عباس ڪوريجو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
عباس ڪوريجو
Abbas Korejo Sindhi
مقامي ٻوليء ۾ نالو غلام عباس
پيدائش غلام عباس
16 سيپٽمبر 1983(1983-09-16)
ڳوٺ ڪوريجا، قمبر، سنڌ
قلمي نالو "عباس ڪوريجو"
ڌنڌو ڪھاڻيڪار، محقق، نقاد، ويب ڊولپر
قوميت سنڌي
شهريت پاڪستاني
تعليم سنڌي ادب ۾ ماسٽرس ڊگري، ڪمپيوٽر سائنس ۾ ماسٽرس
مادرِ علمي سنڌ يونيورسٽي
صنف نثر، ڪھاڻي
مُکيه ڪم جديد ڪھاڻي (فن ۽ موضوع) ڪتاب
ايوارڊ سنڌي لئنگويج اٿارٽيءَ پاران ادبي ايوارڊ ۽ ٻيا
ويبسائيٽ
http://www.abbaskorejo.com/

عباس ڪوريجو سنڌي ٻوليءَ جو ڪھاڻيڪار ۽ محقق[1]، قمبر تعلقي جي ڳوٺ ڪوريجا (محمد بخش ڪوريجو) ۾ زميندار حاڪم علي ڪوريجي جي گهر ۾ 16 سيپٽمبر 1983ع ۾ جنم ورتو.[2] پرائمري تعليم ڳوٺ جي اسڪول مان پِرائِي، ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ مان سنڌي شعبي ۾ ماسٽرس ڪيائين.[3] ادبي کيتر ۾ عباس ڪوريجي 3 ڪھاڻين جا ڪتاب ۽ ھڪ تحقيق تي مشتمل ڪتاب لکيو.[4] پاڻ ھن وقت دُبئي ۾ ذاتي ڪاروبار ڪندو آھي. سنڌي ٻوليءَ جو ڪھاڻيڪار ۽ محقق[5].

ننڍپڻ ۽ تعليم[سنواريو]

عباس ڪوريجو 16 سيپٽمبر 1983ع ۾ قمبر جي ڳوٺ ڪوريجا ۾ ڄائو۔ ابتدائي تعليم ڳوٺ جي پرائمري اسڪول مان پوءِ مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول جيئڻ ابڙي مان پاس ڪئي، انٽرميڊيئيٽ شاهه لطيف ڪاليج قمبر مان ڪئي. پهرين ماسٽرس جي ڊگري ايڪنامڪس ۾ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان ڪئي ۽ پوءِ سنڌ يونيورسٽيءَ مان سنڌي ادب ۾ فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن سان ماسٽرس ڪئي.[6] اٺين درجي ۾ پھرين ڪھاڻي ”پاڇا“ لکيائين ۽ پوءِ مختلف رِسالن ۽ اخبارن ۾ سندس ڪھاڻيون پڻ ڇپيون.



ڇپيل ڪتابَ[سنواريو]

عباس ڪوريجي جي سڃاڻپ ڪهاڻيڪار، محقق ۽ نقاد واري آهي.[7] ڪهاڻين جو پهريون مجموعو ”چنڊ پيرن هيٺ”[8] 2005ع ۾ ڇپيو، ٻيو گڏيل ڪهاڻي ڪتاب ”کيرٿر تان اڏار“ 2006ع ۾ ڇپيو ۽ سندس ڪهاڻين جو مجموعو ”پنهنجي ڌرتي”[9] 2014ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو۔ سال 2015ع ۾ سندس تحقيقي ڪتاب ”جديد ڪهاڻي: فن ۽ موضوع[10][11] ڇپجي پڌرو ٿيو. جنهن جو ٻيو ڇاپو سال 2020ع ۾ شايع ٿيو آهي.[12] عباس ڪوريجي جو مضمونن جو ڪِتاب ”ادب ۽انتهاپسندي“ پڻ سال 2022ع جي شروعات ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو جنھن جِي مھورتي تقريب 27 فيبروري 2022ع تي دُبئي ايڪسپو 2020 ۾ ٿِي گُذري۔

عباس ڪوريجي جو لکيل ”وڻ“ ناول 2022ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو، جنھن کي ادبي حلقي ۾ تمام گهڻي موٽ ملي.[13]

سنڌي ڪميپوٽنگ لاءِ خدمتون[سنواريو]

