شاهه عنايت شهيد

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
(شاه عنايت کان چوريل)
شاھ عنايت شھيد
مذھب اسلام
ذاتي وضاحت
جنم ت.1655 (1665ھ)
موت 7 جنوري 1718 ( 17 صفر 1130ھ)
وڌيڪ ڄاڻ
خطاب صوفي


صوفي شاھ عنايت شھيد(انگريزي: Sufi Shah Inayat Shaheed) (جنم : 1656 ۽ شھادت 1718) سنڌ جو جڳ مشھور صوفي بزرگ جنھن ھاري طبقي کي معاشي حقن ڏيڻ جي حمايت ڪئي ۽ جيڪو کيڙي سو کائي جو نعرو ڏنو پر ان کي باغي قرار ڏئي ان جي خلاف مغل نواب ۽ جاگيردارن فوجي ڪاروائي ڪئي ۽ کيس ڌوڪي سان شھيد ڪيو ويو. کيس سنڌ جو پھريون سوشلسٽ پڻ سڏيندا آهن جنھن اسلامي تعليمات ھيٺ ھيٺين طبقي جي لاء انقلابي جدوجھد ڪئي. ھڪ ڪامل صوفي بزرگ ھيو جنھن پنھنجي زندگي ذھد ۽ تقوا سان گذاري ۽ ماڻھن کي صوفياڻي تعليم سان اندر اجارڻ ۽ حق جي راھ تي ھلڻ سيکاريو. سندس شھادت کان پوء جھوڪ شريف ۾ واقع سندس درگاھ ان جي ڏنل صوفياڻي فڪر جو مرڪز رھي.

خاندان[سنواريو]

سندس وڏا پڻ درويش صفت انسان هئا جيڪي اصل ۾ نصريه جا ويٺل هئا. اهو ڳوٺ بنوري جي پرڳڻي ۾ ٿي گذريو آهي[1]. سندن ڳوٺ اصل متعاوي سيدن جو هو، جن مان پهريون سيد عبدالڪريم شاهه بلڙي وارو مخدوم فضل الله جي پڙڏاڏي مخدوم صدوءَ جو مريد هو[1] شاھ عنايت شھيد جو والد مخدوم فضل الله ڪامل درويش ۽ وطن پرست انسان هو[1][2].مهدي ڄاڻائي ٿو ته، “شاهه عنايت شهيد جي ڏاڏي مخدوم صدر الدين عرف صدو لانگاهه، اُچ شريف کان لڏي 900ھ/ 1494ع ۾ سنڌ ۾ اچي، ‘ميرانپور’ ۾ سڪونت اختيار ڪئي[3]. رحيمداد خان مولائي شيدائي پنھنجي ڪتاب جنت السنڌ ۾ لکي ٿو ته:شاه عنايت الله ولد مخدوم فضل الله ولد ملا يوسف ولد ملا شهاب الدين ولد مخدوم صدولانگاه – سندس وڏا بغداد کان لڏي اچي اُچ شريف ۾ رهيا ۽ اتي جي غوثيه درگاه جا مريد ٿيا. مخدوم فضل الله اُچ جي درگاه جو خليفو ٿي سنڌ ۾ آيو[4].نايت شهيد جا وڏا، اصل ۾ اُچ شريف جي لانگاهه قبيلي جا بزرگ هئ[3]ا. ملتان جا هئا، سندس وڏا بعد ۾ ملتان ڇڏي اچي سنڌ جي لاڙ واري علائقي ۾ مقيم ٿيا، پر سندن مٽي مائٽي ۽ لڳ لاڳاپا ملتان جي لانگاهه خاندان سان هلندا آيا[3]. صوفي شاهه عنايت جي والد مخدوم فضل الله ملتان جي لانگاهن مان شادي ڪئي، جنهن مان کيس ٽي پٽ ٿيا: پهريون مخدوم نالي چڱو، ٻيو مخدوم شاهه عنايت الله [شهيد] ۽ ٽيون مخدوم رحمت الله[3].

شجرو[سنواريو]

صوفي شاهه عنايت جو خانداني شجرو هن ريت آهي[3]: صوفي شاهه عنايت الله [شهيد] پٽ مخدوم فضل الله پٽ مخدوم محمد يوسف پٽ مخدوم ابراهيم قتال پٽ مخدوم محمد شهاب الدين پٽ مخدوم عجائب الدين عرف ملا آجب پٽ مخدوم صدر الدين عرف صدو لانگاهه.

ننڍپڻ ۽ تعليم[سنواريو]

صوفي شاهه عنايت شهيد 1656ع يعني 1066ھ ۾ جنم ورتو[5].شهيد جي ولادت 1165ھ ۾ ٿي[6]. شاه عنايت الله صوفي 55-1656ع ۾ تولد ٿيو[4]. ابتدائي تعليم پنهنجي والد مخدوم فضل الله کان حاصل ڪيائون. ملتان جي ڪامل درويش شمس شاه کان چڱو ئي فيض پرايائين. هن اهل دل صاحب کيس وري حيدرآباد دکن مبارڪ شاه عبدالملڪ، هڪ الله لوڪ ڏي روانو ڪيو. سير ۽ سفر بعد اچي ميران پور (جهوڪ شريف) وسايائون[4]. انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا مطابق شاھ صاحب جي ولادت 1065ھ/ 1655ع ۾، ميرانپور ۾ ٿي، پر ڪن روايتن مطابق سندس ولادت ملتان ۾ ٿي. شاهه شهيد جي ننڍپڻ ۾ تعليم ۽ تربيت سندس والد وٽ پنهنجي ئي گهر ۾ ٿي ۽ پنهنجي پيءُ وٽان فارغ التحصيل ٿي، وڌيڪ تعليم پرائڻ لاءِ پنهنجي ڪجهه ساٿين سان گڏجي ملتان ويو، جتي شاهه شمس کان تعليم پرائڻ کانپوءِ، پنهنجي ساٿين ميان امين محمد [ڊاسوڙيءَ واري] نقشبندي، شاهه حمزي نمن واري ۽ ميان ابراهيم ڪاتيار سان گڏجي هندستان روانو ٿيو[3].

صوفي ازم جو رنگ ۽ نظريو[سنواريو]

