شاھ ولي اللّٰه

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
(شاھ ولي الله کان چوريل)

شاھ ولي اللّٰه
 

معلومات شخصيت
ڄم 21 فيبروري 1703[1][2][3]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ ڄم (P569) وڪي ڊيٽا تي
دهلي[4]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقام ڄم (P19) وڪي ڊيٽا تي
موت 20 آگسٽ 1762 (59 سال)[1]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ موت (P570) وڪي ڊيٽا تي
دهلي[5]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقام موت (P20) وڪي ڊيٽا تي
شھريت مغل سلطنت  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو شهريت (P27) وڪي ڊيٽا تي
عملي زندگي
پيشو فلسفي  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو پيشو (P106) وڪي ڊيٽا تي
ڪم جي ٻولي عربي ٻولي[6][7]،فارسي ٻولي[8][7][9]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو languages spoken, written or signed (P1412) وڪي ڊيٽا تي
دلچسپي حديثي ادب،فقه  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو field of work (P101) وڪي ڊيٽا تي
نمایان ڪم ڪتاب  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو notable work (P800) وڪي ڊيٽا تي

اصل نالو قطب الدين احمد
مشهور نالو شاھ ولي الله دهلوي
پيءۡ جو نالو عبدالرحيم العمري
پيدائش 21 فيبروري 1703

مضع فلت دهلي انڊيا

وفات 20 آگسٽ 1762ع (عمر 59)

دهلي انڊيا

رهائش دهلي انڊيا
قوميت هندستاني
دور مغل سلطنت

حضرت شاھ ولي الله محدث دهلوي رحه اربع جي ڏينهن 1114ھ مطابق 1703ع ۾ ڄائو.

شاهه ولي الله جو مختصر نسبت نامون[سنواريو]

قطب الدين ولي الله احمد(1) بن عبدالرحيم بن وجيهه الدين بن معظم بن منصور بن احمد العمري ذريعي سندن نسب جو اهو سلسلو اسلام جي عظيم فاتح ۽ عادل خليفي حضرت عمر فاروق رضي الله تعالي عنه تائين پهچي ٿو.

شاهه صاحب جن کي قدرت پاران جيڪي علمي ۽ عملي صلاحيتون عطا ڪيون ويون هيون.انهن جي وڌڻ ويجهڻ لاءِ نيڪ ماحول جي موافقت جو وڏو دخل هو.سندن والد بزرگوار شاهه عبدالرحيم محدث دهلويءَ جن علمن ۽ معرفتن جي تحصيل عالمگير بادشاهه جي زماني جي عالمن صالحن ۽ تڏهوڪي اسلامي سوسائٽي وٽان ڪئي هئي ۽ کين خاص معرفتون سندن ناني شيخ رفيع الدين دهلويءَ کان مليون هيون.شيخ رفيع الدين صاحب دهلوي جن طريقت جون منزلون پنهنجي والد بحر مواج قطب عالم وٽ طئي ڪيون هيون ۽ انهن وري پنهنجي والد بزرگوار امام عبدالعزيز بن حسن دهلوي جن کان فيض حاصل ڪيو هو ۽ ان پنهنجي پيءُ حضرت ڪمال الدين حسن بن طاهر دهلوي جن کان طريقت جو فيض ورتو هو ۽ ان پوئين بزرگ جي وفات 909ھ ۾ ٿي هئي.[10]

شاهه ولي الله کي پنهنجي حياتيءَ ۾ دهليءَ جي ڏهن بادشاهن جي حڪومتن ڏسڻ جو موقعو مليو هو. (1)عالمگير اعظم (2)بهادر شاهه اول (3)معز الدين جهاندار شاهه (4)فرخ سير (5)رفيع الدرجات (6) رفيع الدوله (7)محمد شاهه (8)احمد شاهه (9)عالمگرير ثاني (10)شاهه عالم ثاني.

شاهه عالم ٻئي جي زماني ۾ ۽ شاهه ولي الله جن جي وفات کان اٽڪل ٻه سال کن اڳ (لارڊ)ڪلائيو اله آباد ۾ بنگال بهار ۽ اوڙيسه جي حاڪميت بادشاهه کان کسي ڪمپني بهادر جي حوالي ڪئي.

