سول نئي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
(سول کان چوريل)
سول نئي

سول نئي (انگريزي ٻولي: Sole Nai) سنڌ پاڪستان جي دادو ضلعي، جوهي تعلقي جي ڪاڇي واري علائقي ۾ وڏي باراني نئي آهي جيڪا کيرٿر ٽاڪرو سلسلي منجهان وهي اچي گاج ندي ڀرسان ڪاڇي ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. سول نئي کي شول نئي به سڏيو وڃي ٿو. 1932ع ۾ گاج نئي کي تِيرُڀت (Diversion Band) ذريعي سول نئي جي وهڪري ڏانهن موڙيو ويو. هاڻ گاج ۽ سول جو گڏيل وهڪرو منڇر ڍنڍ ۾ پوي ٿو ٻنهي نئيُن جي گڏيل وهڪري کي هاڻ مقامي ماڻهو گاج چون ٿا. ڪاڇو هڪ اڀياس ڪتاب ۾ تفصيل سان ذڪر موجود آهي.[1][2]

حوالا[سنواريو]