شاھ صاحب جن حق جي تلاش ۾ سير سفر تي نڪتا. ميان محمد امين نقشبندي، شاهه حمزو ۽ ميان ابراهيم ڪاتيار سفر ۾ ساڻن گڏ هئا. سير سفر ڪندي ملتان آيا ۽ سال کن شيخ شمس الدين ملتاني جي خدمت ۾ رهيا. ان کانپوءِ ٻيا گهڻائي شهر گهمندي آخر حيدرآباد دکن ۾ شاهه عبدالملڪ جيلاني جا مريد ٿيا. اتي مرشد جي ارشاد موجب بانس جي ٻيلن ۾ خوب رياضتون ڪيائون. مرشد مٿن گهڻو مهربان ٿيو ۽ مٿن ايتري ته فيض جي پالوٽ ڪيائون جو ڪمال جي درجي کي رسيا. نيٺ هڪ ڏينهن پنهنجي مرشد کان وطن ورڻ جي اجازت گهريائون. شاهه صاحب کين اجازت ڏني ۽ سندن آڏو ٽي سوکڙيو رکيائون ته هنن مان ڪا به هڪ کڻو. اهي هيون ترار، تسبيح ۽ ڪونرو، پاڻ ترار کنيائون. تنهن تي سندن مرشد فرمايو ته ”ان جو اجورو وڏو آهي“. شاهه عنايت جواب ۾ عرض ڪيو ته ”سر حاضر آهي“ پوءِ کين هدايت ڪيائون ته ”ماٺ ۽ صبر ڪري سر ڏجو“ مرشد کان موڪلائي وطن موٽي آيا. واٽ تي گهڻائي سندن مريد ٿيا. انهن مان پنج سئو مريد ساڻن گڏ آيا، جيڪي وري واپس هندستان نه ويا.[6][7].صوفي شاهه عنايت شهيد دکن ۾ شاهه عبدالملڪ جي هٿ تي تصوف ۽ سلوڪ جون منزلون طئي ڪيائين. ظاهري علم, لاء شاهجهان آباد ۾ شاهه غلام محمد وٽ ويو، جنهن کي پاڻ تصوف جي رازن کان واقف ڪيائين ۽ اها محبت غلام محمد کي ٺٽي وٺي آئي پر شيخ اڳيان ادب ۾ سجدي ادا ڪرڻ تي مٿس عالمن جي تنقيد ٿي جنهن ڪري شاهه صاحب کيس واپس وڃڻ جو چيو[8]. انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا مطابق ، روحاني ۽ باطني علم حاصل ڪيا، پر مقامي ماڻهن سان بهترين تعلقات به قائم ڪيا. کيس مختلف علمن سان گڏ مختلف زبانن تي به وڏي مهارت حاصل هئي. عربي، فارسي، هندي [ديوناگري، گرمکي لپين سميت] ۽ ٻين ٻولين تي کيس عبور حاصل هو، پر گهڻو ڪري لکپڙهه فارسيءَ ۾ ڪندو هو[3].” صوفي شاهه عنايت کي سيد عبدالملڪ موڪلائڻ کان اڳ فقيري ٽوپي ۽ ڳاڙهو خرقو ڏئي ‘صوفيءَ’ جي لقب سان نوازيو ۽ موڪلائڻ وقت کيس اجازت ڏيندي، سندس اڳيان مصلو، ڪؤنرو، تسبيح ۽ تلوار رکي فرمايائون ته ‘هنن مان ڪا به هڪ شيءِ کڻو’. پاڻ تلوار کنيائون، جنهن تي مرشد فرماين ته: ‘انهيءَ جي قيمت ڳري آهي.’ تنهن تي صوفي شاهه عنايت وراڻيو ته: ‘سر حاضر آهي’ تڏهن سيد عبدالملڪ خوش ٿيندي، کيس اجازت ڏئي خبردار ڪيو ته ‘واٽ ويندي احتياط کان ڪم وٺجو ۽ گهٽ ڳالهائجو’ شاهه عنايت هندستان مان نڪري فقراء سميت ٺٽي شهر جي اولهه ڏکڻ واري ميدان تي اچي، پنهنجو ويڙهو قائم ڪيو، جنهن کي هو ‘دائرو’ سڏيندا هئا[3]. دائري ۾ موجود سڀئي صوفي بنا ڪنهن متڀيد جي هڪ ئي ڪٽنب وانگر رهندا هئا. جڏهن هي مذهب ۽ ذات پات جي فرق کي ميٽي، ‘انساني مساوات’ سان رهڻ لڳا، تڏهن آس پاس جا ڪيترا آزاريل ۽ مسڪين هاري ۽ پورهيت ماڻهو، سندن ‘گڏيل نظام’ ۽ رهڻي ڪهڻيءَ جي اعليٰ اصولن کان متاثر ٿي، وٽن اچي رهڻ لڳا[3].بخش، شاهه عنايت جي فڪر بابت ڪتاب ‘شاهه عنايت شهيد’ جي صفحي 27 تي لکي ٿو ته: “صوفي شاهه عنايت، صوفي ازم تحت عوام سان مذهب ۽ ذات پات جي بنيادن تي پيدا ڪيل گروهه بندين، نفرت ۽ اوچ نيچ کي ختم ڪري منجهن اتحاد، اشتراڪ، اهنسا، برابري، ذهني سجاڳي پيدا ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌيو ته جيئن عوام کي صحيح ۽ سچي آزاديءَ جي راهه ڏيکارجي[3].” ان سلسلي ۾ پير علي محمد شاهه راشدي پنهنجي ڪتاب ‘اهي ڏينهن، اُهي شينهن’ ۾ شاهه عنايت ۽ سندس پيغام جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته: “سندس پيغام جو روح هو ته انسانن جو روح بيدار ٿئي. منجهائن گندگيون مثلاً: تعصب، تفريق ۽ انسان دشمنيءَ جون غلاظتون دور ٿي وڃن ۽ سڀ پاڻ ۾ ملي هڪ لڙهيءَ ۾ پوئجي وڃن ۽ اسلامي اصولن مطابق همت کان ڪم وٺڻ جا اهل بڻجن. ساڳئي وقت اسلامي فڪر ۽ روحاني روشني کي بلنديءَ تي رسائجي[3].” پير صاحب ساڳئي ڪتاب ۾ وڌيڪ لکيو آهي ته، “اهو هو اجتماعي ۽ اصولي تصور. انفرادي طريقيڪار جا لوازمات هي هئا: الله سائينءَ تي توڪل، ذاتي حاجتون مختصر، تفريقون ختم، پاڻ ۾ محبت، عام انسان دوستي، جسم جي رياضت، روح جي راحت وغيره، پر انهن اصولن سان گڏوگڏ شاهه عنايت وٽ سماجي ۽ اقتصادي نظام لاءِ به اعلى آدرش موجود هئا. هن نه رڳو اهو پيغام ڏنو، پر عملي طرح هڪ معاشرو اڏڻ لاءِ پهريائين عام (مقامي) ماڻهن جي ذهنن جي سجاڳي آڻڻ پ
ئي چاهي ته جيئن[3]: (1) ماڻهن مان اندروني اختلاف ۽ ڀيدڀاءُ ختم ٿئي ۽ هو پاڻ ۾ متحد ۽ هڪ آواز ٿين،
(2) ظلم کان آزادي حاصل ڪري پنهنجا حق حاصل ڪن ۽ اقتصادي خوشحالي ماڻين،
(3) باهمي تعلقات جو بنياد محبت ٿئي،
(4) زندگي بامقصد،
(5) اعلى ترين اقتدار جو حصول منتهي نظر،
(6) پاڪ معاشري جي اڏاوت،
(7) هر عمل ۾ سچ ۽ صداقت،
(8) حق ئي حق هجي،
(9) انهن سمورين شين جي حاصلات لاءِ عملي جدوجهد جي تعليم ۽ تربيت،
(10) هن ملڪ جا پيڙيل ۽ مظلوم ماڻهو متحد هجن، حڪومتي ۽ سماجي ظلم کان آجا هجن.”[3]
شاهه عنايت شهيد جي تحريڪ جا خاص مول متا، مٿين نقطن تي آڌاريل هئا، پر سڀ کان وڌيڪ زور مساوات ۽ زمين تي هاريءَ جي حق هئڻ تي هو، ڇو ته شاهه شهيد جي فڪر جو اهم نقطو اهو هو ته زمين جي پيداوار جو ڌڻي اهو ئي آهي، جيڪو انهيءَ تي محنت ڪري فصل اپائي ٿو[3].