عبيد الله سنڌيءَ فرمائن ته تاريخ جو هر هڪ طالب العلم ڄاڻي ٿو ته مٿين بادشاهن جي زماني ۾ هندستان کي ڪهڙن ڪهڙن دل ڏڪائيندڙ واقعن مان گذرڻو پيو. ٻارهن ساداتن جو تسلط ۽ فرخ سير جو انهن جي هٿان تمام بيوسيءَ جي حالت ۾ قيد ٿيڻ. وري توراني حاڪمن جي هٿان ٻارهن ساداتن جو زوال ،مرهٽن جي بغاوت ۽ انهن جو عروج سکن جي بغاوت ،نادر شاهه جي ڪاهه ۽ دهليءَ ۾ عام ڪوس.احمد شاهه ابدالي ۽ پاڻي پٽ واري جنگ ۾ حق جي باطل مٿان سوڀ.هندستان جي سياست ۾ روهيلن جي ڀائيواري ايراني ۽ توراني حڪمرانن جي پاڻ ۾ دشمني.هندستان ۾ يورپي قومن جون لالچ واريون نظرون وري انگريزن جو بنگال وغيره ۾ داخل ٿيڻ ۽ ان قسم جا ٻيا انقلاب به شاهه صاحب جن پنهنجين اکين سان ڏٺا.[11]

هيءَ به حقيقت آهي ته شاهه ولي الله جن جنهن فڪر ڏانهن سڏيندڙ هئا ان فڪر جو اصل ٻج ته سندن والد شاهه عبدالرحيم صاحب جن پوکيو هيو، جنهن کي پاڻي شاهه ولي الله ڏنو.

(1)شيخ الاسلام خواجه قطب الدين اوشي دهلوي جن وٽان روحاني طور سان شاهه ولي الله جي پيءُ شاهه عبدالرحيم جن کي سندن ڄمڻ جي خوشخبري ٻڌائي هئي. انڪري سندن هڪ نالو قطب الدين احمد به رکيو ويو هو.[12][13]

اورنگزيب عالمگير[سنواريو]

اورنگزيب عالمگير, 1707ع ۾ وفات ڪئي. سندس وفات کان پوءِ سياسي وڳوڙ شروع ٿيو. جنهن جي نتيجي ۾ آخر ڪار ننڍي کنڊ ۾ مغلن جو اقتدار ڀورا ڀورا ٿي ويو. اها سياسي ڀڃ ڊاهه روحاني مونجهاري جي جو نتيجو هئي. جيڪا سماجي ۽ اقتصادي دائرن کي به وڪوڙي ويئي هئي. سڀني پاسن کان بغاوت منهن ڪڍيو هو، جن کي منهن ڏيڻ جي قابليت اورنگزيب جي جانشينن ۾ ڪانه هئي. مسلمانن جي جي تاريخ جي اهڙي خطرناڪ دؤر ۾ شاهه ولي الله جنم ورتو. جيڪو هندستان جو هڪ مذهبي مفڪر هو، جنهن اسلام کي هندستان ۾ نئين زندگي ڏيارڻ لاءِ ڪم ڪيو.

شاهه ولي الله 1703ع ۾، اورنگزيب جي وفات کان چار سال اڳ ڄائو هو. شاهه ولي الله دهلوي (Shah Waliullah Dehlawi) پنهنجي شروعاتي تعليم پنهنجي والد شاهه عبدالرحيم (Shah Abdur Rahim) کان ورتي، جيڪو سندس استاد به هو ته سندس روحاني رهبر به. هو پنهنجي ڄم جي اصلي وقت کان اڳ پيدا ٿيو هو ۽ ايتري ته تيز حافظي جو مالڪ هو جو 8 سالن جي ڄمار ۾ قرآن مجيد حفظ ڪيائين. جڏهن 17 سالن جو ٿيو ته والد 1731ع ۾ وفات ڪري ويو. هن پنهنجي والد جي جاءِ تي مدرسه رحيميه ۾ پڙهائڻ شروع ڪيو ۽ ٻارهن سالن تائين اهو ڪم ڪندو رهيو. تنهن کان پوءِ هو وڌيڪ پڙهڻ لاءِ عربستان ويو. هو هڪ ذهين عالم هو. هو مڪي ۽ مديني ۾ چوڏنهن مهينا رهيو. انهي عرصي ۾ هو حجاز جي مشهور استادن سان لهه وچڙ ۾ رهيو. هن جو دلپسند استاد مديني جو شيخ ابو طاهر بن ابراهيم هو، جنهن کان هن حديث ۾ سَنَد ورتي.

