سنڌي شاگرد سٿ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سنڌي شاگرد سٿ، پاڪستان جي صوبي سنڌ جي گادي جي هنڌ ڪراچي ۾ واقعي سڀ کان وڏي سرڪاري مادرعلمي ڪراچي يونيورسٽي ۾ پڙهندڙ سنڌي شاگردن جي هڪ سماجي ۽ ثقافتي تنظيم آهي۔ جنهن جو بنياد سيپٽمبر 2012ع ۾ پيو۔ سنڌي شاگرد سٿ جو مقصد ڪراچي يونيورسٽي اندر ثقافتي، تعليمي ۽‌ ادبي پروگرام ڪرائڻ آهي۔ هي تنظيم داخلا وقت نون آيل شاگردن جي داخلا جي مرحلي ۾ تمام گهڻي مدد ڪندي آهي۔ ۽ نون شاگردن جي مان ۾ آجياڻو پڻ ڏيندي آهي۔ هن وقت سنڌي شاگرد سٿ جي ٽين چونڊيل ڪابينا جنرل سيڪريٽري عبدالرحمان ڪهيري جي سربراهي ۾‌ پنهنجون ذميواريون نڀائي رهي آهي۔

External links[سنواريو]