شاديون ۽ اولاد[سنواريو]

شاهه شهيد چار شاديون ڪيون هيون. پهرين پنهنجي چاچي مخدوم محمد عمر جي نياڻيءَ سان، جنهن مان کين اولاد ڪو نه ٿيو. ٻي ڪڇ جي راجا جي خاندان مان ڪيائون، جنهن مان کين هڪ فرزدند ڄائو، جنهن جو نالو شاهه خليل الله هو. جيڪو شاهه عنايت جي شهادت وقت پنهنجي ناناڻن ۾ هو. جتان پوءِ ايران ويو. ٽين شادي ٺٽي جي مخدوم اسماعيل جي ڀيڻ سان ڪيائون، ان مان کين ڪو اولاد ڪو نه ٿيو. چوٿين شادي ٺڪرن سوڍن جي گهراڻي مان ڪيائون، جنهن مان کين ٻه فرزند ٿيا. پير عزت الله شاهه ۽ پير سلام الله شاهه. والد[9] جي شهادت وقت پير عزت الله شاهه موجود نه هو ۽ پير سلام الله شاهه مهيني سوا جو معصوم ٻار هو. سندن ولادت شهادت واري سال ٿي هئي.[6].شاهه صاحب کي ٽي فرزند هئا؛ الهرکيو شاهه، مير قلندر علي شاهه ۽ مير منور علي شاهه، فقيري واري امانت مير قلندلر علي شاهه کي ملي.[6]وڏي فرزند شاهه خليل الله جو ڪي قدر احوال ڏٺو ويو آهي. هتي سندن بي اولاد جو مختصر احوال ڏنو وڃي ٿو؛ شاهه عزت الله شاهه شهيد جو وچون فرزند هو. جهوڪ واري سانحي وقت ميران پور ۾ موجود نه هو[6].جون شاديون: شاهه عنايت شهيد جي شادين بابت مختلف روايتون ملن ٿيون. ‘انيس المساڪين’ ۾ قاضي غلام محمد مهدي، شاهه شهيد جون چار شاديون ڄاڻائي ٿو، جڏهن ته ‘شهادت نامه’ ۾ سندس ٽي شاديون ڄاڻايل آهن[3]. انهن ٻنهي راين کي مدنظر رکندي ڊاڪٽر محمد علي مانجهيءَ، پنهنجي پي. ايڇ. ڊي ٿيسز ‘صوفي شاهه عنايت شهيد ۽ سندس سلسلي جا شاعر’ ۾ لکي ٿو ته، “شاهه شهيد چار شاديون ڪيون. پهرين شادي هندستان ۾ رهڻ دوران ڪيائون، جنهن مان کين هڪ پٽ خليل هو. ٻيءَ شادي هندستان مان واپسيءَ دوران مخدوم محمد اسماعيل جي نياڻيءَ سان ڪيائون، جنهن مان کيس اولاد نه ٿيو. ٽين شادي ميرانپور ۾ اچڻ کانپوءِ پنهنجي خاندان مان ڏاڏي پوٽيءَ سان ڪيائون، جنهن مان شاهه عزت الله ٿيو، جنهن کي ‘گُند پير’ جي نالي سان سڏيندا هئا ۽ هڪ نياڻي به ٿين[3]. چوٿين شادي سوڍن مان ڪيائون، جنهن مان کين هڪ فرزند صوفي سلام الله عرف ٿر ڌڻي بادشاهه ٿيو[3].”

شاھ عنايت جي تحريڪ[سنواريو]

شاهه عنايت ڳوٺ جهوڪ عرف ميران پور غاريا يا گاجيا واهه ڀرسان ميرپور بٺوري ۾ رهي ڪري علم ۽ عرفان جي ڦهلائڻ ۾ لڳي ويو. شاهه صاحب جي فيض ڪري پري پري کان ماڻهو اچي سندس مريد ٿيڻ لڳا ۽ هر هنڌ هاڪ وڌڻ لڳي.، جنهن جي ڪري هڪ ته بلڙي وارن سيدن جي پيري مريدي گهٽجڻ لڳي ۽ ٻيو اوسي پاسي وارن زميندارن جو اثر گهٽجڻ لڳو جنهن ۾ نور محمد پليجو ۽ حمل خان جت شامل هئا.[8]. انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا مطابق نايت، وقت جي انهن روايتي صوفين مان نه هو، جيڪي حالتن کي بدلائڻ بدران، ساڳين حالتن ۾ رهڻ کي ترجيح ڏيندا ۽ صبر ۽ قناعت جي تلقين ڪندا هئا. اُنهن جي ڀيٽ ۾ صوفي شاهه عنايت زمين جي پيداواري عمل ۾ ‘مساوي شرڪت’ تي زور ڏنو[3]. هن جو اٽل ۽ پڪو عقيدو هو ته ‘مساوات محمّديءَ’ جي بنيادي گهرج اها آهي ته کيتي ٻاڙي اجتماعي بنيادن تي ڪئي وڃي، پيداواري عمل ۾ سڀ ماڻهو برابر جا شراڪت دار ٿين ۽ پيداوار کي ضرورت پٽاندر پاڻ ۾ ورهائي کڻن، ڇو ته ‘زمين الله جي آهي’ ۽ اُن تي سمورن انسانن جو هڪجهڙو حق آهي. صوفي شاهه عنايت جي مريدن ۽ فقيرن اهو اصول خوشيءَ سان قبوليو ۽ اجتماعي هارپي ۾ شامل ٿي ويا[3]. صوفي شاهه عنايت جو گڏيل پوکي راهيءَ جو تجربو بيحد ڪامياب ويو. جهوڪ ۾ رهندڙ فقيرن ۽ هارين کي نه بٽئي ڪرائڻي پوندي هئي، نه ڇيڙ ۽ بيگر وهڻي پوندي هئي ۽ نه ئي ڪنهن تپيداري قانون گُو کي ‘ستم شريڪي’ جهڙيون رسمون ادا ڪرڻيون پونديون هيون[3]. اهڙيءَ ريت صوفي شاهه عنايت جي هن ‘ڪاشتگاريءَ جي گڏيل نظام’ جي ناماچاري جلد ئي پري پري تائين پکڙجي وئي ۽ هر هنڌ هن ‘اجتماعي ڪاشتڪاريءَ’ جي نئين تجربي جو چوٻول ٿيڻ لڳو[3]. شاهه عنايت هندستان ۾ وڃي برهانپور شهر ۾ عبدالمالڪ جي صحبت حاصل ڪئي ۽ پنج ورهيه انهن جي نظرداريءَ ۽ تربيت هيٺ رهيو. ظاهري علم جي حاصلات شاهه جهان آباد جي شاهه غلام محمد وٽ ڪيائين ۽ انهن جو مريد ٿيو. شاهه عبدالمالڪ کان اجازت وٺي ٺٽي ۾ آيو. نيٺ ٺٽي مان لڏي ميرانپور جي ڳوٺ ۾ آيو جنهن کي جهوڪ چيو ويندو آهي. اُتي خانقاهه بڻائي ويٺو ۽ هزارين مريد ٿيڻ لڳس..تحفة الڪرام مطابق بلڙي وارن سيدن مان سيد عبدالواسع بن سيد عبدالغني بن سيد عبدالدليل بن سيد دين محمد،. شاهه عنايت جي مخالفت ۾ اڳڀرو هو ۽ جنهن وڃي ان وقت جي ٺٽي جي ناظم لطف علي خان کي شڪايت ڪئي. لطف علي خان بنا پڇا ڳاڇا ۽ معلومات وٺڻ جي بلڙي سيدن کي شاهه عنايت سان پاڻ نبرڻ جو حڪم ڏنو. اهڙي اجازت ملڻ بعد انهن جهوڪ ۾ شاهه عنايت جي خانقاهه مٿان حملو ڪيو ۽ شاهه صاحب جي ڪيترن ئي مريدن کي ماري وڌو. قتل ٿيندڙن جا وارث جڏهن حڪومت وٽ فرياد کڻي ويا ته حڪومت قاتلن جون زمينون انهن کي ورهائي ڏنيون[8]شاهه عنايت جڏهن دکن مان موٽيو ته هن الله جي عبادت سان گڏو گڏ خلق جي خدمت کي پنهنجو شيوو بڻايو. پنهنجي اباڻي زمين کي گڏيل ملڪيت قرار ڏنائون. پير حسام الدين شاهه راشدي لکيو آهي ته ”سندس اهل خاندان ۽ سندس مريد يا هاري ناري گڏجي زمين ۾ هر ڪاهيندا هئا،“ آمدني ۽ پيداواري تي سڀني جو گڏيل حق هو ۽ ونڊڻ وقت هر ڪو هڪ جيترو ان ورهائي کڻندو هو. [6].“ ان دور ۾ شاهه عنايت صوفي هڪ منظم سياسي اُڀار واري تحريڪ هلائي جنهن کي ”جيڪو کيڙي سو کائي“ واري نعري تحت ياد ڪيو ويندو آهي[10]. سندس نعرو ان وقت سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ مشهور ٿي ويو، هزارين سنڌي لڏي اچي جهوڪ ۾ سندس پناهه ۾ ويهڻ لڳا. ظاهر آهي ته اهڙي سمڪ جڏهن حاڪمن کي پئي هوندي ته انهن اندروني طور ڪيتريون ئي رڪاوٽون کڙيون ڪيون هونديون، پر هي سيدزادو هر مشڪل مان پار پوندو ويو. شاهه عنايت شهيد (جهوڪ وارو): مغل نوابن جي آخري ۽ ڪلهوڙن جي شروعاتي دؤر ۾، ‘جو کيڙي سو کائي’ جو نعرو هڻي، هارين جي حقن لاءِ عَلمُ بلند ڪندڙَ، نامور ۽ دلير صوفي بزرگ، صوفي شاهه عنايت شهيد کي، سنڌ جي مهان تاريخدان، پير حسام الدين راشديءَ، ‘ننڍي کنڊ جو پهريون سوشلسٽ صوفي’ سڏيو آهي[3]. صوفي شاهه عنايت وقت جي حڪمرانن سان سرچاءُ نه ڪيو ۽ ان وقت جي هاري دشمن سياسي نظام ۽ حڪومتي ادارن ۾ تبديليءَ لاءِ هڪ تحريڪ شروع ڪري، گڏيل عوامي مفادن جي جنگ وڙهيو. سندس دؤر ۾ جاگيرداري نظام سنڌ ۾ ايترو ته حاوي ٿي چڪو هو، جو هزارين بلڪ لکين غريب ۽ لاچار هاري، چند جاگيردارن وٽ غلامن جهڙي زندگي بسر ڪندا هئا[3]. شاهه شهيد ڌارين حڪومتي ٽولن ۽ مقامي استحصالي قوتن [حاڪمن ۽ زميندارن] کي چڱيءَ طرح سمجهي، عوام ۾ شعور بيدار ڪيو ۽ سندن ذهنن ۾ اهو واضح ڪيو ته دنيا جي سڀني مهذب قانونن ۽ مذهبن ۾ انسان آزاد آهي، ڪو به ڪنهن کان نه وڌ آهي ۽ نه گهٽ، ۽ ‘زمين الله جي آهي’ (‘الارض لله’) ۽ اُن تي حق هر انسان جو آهي[3].