هو 9 جولاء 1732ع ۾ دهلي موٽيو ۽ انيندي ئي پنهنجي ڪم ۾ جنبي ويو. هن ڏاڍو ڏکيو ڪم ان وقت پنهنجي هٿ ۾ کنيو، جڏهن هندستان جا مسلمان پنهنجي تاريخ جي تمام ڏکئي دؤر مان لنگهي رهيا هيا. سندن سمورو سماجي، سياسي، اقتصادي ۽ روحاني سرشتو ڀڄي ڀور ٿي چڪو هو. سهلي اچڻ کان پوءِ هن پنهنجن شاگرد کي اسلامي علم جي مختلف شاخن جي سکيا ڏيڻ شروع ڪئي. کين اهو ڪم سونپيائين ته وڄي ماڻهن ۾ اسلام جي حقيقي روح جي تبليغ ڪن، هن اسلامي عملن تي معياري ڪتاب لکڻ جو ڪم به پنهنجي هٿن ۾ کنيو ۽ 1862ع ۾ وفات تائين اسلام تي وڏي تعداد ۾ ڪتاب لکيائين، جيڪي اڄ سوڌو اهم ليکجن ٿا.

شاهه ولي الله جا نظريا[سنواريو]

  • شاه ولي الله جو سماجي نظريو ارتفاق

انساني سماج (Human Society) ۾ جيڪو نظام، خاندان جي بنيادي ايڪي (Nuclear family) کان ترقي ڪندو بين الاقوامي سطح تائين پکڙجي وڃي ٿو. شاهه ولي الله ان کي ارتفاق سڏيو آهي ۽ ان کي چئن درجن ۾ ورهايو آهي. جيئن ته اهو هڪ ارتقا ڪندڙ عمل آهي، ان ڪري ”ارتفاق“ (Irtafaaq) کي ”ارتقا“ (Evolution) جي هم معنيٰ لفظ سمجهيو ويندو آهي، جڏهن ته حقيقت ان کان ٿوري مختلف آهي.

”ارتفاق“ عربي لغت جي اعتبار سان ”افتعال“ جي باب جو مصدري صيغو آهي. جيئن ”اختيار“ ”احتياط“ ”اقتباس“ ”ارتقاء“ وغيره ”ارتفاق“ جو مادو ”ر ف ق“ آهي جنهن جي لفظي معنا آهي نرمي /هم آهنگي پيدا ڪرڻ. عربي ۾ دوست کي ”رفيق“ به ان معنيٰ ۾ چئبو آهي جو گڏجي رهڻ، ڪم ڪرڻ يا سفر ڪرڻ سان پاڻ ۾ هڪ قسم جي نرمي ۽ هم آهنگي پيدا ٿي ويندي آهي. هاڻي سوال آهي ته ”نرمي“ يا هم آهنگي جو مفهوم هتي ڪهڙي اهميت رکي ٿو؟ اچو ته ان کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪريون ته شاه ولي الله ان لفظ کي ڪيئن هڪ جامع مفهوم ۾ استعمال ڪيو آهي!

