عبدالرحيم گرهوڙي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

عبدالرحيم گرهوڙي
 

معلومات شخصيت
ڄم سال 1739  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ ڄم (P569) وڪي ڊيٽا تي
راڻيپور، سنڌ  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقام ڄم (P19) وڪي ڊيٽا تي
موت سال 1778 (38–39 سال)  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ موت (P570) وڪي ڊيٽا تي
ميرپور خاص  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقام موت (P20) وڪي ڊيٽا تي
عملي زندگي
پيشو مولف  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو پيشو (P106) وڪي ڊيٽا تي

شيخ عبدالرحيم گرهوڙي (Abdul Raheem Girhorri) سنڌ جو صوفي بزرگ، ليکڪ ۽ شاعر ٿي گذريو آهي.

مختصر احوال[سنواريو]

شيخ عبدالرحيم گرهوڙي، ذات جو مڱريو, حضرت سلطان الاولياء [[خواجه محمد زمان قدس سرہ لواري شريف واري جو وڏو خليفو هو. زماني جي عجائبن ۽ بي نظير هستين مان ٿي گذريو آهي. ننڍي هوندي کان ئي پڙهڻ جو شوق هوندو هوس ۽ ايتري قدر علمي تجربو حاصل ڪيو جو سڄي سنڌ ۾ ملتان کان ويندي ٺٽي تائين جهڙس عالم ڪو نه هو. منقول توڙي معقول ۾ اعلي درجي جي مهارت هيس ۽ مباحثي ۽ مناظري ۾ ايڏو ته دسترس هوس جو ڪو به عالم مڃائي نه سگهندو هوس، فقهه جي ميدان ۾ جهڙي تهڙي کي ڪين مڃيندو هو ۽ هميشه پنهنجي اجتهاد تي هلندو هو،

ولادت[سنواريو]

گرهوڙي صاحب جي ڄم جي تاريخ پوري نموني خبر ناهي، پر جنهن صورت ۾ سندس شهادت سن 1192 هجري / 1139 عيسوي ۾ واقع ٿي ۽ ان وقت سندس عمر چاليهه سال هئي، تنهن صورت ۾ خيال آهي ته سندس ولادت سن 1152 هجري / 1778 عيسوي ۾ ٿي. ڪٿي ڄائو ڪٿي نپيو تنهن جو به پورو پتو ڪو نه ٿو پوي، ٻڌ سڌ مان ڄاڻ ملي ٿي ته سندس جنم خيرپور رياست جي مشهور شهر راڻي پور ۾ ٿيو هوندو. سندس والد جو نالو سعدالله هو، ان کان وڌيڪ ٻيو ڪو احوال ڪو نه ٿو ملي. سندس ماءُ سندس لاڏاڻي تائين تائين جيئري هئي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي هڪ انگريزي مقالي مان ملي آهي ته بزرگ گرهوڙي کپري تعلقي جي ڳوٺ واڙ ۾ ڄائو هو.

عبدالرحيم گرهوڙي جون اڳڪٿيون[سنواريو]

پنڌ کٽندا، سنگ ٽٽندا، مند نه وسندا مينهن،
ادب ويندو، حيا ويندو، لڄ نه رهندي ليهه،
راجا راڪاس ٿيندا، گولا پيئندا گيهه،
تون آهين ته شينهن پر؛ تو کي سلام ڪرڻو پوندو سهي کي.

[1]

پڻ ڏسندا[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. عبدالرحيم گرهوڙي جون اڳڪٿيون | Indus Asia Online Blog, وقت 2021-10-16 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2017-01-08 

[1][2]

  1. 1. شيخ عبدالرحيم گرهوڙيء جو ڪلام ، ليکڪ: ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽو
  2. 2. مداحون ۽ مناجاتون مصنف، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