بغاوت جا الزام[سنواريو]

سندس فقيريءَ جي شهرت ديسان ديس پکڙجي ويئي. سندس فقيريءَ جي غلغلي بلڙيءَ جي سادات مان سيد عبدالواسع ڪريم پوٽي ۽ ڀر وارن زميندارن کي ايترو ڊيڄاريو، جو هنن وقت جي حاڪم مير لطف علي ٺٽي جي نواب کي شڪايت وڃي روبرو پيش ڪئي. هن سواءِ ڪنهن سبب جو نور محمد پليجي زميندار کي حڪم ڏنو ته هڪدم بلڙيءَ وارن جي مدد ڪري[4]. سندن فقيري انسان دوستي ۽ هن نئين زرعي نظام سبب ڪيترائي مسڪين هاري پنهنجي زميندارن کي ڇڏي اچي گڏيل ملڪيت ۾ شريڪ ٿيا. تَر جي پيرن جا ڪيترائي مريد پنهجن مرشدن کي ڇڏي، اچي شاهه عنايت جا مرد ٿيا، تنهن ڪري پيرن، مرشدن زميندر، جاگيردارن ۽ مذهبي اڳواڻن سندن خلاف سازش سٽي. نتيجي ۾ جهوڪ واري جنگ لڳي.[6]. انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا مطابق گهراڻن جي مريدن ۾ گهٽتائي آئي، پر تر جي زميندارن: نور محمد پليجي، حمل جت ۽ آس پاس جي ٻين علائقن جي ڪيترن زميندارن تي به وڏو اثر پيو. صوفي شاهه عنايت جا فقير اُتي وڃي، سندن زمينداري حلقي ۾ ‘اجتماعي زراعت’ جي تبليغ ڪندا رهندا هئا[3]. نتيجو اهو نڪتو ته مقامي زميندارن جي هارين به مطالبو ڪرڻ شروع ڪيو ته ‘اسان جي زمينن ۾ به صوفي شاهه عنايت جي طريقي تي عمل ڪيو وڃي’، پر پيداوار ۾ ‘مساوي شرڪت’ جي اصول کي زميندار هرگز تسليم ڪرڻ لاءِ تيار نه هئا[3]. اُنهن محسوس ڪيو ته جيڪڏهن هن قسم جي انقلابي تبديليءَ جو ترت تدارڪ نه ڪيو ويو ته سنڌ ۾ سالن کان موجود جاگيرداري ۽ زمينداري سرشتو خطري ۾ پئجي ويندو. ان ڪري هن خطري کي ٻُنجي ڏيڻ لاءِ زميندار، پاڻ ۾ گڏ ٿي، ٺٽي جي صوبيدار مير لطف علي خان وٽ دانهين ويا ته صوفي شاهه عنايت کي اجتماعي ‘کيتي ٻاڙي’ جي عمل کان روڪيو وڃي[3]. انهن زميندارن ۾ شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ واري جو جانشين سيد عبدالواسع شاهه، شيخ زڪريا بهاؤالدين ملتانيءَ جو جانشين شيخ سراج الدين، پليجاڻيءَ جو مشهور زميندار ارباب نور محمد پليجو، حمل جت، لاکاٽ جو گل آگرو ۽ ٻيا ڪيترا زميندار شامل هئا[3]. هڪ روايت اها به آهي ته ٺٽي جي مولوين، عالمن ۽ بلڙيءَ جي سيدن شاهه عنايت جي مخالفت سندس ابتدائي ڏينهن کان ئي شروع ڪري ڇڏي هئي[3]. سن 1128ھ (1716ع) ۾ لطف علي خان جي جاءِ تي نواب اعظم خان ٺٽي جو ناظم ٿي آيو ته شاهه عنايت جي دشمنن سندس ڪن ڀريا[8]. انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا مطابق [ڪتاب] ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته، نواب اعظم خان، صوفي شاهه عنايت سان ملاقات لاءِ ويو، تڏهن فقيرن کيس ائين چئي روڪي ڇڏيو ته، حضرت هن وقت ورد وظائف ۾ مشغول آهي. ٿوريءَ دير کانپوءِ جڏهن اعظم خان جي صوفي شاهه عنايت سان ملاقات ٿي، تڏهن

اعظم خان چيو ته:

درِ درويش را دربان نه شايد، [ترجمو: درويش جي در تي دربان نه هجڻ گهرجي] صوفي شاهه عنايت وراڻي ڏني ته: ‘بشايد، تا سگِ دنيا نيايد’

[ترجمو: هجڻ گهرجي، ته جيئن دنياوي ڪُتا اندر اچي نه سگهن].