قدرتي شين مان فائدي وٺڻ ۾ جيڪا ڏکيائي ۽ ”سختي“ هئي ۽ آهي ان ۾ عقل ۽ جسماني پورهيئي جي ذريعي ”نرمي“ پيدا ڪري پنهنجي زندگيءَ کي سولو بنائڻ جو نالو ”ارتفاق“ آهي. پوء اهو ”ارتفاق“ قائم ڪرڻ ۾ انسان سميت سڀني جانورن جي عقلي ۽ جسماني صلاحيتن جي درجه بندي آهي. هر هڪ ”نوع“ جو پنهنجو پنهنجو ”ارتفاق“ آهي. انسان جي لاء ماحول گهڻو سازگار ناهي ته ان کي عقل وڌيڪ ڏنو ويو آهي ته جيئن اعليٰ درجي جو ”ارتفاق“ قائم ڪري سگهي ۽ جانورن کي عقل گهٽ آهي ته انهن جي لاء زمين تي موجود شيون اڳواٽ ئي اهڙي نموني بڻايون ويون آهن جو انهن کي سدو سنئون فائدو حاصل ڪرڻ ۾ ڪا خاص رڪاوٽ پيش نٿي اچي، تنهن ڪري انهن جي ”ارتفاق“ کي حالتن هڪ درجي تي ”ٻيهاري“ يا فريز ڪري ڇڏيو ويوآهي. شاهه ولي الله جي فلسفي ۾ ۽ ٻين فلسفين موجب پڻ حيوانن جي عقل جا درجا مختلف آهن، تنهن ڪري ارتفاق جي درجن ۾ فرق آهي.[14][15]

لاڏاڻو[سنواريو]

پاڻ 20 آگسٽ 1762ع تي هن دنيا مان لاڏاڻ ڪري وڃي خالق حقيقي سان مليو. [1]

  1. 1.0 1.1 اجازت نامو: Creative Commons CC0 License
  2. http://data.bnf.fr/ark:/12148/cb13203124x — اخذ شدہ بتاریخ: 10 آڪٽوبر 2015 — مصنف: Bibliothèque nationale de France — اجازت نامو: Open License
  3. Diamond Catalogue ID for persons and organisations: https://opac.diamond-ils.org/agent/8995 — subject named as: Aḥmad ibn ʿAbd al-Raḥīm Šāh Walī Allāh al-Dihlawī
  4. مصنف: Rachid Benzine — عنوان : Les nouveaux penseurs de l'islam — صفحہ: 38 — ناشر: Éditions Albin Michel — ISBN 978-2-226-17858-9
  5. اجازت نامو: Creative Commons CC0 License
  6. http://data.bnf.fr/ark:/12148/cb13203124x — اخذ شدہ بتاریخ: 10 آڪٽوبر 2015 — مصنف: Bibliothèque nationale de France — اجازت نامو: Open License
  7. 7.0 7.1 https://ia802807.us.archive.org/25/items/THETHEOLOGICALTHOUGHTOFFAZLURRAHMANTHESISBYAHADMAQBOOLAHMED/THE-THEOLOGICAL-THOUGHT-OF-FAZLUR-RAHMAN-THESIS-BY-AHAD-MAQBOOL-AHMED.pdf — صفحہ: 21
  8. https://archive.org/details/misquotingmuhamm0000brow/page/28/mode/2up?q=dilawhi&view=theater
  9. https://ia802807.us.archive.org/25/items/THETHEOLOGICALTHOUGHTOFFAZLURRAHMANTHESISBYAHADMAQBOOLAHMED/THE-THEOLOGICAL-THOUGHT-OF-FAZLUR-RAHMAN-THESIS-BY-AHAD-MAQBOOL-AHMED.pdf — مصنف: Bibliothèque nationale de France — عنوان : BnF catalogue général — ناشر: Bibliothèque nationale de France
  10. التمهيد مولانا عبيد الله سنڌي
  11. شاهه ولي الله اور ان ڪي سياسي تحريڪ
  12. علم الڪلام“ شبلي نعماني
  13. ڪتاب: سماجي انصاف ۽ اجتماعيت امام شاهه ولي الله جي نظر ۾، ليکڪ: علامه غلام مصطفيٰ قاسمي / مولانا محمد قاسم سومرو آرڪائيو ڪيا ويا 2017-09-12 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. پاران سنڌسلامت ڊاٽ ڪام
  14. ارتفاق | Indus Asia Online Blog[مئل ڳنڍڻو]
  15. ڪتاب: حجت الله البالغه