سنڌي ڪمپيوٽنگ لاءِ عباس ڪوريجي جي ڪيل خدمتن ۾ سنڌي ٻوليءَ جا فونٽ، سنڌيءَ ۾ ادبي ويبسائٽون، سنڌي ادب جي ڊجيٽلائيزشن شامل آھن.[14][15][16]

مڃتا[سنواريو]

ھُن کي مختلف وقتن تي ادبي ۽ سماجي تنظيمن طرفان ايوارڊس، شيلڊس ڏنيون ويون آھن جَن ۾ ھيٺيون سرِ فھرست آھن:

  • سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري پاران ”سال 2014ع جو بھترين ڪھاڻي ڪتاب“ ايوارڊ[17]
  • سنڌي ادبي سنگت طرفان سال 2006ع ۾ ”بھترين سيڪريٽري شاخ قمبر“ جو ايوارڊ
  • مرزا قليچ بيگ چيئر، سنڌ يونيورسٽي پاران ”نوجوانن سان مِلو“ جي سِري ھيٺ ايوارڊ
  • اسٽڊي سرڪل سنڌي شعبي پاران ”پھرين پوزيشن“ ايوارڊ
  • اين.ايس.ٽي پاران ”بھترين يونٽ منتظم“ ايوارڊ
  • سنڌ يونيورسٽيءَ پاران ’سنڌي ادب ۾ پھرين پوزيشن حاصل ڪرڻ تي‘ ”گولڊ ميڊل“ ۽ ”سلور ميڊل“[18]

حوالا[سنواريو]

  1. "Abbas Korejo | University of Sindh, Pakistan - Academia.edu". usind.academia.edu. حاصل ڪيل 2020-10-30. 
  2. "16 سيپٽمبر". www.drpathan.com. حاصل ڪيل 2023-01-26. 
  3. "عباس ڪوريجو : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2023-01-26. 
  4. "جديد ڪهاڻي : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2023-01-26. 
  5. "Abbas Korejo | University of Sindh, Pakistan - Academia.edu". usind.academia.edu. حاصل ڪيل 2020-10-30. 
  6. "Abbas Korejo | University of Sindh, Pakistan - Academia.edu". usind.academia.edu. حاصل ڪيل 2023-01-26. 
  7. "فليش فڪشن ۾ ضميري پڇاڙين جو ڪارج | The role of Pronominal Suffix in the Flash fiction". journal.sindhila.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2023-01-26. 
  8. "چنڊ پيرن هيٺ (عباس ڪوريجو) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر". books.sindhsalamat.com. حاصل ڪيل 2020-10-30. 
  9. "پنهنجي ڌرتي (عباس ڪوريجو) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر". books.sindhsalamat.com. حاصل ڪيل 2020-10-30. 
  10. "جديد ڪهاڻي : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2020-10-30. 
  11. "جديد ڪهاڻي: فن ۽ موضوع (عباس ڪوريجو) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر". books.sindhsalamat.com. حاصل ڪيل 2020-10-30. 
  12. "دبئي ۾ عباس ڪوريجي جي ڪتاب جي مهورت". Awami Awaz (ٻولي ۾ Urdu). حاصل ڪيل 2023-01-27. 
  13. "وڻ". Sindh Express. حاصل ڪيل 2023-01-27. 
  14. korejo2013. "اچو ته سنڌي ڪمپيوٽنگ جا سهڪاري بڻجون!". عباس ڪوريجو جو سنڌي بلاگ. حاصل ڪيل 2023-01-26. 
  15. Wassan, Muhammad Suleman. "سليمان وساڻ جو بلاگ: ڪمپيوٽر تي آيل سنڌي ٻولي وڌيڪ ترقي ڪيئن ڪري سگهي ٿي؟". سليمان وساڻ جو بلاگ. حاصل ڪيل 2023-01-26. 
  16. "شبير ڪنڀار سنڌي ٻوليءَ کي عالمي مقام ڏياريندڙ سَٿَ جو سپاهي ۽ شهسوار". SindhSalamat. حاصل ڪيل 2023-01-26. 
  17. "سنڌي ادب جي مختلف صنفن جي ڇپيل ڪتابن تي اوارڊ ڏيڻ جي تقريب | سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو". sl.sindhila.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2023-01-27. 
  18. "Abbas Korejo". www.goodreads.com. حاصل ڪيل 2023-01-31. 

ٻاهريان ڳنڍڻا[سنواريو]