— [3]

هن درويشاڻي ۽ دليرانه جواب، نواب اعظم خان کي مڇرائي وڌو ۽ هن سڀ کان پهرين اهو قدم کنيو ته صوفي شاهه عنايت جي خانقاهه سان لاڳو زمينن جون ڍلون، جيڪي اڳ ۾ معاف ڪيون ويون، سي ٻيهر لاڳو ڪري ڇڏيائين[3]. نواب اعظم خان شاهه عنايت جي خانقاهه وارين زمينن جي ڍل وٺڻ جو حڪم ڏنو، جيڪا اڳ ۾ معاف ٿيل هئي. شاهه عنايت، اعظم خان کي چيو ته بادشاهه طرفان اها اڳ ۾ ئي معاف ٿيل آهي. تنهنڪري اوهان ان جو مطالبو ڇو ٿا ڪريو! شاهه عنايت جي اهڙي جواب تي اعظم خان ڪاوڙجي پيو[8]. شاهه ڪريم پوٽا سيد پڻ سندس حاسد ٿيا ۽ دهلي جي حاڪم تائين مٿس فرياد کڻي ويا ته شاھ عنايت فساد ٿو برپا ڪري. ٺٽي جي حاڪم نواب اعظم خان به انهن جي پٺڀرائي ڪئي[10]. بادشاهه فرخ سير ڏانهن لکيائين ته شاهه عنايت ۽ سندس مريد ڍل نٿا ڏين ۽ بغاوت لاءِ بيٺا آهن. اتان حڪم آيو ته انهيءَ فتني جي پاڙ پٽي وڃي[8]. آخر بادشاهه جي حڪم سان هڪڙو وڏو لشڪر آيو[10].

جنگ[سنواريو]

جنهن تي اعظم خان ۽ يار محمد ڪلهوڙي پنهنجون پنهنجون فوجون وٺي اچي جهوڪ شريف کي گهيرو ڪيو، شاهه عنايت جا مريد رات جو سرڪاري فوج مٿان ڇاپا هڻي ڪيترائي سپاهي ماريندا رهيا. اهڙي طرح چئن مهينن تائين شاهه عنايت جي خانقاه جو گهيرو رهيو. نيٺ مقالات الشعراءِ مطابق 8 ذوالقعد 1129ھ (31 آڪٽوبر 1717ع) تي جنگ شروع ٿي.[8] ان وقت سندن 24 هزار جان نثار مريد هئا. پنهنجن مريدن جو جوش ڏسي کين چيائون ته، ” بابا محبوب حقيقي ناز ڪيو آهي، ”اسان نياز ڪنداسون.“ تڏهن خليفن عرض ڪيو ته قبلا ! اسان کي به اجازت ڏيو ته شهيد ٿيون.“ تنهن تي مير جان الله شاهه کي حڪم ڪيائون ته توهان روهڙي وڃـو. خواجه عبيدالله کي اجمير واپس وڃڻ جو ارشاد ٿيو. شاهه عبداللطيف ٺٽوي کي ٺٽي وڃڻ جو حڪم مليو ۽ محمد اسماعيل کي پڻ ٺٽي وڃڻ جو امر ٿيو. ڪن ٻين کي پڻ اجازت ڏنائون ته پنهنجي پنهنجي شهر هليا وڃن. باقي 24 هزار مريدن ۾ سليمان هندي پڻ شامل هو، جيڪو هندوستان کان ساڻن گڏ آيو هو. انهن فقيرن ما ٻه هزار چار سئو تاج پهريل هئا[6]. مير علي شير قانع لکي ٿو ته، “اعظم خان، ميان يار محمد خان ۽ ٻين سڀني زميندارن توڙي سنڌ جي انهن ماڻهن ڏانهن مدد ڪرڻ جا حڪم پهتا، جن وٽ پنهنجا لشڪر هئا ۽ جن کي اڳي ئي فقيرن سان ڪينو هو. انهن سڀني حڪمناما وصول ڪندي ئي جنگي تياريون شروع ڪري ڏنيون[3].” صوفي شاهه عنايت جي خلاف سبي، گنجابه، چانڊڪا، مختلف ڪوهستاني علائقن، ٺٽي ۽ ٻين ماڳن کان هزارين فوجن، ان وقت جي جديد هٿيارن سان مسلح ٿي اچي، 14 ذوالقعد 1129ھ/ 9 آڪٽوبر 17177ع تي جهوڪ جي علائقي جو گهيراءُ ڪيو. 16 ذوالقعد 1129ھ/ 11 آڪٽوبر 17177ع تي ميان يار محمد به وڏو لشڪر وٺي اچي جهوڪ پهتو ۽ 17 آڪٽوبر تي باقاعدي جهوڪ جو گهيراءُ ڪيو ويو[3]. پر شاهه عنايت جي فقيرن جي حڪمت عمليءَ [کاهين کوٽي ڇڏڻ] کين اڳتي وڌڻ کان روڪي ڇڏيو. سرڪاري لشڪر وٽ توبون به هيون، پر چئني پاسن کان وڏي کاهي هجڻ جي ڪري، انهيءَ ڏينهن هو اڳتي وڌي نه سگهيا. صوفي شاهه عنايت پنهنجي فقيرن کي خونريزي ۽ اڳرائي ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو هو، پر جڏهن سرڪاري فوج جو ميرانپور کي گهيرو گهڻو تنگ ٿيو، تڏهن صوفي فقير مجبور ٿي پيا، جنهن کانپوءِ نيٺ شاهه عنايت کين جنگ ڪرڻ جي اجازت ڏني[3]. 18 ذوالقعد 1129ھ/ 13 آڪٽوبر 17177ع تي اڃا رات جو چوٿون پهر باقي هو، ته فقير خاموشيءَ سان ڪاٺ جي مُٺين واريون ترارون کڻي، مخالف لشڪر تي اچي ڪڙڪيا ۽ سندن گهڻو نقصان ڪيائون[3]. جهوڪ واري جنگ ۾ اهي سڀ فقير شهيد ٿيا، جن کي ستن کوهن ۾ دفنايو ويو. انهن کوهن کي ” گج شهيدان“ سڏيو ويندو آهي.[6]. جنت سنڌ ۾ مولائي شيدائي مطابق: هن اوچتو فقيرن تي ڪاهي، ڪيترائي ماڻهو شهيد ڪيا. فقيرن ظلم جي روئداد دهليءَ جي مغل شهنشاه فرخ سير کي وڃي سڻائي، جنهن خونين جون سموريون زمينون خون بها ۾ فقيرن کي ڏياريون. فقيرن ايترو زور ورتو جو گادي نشين پيرن، زميندارن، خواه علماءَ سندن وڌندڙ اثر رسوخ مان تنگ ٿي وقت جي حاڪم ٺٽي جي نواب اعظم کي چوريو، جنهن ميران پور تي ڇهه مهينا گهيرو ڪيو، مگر ڪجهه ڪين وريو[4]. تاريخ جي ورقن مان ڄاڻ پوي ٿي ته جڏهن دشمنن لاءِ ٻيو ڪو چارو نه رهيو ته ڳالهين ۽ ٺاهه بهاني کيس گهرائي قتل ڪيو ويو. جڏهن جهوڪ جهريو ته شاهه عنايت جي مريدن جو پڻ قتل عام ڪيو ويو. ڪيترئن مريدن کي ڳولي ڳولي ماريو ويو. پر شاهه عنايت جي فڪر ۽ سندس لازوال نعري ”جيڪو کيڙي سو کائي“ کي ڪوبه شڪست نه ڏئي سگهيو.

