪو 287ء ۾ پيدا ٿيو هو.[1]

ڪنيت[سنواريو]

عبدالمطلب جي ڪُنيت (ابو حارث ۽ ابو البطحا) هُئي۔

حليو[سنواريو]

هو تمام خوبصورت ، قد جا ڊگها ، دانشور ، ۽ فصاحت و بلاغت ۾ مشهور هُئا۔

دين[سنواريو]

هُو (دين ابراهيم ع) موجب عبادت ڪندڙ هُئا۔ رمضان جو پورو مهينو (ڪوه حرا) تي گُذاريندا هُئا۔

اخلاق[سنواريو]

غريبن ، مسڪينن، ايستائين جو جهنگلي جانورن ۽ پکين کي خوراڪ کارائيندا هُئا۔

حرام کان پرهيز[سنواريو]

هُو شراب پيئڻ، مُحرم عورتن سان نڪاح ڪرڻ ، ڇوڪرين کي جيئرو دفن ڪرڻ خلاف هُئا.

عزت ۽ مقام[سنواريو]

حطيم ۾ سندن ويهڻ لاءِ هڪ غالچو وڇايو ويندو هو۔ جنهن ته ساڻن علاوه ڪير به نه ويهندو هو.

اولاد[سنواريو]

عبدالمطلب جي ٻاره پُٽن مان پنج پُٽن جن اسلام ِيا ڪُفر جي خصوصيتن جي ڪري شهرت ورتي هُئي اُهي

ابولهب ، ابو طالب عليه السلام ، عبدالله عليه السلام، حضرت حمزه عليه السلام ، حضرت عباس عليه السلام۔ ابو لهب گورو ۽ باهه جهڙي ڳلن جيان چمڪندڙ ۽ چهري وانگر هو اُن ڪري والد کيس اهو نالو ڏنو هو۔ عبدالمطلب جي ٻين پُٽن جا نالا هي هُئا۔ ضرار ، قُثم ، زُبير ، مقوم ، حارث ، عبدالڪعبه ۽ غيداق۔[2]

آب زم زم جي تلاش[سنواريو]

عبد المطلب : جيئن ته شيبه جي پرورش سندس چاچي مطلب ڪئي اُن ڪري اُن نسبت سان سندس نالو عبدالمطلب (مطلب جو غلام) پئجي ويو۔ سندن وڏي ۾ وڏو ڪارنامو اهو هو ته (چاه زم زم) جيڪو هڪ مُدت پهرئين واري ۾ دفن ٿي گُم ٿي ويو هو پاڻ انهن جي کوج ڪئي ۽ کوه کوٽارائي اُن کي نئي نموني جاري ڪرايو[3]۔

عبدالمطلب جي منت[سنواريو]

عبدالمطلب منت مڃي هُئي ته ڏه پُٽ پنهنجي سامهون جوان ڏسندا ته هڪ پُٽ الله جي راه ۾ قربان ڪري ڇڏيندو۔ اها آرزو پوري ٿي ته ڏه ئي پُٽن کي وٺي ڪعبي ۾ آيا ۽ ڪعبي جي پُڄاري کان قرعه ڪڍايو، اتفاق سان قرعه ۾ عبدالله جو نالو آيو۔ عبدالله جون ڀينرون رُئڻ لڳيون ته سندس بدلي ۾ ڏه اُٺ قربان ڪجن۔ وري ٻيهر قرع اندازي شروع ڪرائي وئي پر وري به عبدالله جو نالو نڪري آيو۔ هاڻ عبدالمطلب ڏه جي بدران ويهه اُٺ قربان ڪرڻ تي تيار ٿي ويو ۽ وري وري قرع اندازي ٿيڻ لڳي ۽ بار بار عبدالله جو نالو قرع ۾ نڪتو ايستائين جو اُٺن جو تعداد سو تي پُهچي ويو۔ پو اُٺن تي قرع ڪڍيو ويو ۽ اهو اُٺن تي نڪري آيو ۽ ائين سو اُٺ قربان ڪرڻ سان عبدالله بچي ويو۔(هي واقدي جي روايت آهي) ابن اسحاق جو بيان آهي ته اُٺن جي بدلي تي تجويز قريش جي رئيس جي تدبير هُئي[4]۔

وفات[سنواريو]

سندن وفات 578ء يا 579ء ۾ ٿي۔ تاجدار فارس (نوشيروان عادل) جي وفات ع ۾ ٿي هُئي۔

حوالا[سنواريو]