شھادت[سنواريو]

محاصرو [گهيرو] چار مهينا لاڳيتو هليو ۽ جڏهن صوفي فقير ٻيهر دشمن فوج تي غالب ٿيا، تڏهن سرڪاري لشڪر وري منجهي پيو. آخر هنن حيلي بازي ۽ مڪاريءَ کان ڪم ورتو. هنن سوچيو ته صوفين کي شڪست ڏيڻ[3]. اھو منصوبو شهداد خان جو جوڙيل هو. ان ڏس ۾ عملي ڪم به مير شهداد خود ئي ڪيو. صوفي شاهه عنايت ۽ مير شهداد خان پاڻ ۾ سنڍو ٿيندا هئا[3]. پر ‘انيس المساڪين’ جو مصنف قاضي غلام مهدي، انهيءَ سڄي دوکيبازي ۽ منصوبي جوڙڻ جو ذميوار ميان يار محمد ڪلهوڙي کي بيان ڪري ٿو. آخرڪار صوفي شاهه عنايت کي قرآن پاڪ وچ ۾ ڏئي، دوکي سان گرفتار ڪري، اعظم خان ۽ ميان يار محمد ڪلهوڙي جي اڳيان آندو ويو[3]. 9 سفر 1130ھ (پهرين جنوري 1718ع) تي يار محمد ڪلهوڙي جي پٽ محمد خان ۽ مير شهداد بلوچ، شاهه عنايت کي صلح ڪرڻ تي راضي ڪري ورتو. ان ٺاهه ۾ اهو فيصلو ٿيو ته درويشن جي جان ۽ مال کي ڪو نقصان نه پهچايو ويندو. انهيءَ ٺاهه کان پوءِ شاهه عنايت، اعظم خان وٽ پهتو ته خبر پيس ته اهو ٺڳي جو ٺاهه هو[8].نواب اعظم خان شاهه عنايت کي قيد ڪرڻ جو حڪم ڏنو[8]. 15 صفر 1130ھ [8][10][4] (7 جنوري 1718ع)[4] تي شاهه عنايت کي شهيد ڪيو ويو[8] نواب جي روبرو فقير صوفي صاحب جيڪي سوالن جا جواب ڏنا، تن کي مير علي شير قانع ٺٽوي ’مقالات الشعرا‘ ۾ نقل ڪيو آهي، جنهن مان صوفي درويش جي بزرگي ۽ ڪماليت معلوم ٿئي ٿي. مرڻ مهل سندس زبان تي هيٺيون شعر روانو[11]:

”رهانيدي مرا از شر هستي، جزاک الله في الدارين خيرا“

[4] تاريخ جي ڪتابن ۾ آيل آھي ته شاھ عنايت شھيد ٿيڻ کان ڪجهه وقت اڳ فارسي ٻوليءَ ۾ ھي شعر پڙھيو ھو ته،

” سِر يار قدم، فدا شُد، چہ بجا شُد،

اين بارِگران، بُود ادا شُد چہ بجا شُد“

ترجمو: سِرُ يار جي قدمن تي فدا ٿيو، سُٺو ٿيو،

اھو ڪُلھي تي وڏو بارُ ھو، ادا ٿيو سُٺو ٿيو.

— [12]

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا مطابق ٽي ڏينهن قيد ۾ رکڻ کان پوءِ، 15 صفر المظفر 1130ھ/ 7 جنوري 1718ع تي نواب اعظم خان آڏو صوفي صاحب کي پيش ڪيو ويو[3]. صوفي شاهه عنايت سان سندس ننڍو ڀاءُ رحمت الله شاهه، سندس ڀائٽيو محمد يوسف پٽ رحمت الله ۽ ٻارهن خاص مريد گڏ هئا. اعظم خان ۽ شاهه عنايت جي وچ ۾ جيڪا گفتگو ٿي، سا مختلف ماخذن هن ريت بيان ڪئي آهي[3]:

اعظم خان:

چرا اين همه شورش بپا کردي؟
[ترجمو: تو اها شورش برپا ڇو ڪئي]
صوفي شاهه عنايت:
آن روزڪه توسن فِلڪ زين کردند،
آرائشِ مشتري ز پروين کردند،
اين بود نصيبِ ما ز ديوانِ قضا، مارا چه گنه قسمت ما اين کردند.

[ترجمو: انهيءَ ڏينهن جڏهن فلڪ جي ارڏي گهوڙي تي هَنو رکيو هئائون، مشتري ستاري کي پروين سان سينگاريو ويو. قضا ۽ تقدير جي دفتر ۾ اسان جو ونڊ اهو هو. اسان جو ڪو ڏوهه نه آهي. اها اسان جي قسمت هئي.]

— [3]

شاعر شيخ محمد رضا، جيڪو ان وقت درٻار ۾ موجود هو، تنهن وچ ۾ شاهه عنايت کي مخاطب ٿي هيئن چيو:

دوست! بيدار بشو عالمِ خواب است اينجا،

حرف بيهوده مَ گو پاي حساب است اينجا.

ترجمو: دوست سجاڳ ٿي، هيءَ جاءِ خواب جو جهان آهي. اجايو نه ڳالهاءِ! ڇو جو هي حساب جي جاءِ آهي.
صوفي شاهه عنايت:
درکوئ نيک نامي مارا گذر ندادند،
گر تو نمي پسندي تغير کن قضارا.
[ترجمو: اسان کي نيڪناميءَ جي گليءَ ۾ لنگهڻ نه ڏنائون جيڪڏهن توکي اسان جي ڳالهه نٿي وڻي ته تقدير قضا کي بدلائي ڏيکار.]
نواب اعظم:
آماده بلا باش!
[ترجمو: هاڻي مصيبت اچئي ٿي.]
صوفي شاهه عنايت:
البلاء للولاءِ کاللهب الذهب.
[ترجمو: دوستيءَ لاءِ مصيبتون ايئن آهن، جيئن سون لاءِ باهه]
نواب اعظم:
خود را چرا بدنام کردي وهدف تير بلاشدي.
[ترجمو: پاڻ کي بدنام ڪري، مصيبت جي تير جو نشانو ڇو بڻئين؟]
صوفي شاهه عنايت:
عاشق چه کند گر نکشند بارِ ملامت،
باهيچ دلاور سپر تير قضا نيست.
[ترجمو: عاشق ڇا ڪري جيڪڏهن ملامت جو بار نه کڻي! ڪنهن به بهادر وٽ تقدير جي تير جي بچاءُ لاءِ ڍال آهي ئي ڪا نه.]
نواب اعظم:
حالانکه کشته شوي کھ آن طول امل؟
[ترجمو: هن وقت تون ڪسجين ٿو، تڏهن به ڊيگهه نٿو ڇڏين؟]
صوفي شاهه:
هرگز نميرد آنکه دلش زنده شد بعشق،
ثبت است برجريدهء عالمِ دوام ما.
[ترجمو: اهو هرگز مري نٿو، جنهن جي دل عشق سان آباد آهي. اها ڳالهه سدائين جهان جي سيني تي تحرير ٿيل آهي.]
نواب اعظم:
چرا با طاعت اولوالامر برون نيامدي؟
[ترجمو: بادشاهه جي حڪم کان انڪار ڇو ڪيئي؟]
صوفي شاهه عنايت:
ما مريدان رو بسوي ڪعبه چون آريم چون،
روبه سوئ خانهء خمار دارد پيرِ ما.
[ترجمو: اسان مريد ڪعبي ڏانهن منهن ڪيئن ڪريون، جڏهن ته اسان جي پير جو منهن شراب خاني ڏانهن آهي!]
نواب اعظم:
حالا برفقدان آرزو ها چه غم داري؟
[ترجمو: اميدن جي ختم ٿيڻ تي ڪهڙو غم اٿئي؟]
صوفي شاهه عنايت:
من از آن دم ڪه وضو ساختم چشمهء عشق،
چار تکبير زدم يڪسره برهم چه ڪه هست!

[ترجمو: جڏهن کان عشق جي چشمي مان وضو ڪيو آهي، تڏهن کان وٺي مون سڀني شين کان چار تڪبيرون هنيون آهن.]

— [3]

مٿين سوالن جوابن کانپوءِ شاهه عنايت جي اکين آڏو سندس ڀاءُ رحمت الله شاهه ۽ ڀائٽيي محمد يوسف کي جلاد هٿان شهيد ڪرايو ويو، ۽ صوفي شاهه عنايت کي ضد تان هٽي وڃڻ لاءِ چيو ويو، پر صوفي شاهه عنايت چيو ته “سر ڏيندس، پر حق نه ڇڏيندس[3].” جنهن کانپوءِ، 15 صفر المظفر 1130ھ/ 7 جنوري 17188ع تي صوفي شاهه عنايت جو سر ڌڙ کان ڌار ڪري، کيس شهيد ڪيو ويو. شهادت وقت سندس زبان تي حافظ شيرازيءَ جو هيءُ شعر جاري هو[3]:

رهانيدي مرا از قيدِ هستي،

جزاڪ الله في الدارين خيراً.
[ترجمو: تو مون کي هن قيد جهڙي زندگيءَ کان آجو ڪيئي، شال الله سائين، ٻنهي جهانن ۾ تنهنجو ڀلو ڪري.]
پوءِ سسي تلوار کان ڌار ٿيڻ وقت پاڻ هي به شعر پڙهيائون ته:
سر درِ قدم يار فدا شد چه بجا شُد،
اين بارِ گران بُود ادا شد چه بجا شُد.

[سر يار جي قدمن تان فدا ٿيو، سٺو ٿيو، هيءُ ڳرو بار هو، ادا ٿيو، سُٺو ٿيو.]

— [3]

جنگ کان پوءِ[سنواريو]

شاهه شهيد جو وچون فرزند هو. جهوڪ واري سانحي وقت ميران پور ۾ موجود نه هو. شاهه شهيد جي شهادت کان پوءِ پڙهو گهمرايو ويو هو ته ؛ جتي به ڪو صوفي ڏسو ته ان کن قتل ڪري سر کڻي اچو ۽ انعام حاصل ڪريو. هن سلسلي ۾ مير علي شير قائع لکي آهي ته ؛ ان کانپوءِ ( شهادت کانپوءِ) نواب شهر ۾ پڙهو گهمرائي ڇڏيو هو ته ڪو به ماڻهو ( يا الله) جو نعرو نه هڻي، جيڪو حڪم عدولي ڪندو، تنهن کي ترار جي ڌار تي رکيو ويندو. اهي ڳالهيون ملڪان ملڪ مشهور ٿي ويون. جڏهن اجمير واري خليفي خواجه عبدالله عرف حاميد کي ان سانحي جي خبر پئي ته ڏاڍو ڏک ٿيس، دهلي جو هاڪم سندس معنق هو، هن ان وٽ وڃي پنهنجي مرشد جي لاءِ سفارش ڪئي، بادشاهه کي قائل ڪري صوفين جي سر وڍڻ وارو حڪم منسوخ ڪرايئين ۽ سنڌ اچي شاهه عزت الله کي گاديءَ تي وهاريائين، شاهه عزت الله سنه 1182ع ۾ وصال ڪيو[6].

شاھ عنايت جا خليفا[سنواريو]

شھيد شاھ عنايت جا 40 خليفا هئا، جن مان 14 گهڻو مشهور آهن، سڀني ۾ وڏو مير جان الله شاهه رضوي هو، هتي انهن مان ۽ خليفن جو مختصر ذڪر ڪيو وڃي ٿو.

مير جان محمد شاهه[سنواريو]

وڏو عابد زاهد هو. بهترين خطاط هو، قرآن مجيد لکي ان جي اجوري مان گذر سفر ڪندو هو، سندن هزارين مريد هئا، جن مان ميان باقر علي شاهه بڪار وارو ۽ شاهه عبدالنبي گندا واهه وارو غلام رسول پٺاڻ ۽ شاهه عبدالوهاب شاهه گهڻو مشهور آهن: فارسي زبان جو بلند پايه شاعر هو، سندن ديوان، ديوان مير، ۽ سندن پوٽي جان الله شاهه عاشق جو ديوان عاش، سندن پوين وٽ محفوظ آهن.[6]

شاھ عبداللطيف ٺٽوي[سنواريو]

هيءُ پنهنجي وقت جو وڏو بزرگ ٿي گذريو آهي، شاهه اسماعيل صوفي ۽ علامه محمد معين ٺٽوي جو گهرو دوست هو، موسيقي جو ماهر هو، فارسي زبان جو سٺو شاعر هو،” مشهوري کان ڀڄندڙ ۽ وڏين ڪرامتن جو مالڪ هو“[13] شاهه سلام الله ٿر ڌڻي کي هن فقير فيض پهچايو هو.[6].

عبدالڪريم ٺٽوي[سنواريو]

هن خليفي شهه شهيد جو روضو مبارڪ جوڙايو، روضي جو ڪم گهڻو ڪري رات جو هلندو هو، اهل بيت پڻ عقيدت مان چولي جون تغاريون ڍوئيندا هئا، اهي سيد ٺٽي ۾ صوفي سيد سڏبا آهن[6][14] .

محمد اسحاق[سنواريو]

هيءُ فقير نصرپور جو ويٺل هو، روحل فقير ڪنڊريءَ وار سندن اولاد مان آهي[6].

محمد صدي ڀيڏن وارو[سنواريو]

هيءُ ذات جو لاکو هو ۽ هالا تعلقي جو ويٺل هو، ميڙي جي شروعات هن خليفي جي رٿ سان ٿي، پوءِ هر سال ميلو لڳندو رهيو، جيڪو اڃا تائين لڳندو اچي[6].

خواجه عبدالله عرف حاميد[سنواريو]

هيءُ اجمير وارن بزرگن مان هو، هن خليفي دهلي جي حڪمران کان پروانو وٺي صوفين جي مارڻ ۽ ( يا الله) چوڻ واريون پابنديون ۽ قهري قانون منسوخ ڪرايا، سنڌ اچي شاهه عزت الله شاهه کي گاديءَ تي ويهاريو[6].

سليمان هندي[سنواريو]

هيءُ خليفو پنج سئو هندي فقيرن سان حضرت صوفي صاحب سان گڏ هند کان سنڌ آيو هو ۽ سليمان هدي سڏبو هو، وڏو بهادر انسان هو، رياضتون ڪري وڏي مقام تي پهتو، 1130ھ ۾ پنهنجي مرشد سان گڏ شهيد ٿيو[6].

اڊن اوراهه وارو[سنواريو]

هيءُ ذات جوڳ سمون هو، وڏيون رياضتون ڪيائين، اڪثر ٻڪريءَ جي تازي کل وٺي بدن تي پائي ڇڏيندو هو، اٺ ڏينهن اها کل چڙهي پئي هوندي هيس[6].

شاهه اسماعيل ٺٽوي[سنواريو]

سندن اصل نالو اسد الله هو، حضرت صاحب جو پيارو خليفو هو، صوفي صاحب کي پنهنجي ڀيڻ جو سنگ ڏنو هئائين، مقلات الشعراءَ ۽ تحفته الڪرام ۾ سندس احوال آيل آهي، مولانا وفائي تذڪره مشاهير سنڌ ۾ لکيو آهي ته ؛ شاهه اسماعيل وقت جو هڪ وڏو بزرگ ڪرامتن ۾ وڏي ڪرامات جو مالڪ هو. شاهه عنايت الله صوفي جهوڪ واري سان دوستي ۽ اخلاص جا گهاٽا تعلقات هوس[6].

ورثو[سنواريو]

شاهه عنايت عالم، فاضل ۽ شاعر هو. سندس فارسي ۽ سنڌي شعر موجود آهن. شاهه عنايت کي سنڌ جي صوفي بزرگن جو سرتاج پڻ چيو ويندو آهي. سائين جي ايم سيد طرفان کيس سورمو قرار ڏيڻ بعد سندس مزار تي هزارين نوجوان پڻ هر سال وڃي کيس سلامي ڏيندا آهن[10]. اڄ جڏهن به شاهه عنايت صوفيءَ جي جنم ڏينهن تي جهوڪ ۾ ميلو لڳندو آهي ته سندس هزارين عقيدتمند سان گڏ سنڌ جا وطن پرست نوجوان يونيورسٽين، ڪاليجن ۽ مختلف شهرن مان گاڏيون ڪاهي اچي جهوڪ ۾ ڳاهٽ ٿيندا آهن. شاهه عنايت صوفي سنڌ سان محبت ۽ وفا جو اهڃاڻ آهي، نوجوان کيس ڀيٽا ڏئي پنهنجي لاءِ اتساهه حاصل ڪندا آهن. شاھ عبداللطيف ڀٽائي شاھ عنايت شھيد جي ياد م ھيٺيون بيت چيو:

اڄ نہ اوطاقن ۾ طالب تنوارين،

آديسي اٿي ويا مڙهيون مون مارين، جيڪي جيء کي جيارين سي لاهوتي لڏي ويا.

سندس ان تحريڪ بابت سنڌ جي ڪيترن ئي ليکڪن پنهنجا ڪتاب لکيا آهن پر انهن مان پروفيسر محمد علي مانجهي جو ’صوفي شاهه عنايت ۽ سندس سلسلي جا شاعر‘، صوفي حضور بخش جو ڪتاب ’شاهه عنايت‘، دانش نواز گهانگهرو جو ’شهيد صوفي شاهه عنايت‘ اهميت جا حامل آهن، جن ڪتابن جي مطالعي مان اسان کي صوفي شاهه عنايت جي فڪر، فلسفي ۽ سندس جدوجهد بابت تفصيل ملن ٿا[12].

عرس[سنواريو]

سندس عرس هر سال ملهايو ويندو آهي.[15][16]

خارجي ڳنڍڻا[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 1.2 [1] (صوفي شاھ عنايت شھيد جھوڪ وارو)
  2. جو کيڙي سو کائي جو فڪر ۽ شاهه عنايت شهيد جي انقلابي جدوجهد, وقت 2015-12-18 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2016-02-15 
  3. 3.00 3.01 3.02 3.03 3.04 3.05 3.06 3.07 3.08 3.09 3.10 3.11 3.12 3.13 3.14 3.15 3.16 3.17 3.18 3.19 3.20 3.21 3.22 3.23 3.24 3.25 3.26 3.27 3.28 3.29 3.30 3.31 3.32 3.33 3.34 3.35 3.36 3.37 3.38 3.39 3.40 3.41 3.42 3.43 3.44 [ https://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%B4%D8%A7%D9%87%D9%87%20%D8%B9%D9%86%D8%A7%D9%8A%D8%AA%20%D8%B4%D9%87%D9%8A%D8%AF%20%D8%AC%D9%87%D9%88%DA%AA%20%D9%88%D8%A7%D8%B1%D9%88] انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا
  4. 4.0 4.1 4.2 4.3 4.4 4.5 4.6 4.7 [ ڪتاب: جنت السنڌ ؛ ليکڪ: رحيمداد خان مولائي شيدائي؛ يڊيشن؛ پهريون 2000، ٻيون 2006ع ڇپائيندڙ؛ سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي]
  5. [2] /صوفي-شاهه-عنايت-شهيد-جي-مزاحمتي-تحريڪ
  6. 6.00 6.01 6.02 6.03 6.04 6.05 6.06 6.07 6.08 6.09 6.10 6.11 6.12 6.13 6.14 6.15 6.16 6.17 6.18 ڪتاب جو نالو ؛ لاڙ جا ماڳ مڪان مصنف؛ محمد سومار شيخ ايڊيشن؛ پهريون 2006ع ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو
  7. انيس المساڪين(قلعي) قاضي غلام مهدي ص -9 ۽ 10، 1340ھ/ 1932 ع
  8. 8.00 8.01 8.02 8.03 8.04 8.05 8.06 8.07 8.08 8.09 8.10 ڪتاب جو نالو ؛ سنڌ جي تاريخ مصنف؛ سنڌيڪار: اعجاز الحق قدوسي خالد وسير ايڊيشن؛ پهريون 2007ع ڇپيندڙ؛ مهراڻ اڪيڊمي
  9. انيس المساڪين(قلعي) قاضي غلام مهدي ص -9 ۽ 10، 1340ھ/ 1932 ع
  10. 10.0 10.1 10.2 10.3 10.4 Daily Kawish - Sindhi News Paper
  11. لغات لطيفي: مرزا قليچ بيگ، ص – 158، تاريخ شعراءِ سنڌ: فقير هدايت علي، ص – 19. مخدوم ابو القاسم لاءِ ڏسو الوحيد ’سنڌ آزاد‘ نمبر – 15، جون، 1936ع.
  12. 12.0 12.1 [ https://sindhsalamat.com/threads/50767/] { سنڌ جو سوشلسٽ باغي صوفي شاهه عنايت- سارنگ جويو}
  13. تذڪره مشاهير سنڌ جلد ٽيون، مولانا وفائي،ص 82 سنڌي ادبي بورڊ سن 1986
  14. انيس المساڪين قاضي غلام مهدي(قلفي) ص 65
  15. http://www.onlineindusnews.com/2015/11/جو-کيڙي-سو-کائي-نظريي-جي-باني-صوفين-ج/
  16. sindhnewsonline - Sindh News Online[مئل ڳنڍڻو]
  • ڪتاب، ”سڌ جا سورما“ ليکڪ: سائين جي ايم سيد
  • ڪتاب، ”قديم سنڌ جا ستارا“ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