سسئي پنهون جو داستان

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
سسئي پنهون داستان جي نقشنگاري


سسئي ۽ پنھون جو داستان (انگريزي: ) سنڌ ۽ بلوچستان جو مشھور روايتي عشقيه لوڪ داستان آهي جنھن جو ذڪر ڪيترن ئي سنڌي شاعرن پنھنجي شاعري ۾ ڪيو آهي ۽ ان جا تفصيل مشھور تحفة الڪرام ۾ بيان ڪيل آهن.مير معصوم شاهه بکر واري اهو قصو ”حسن و ناز“ جي نالي سان پارسي مثنويءَ ۾ لکيو آهي. قاضي مرتضى سورٺي ساڪن ڳوٺ کٽياڻ ساڳيو قصو نرالي طرز جي نظم ۾ تيار ڪري محمد شاهه دهليءَ جي بادشاهه جي دربار ۾ پيش ڪيو هو[1]. اهو پنهنجي ڪتاب ۾ هيءَ ڳالهه ٿو لکي: ”اسماعيل نالي هڪڙو ملتان جو صوفي درويش ملتان کان هنن جبلن ۾ آيو ۽ پڪو ارادو ڪيائين ته جيستائين سسئي ۽ پنهونءَ جو ديدار نه ڪندس، تيستائين نه کائيندس نه پيئندس. اهو ارادو ڪري هنن سچن عاشقن جي تربت جي سيرانديءَ ويهي رهيو، تان جو انهيءَ بک ۽ اُڃ ۾ ٽي ڏينهن گذري ويس. ٽن ڏينهن بعد هڪڙي پيرسن زال ماني ۽ پاڻي کڻي اچي ان درويش وٽ حاضر ٿي ۽ کائڻ پيئڻ لاءِ آڇ ڪيائينس. درويش چيو ته ”مون انجام ڪيو آهي، ته جيستائين سسئي ۽ پنهونءَ جو ديدار نه ڪندس، تيستائين ڪڏهن به نه کائيندس نه پيئندس: ڀل ته مري وڃان“. تنهن تي ان ٻڍڙيءَ زال چيس ته ”سسئي آئون آهيان، باقي پنهونءَ جي ديدار جو آسرو ئي نه ڪر، ڇاڪاڻ جو زماني تي اعتبار ڪونهي. آئون اڳيئي ڀائرن مان سبق سکي چڪي آهيان“. درويش چيس ته ”سسئي جي حسن ۽ جوانيءَ جي هاڪ ملڪن ۾ مشهور آهي، تون ٻڍڙي زال آهين، تنهن ڪري مون کي ڪيئن اعتبار ٿئي، ته ساڳي ئي سسئي آهين. سسئي امالڪ پنهنجي اصلي حسن ۽ جوانيءَ جي حالت ۾ مٽجي پيئي ۽ درويش کي چيائين، ته ”هاڻ ماني کاءُ ۽ پاڻي پيءُ“ درويش چوڻ لڳو ته“ ”جيستائين پنهونءَ جو ديدار نه ڪندس، تيستائين ڪجهه به نه کائيندس“ تنهن تي سسئي قبر ۾ گهڙي ويئي ۽ پنهون چيلهه جيترو ٻاهر ظاهر ٿيو، جنهن کي سسئي ڀاڪرن ۾ مضبوط جهليو بيٺي هئي، انهيءَ انديشي جي ڪري ته متان ساڻس وري به اڳئين وانگر ڪو ترڪٽ نه ٿئي.“[1] ڪيترن ئي ٻين صاف دل درويشن سسئي ۽ پنهونءَ جو ديدار ڪيو آهي، اڄ تائين به جيڪڏهن ڪو ماڻهو هڪ رات انهن سچن عاشقن جي تربت وٽ وڃيو گذاري ٿو، ته ان کي ازغيبي طعام ملي ٿو[1].

ڀنڀور قلعي جو فضائي منظر

سسئي[سنواريو]

لفظ سسئي جي معني آهي چنڊ. راجا دلو راءِ جي زماني ۾ نانيا (نايون) نالي ھڪ ٻانڀڻ پنهنجي گھر واريءَ منڌر (يا سڌو يا ستر [2]) سان گڏ ڀانڀر واھ جي ڀر تي رھندو ھو [3]. جيڪي ٻئي اولاد لاءِ سڪايل ھئا. نيٺ پيريءَ ۾ کين ھڪ سهڻي نياڻي ڄائي جا سونھن ۾ چوڏھينءَ جي چنڊ کي بہ شه ڏيئي ويئي. پر سندس ستاري مان معلوم ٿيو تہ سندس انگ ڪنھن مسلمان سان اڙيل آھي. سو نائونءَ ۽ سندس ناري منڌر پاڻ کي اھڙيءَ بدناميءَ کان بچائڻ لاءِ، ان خوبصورت نياڻيءَ کي وڏي افسوس سان هڪ صندوق (پيتيءَ) ۾ بند ڪري درياءَ ۾ لوڙهي ڇڏيو. اِها صندوق درياھ جي لھرن ۾ لڙھندي، قضا سان اچي ڀنڀور جي ڀرسان ڪناري تي نڪتي. اُن وقت ڀنڀور شھر ۾ محمد نالي ھڪ ڌوٻي رھندو ھو، جنھن کي ”لالا“ جي نالي سان بہ سڏيندا ھئا. محمد ڌوٻي چڱيءَ پونجيءَ (پيسن) وارو ماڻهو ھو ۽ سندس ھٿ ھيٺ پنج سئو ڪاريگر ڪم ڪندا ھئا، پر ويچاري کي اولاد نصيب ۾ ڪونہ ھو. جڏھن ڪاريگرن جي نظر ان پيتيءَ تي پئي، تہ ان کي پاڻيءَ مان ڪڍي پنھنجي استاد وٽ کڻي آيا. جنهن صندوق کي کوليو تہ منجھس ھڪ سدا سھڻي ٻارڙي سُتل هئي، جنهن کي صندوق مان ڪڍي پنھجي گود لاتائين ۽ مٿس سسئي (ششي) نالو رکيائين.[4]

سندس زال سسئيءَ کي گھڻي لاڏ ڪوڏ سان نپائڻ لڳي، گاذر جون اکيون بہ سسئيءَ کي ڏسيو پيون ٺرنديون ھيون، ھن سندس سک ۽ آرام لاءِ ھڪ عاليشان محلات اڏائي ان جي چوڌاري ھڪ وڏو باغ رکايو هو، جنهن ۾ هُوءَ پنھنجي سيليھن سان گڏجي وقت گزاريندي هئي[5]. تاريخ سنڌ جو ليکڪ مولانا نور محمد نظاماڻي لکي ٿو ته:راجا دلوراءِ جي رياست ۾ ڀامبرا واهه نالي ڳوٺ هو، جنهن ۾ نانيو نالي برهمڻ پنهنجيءَ زال نالي منڌر سميت رهندو هو، جن کي اولاد جي تمام گهڻي سڪ هئي. هنن کي ڪنهن الله لوڪ دعا ڪئي، ته اوهان کي چنڊ جهڙي ڌيءَ ٿيندي، پر ان جي شاديءَ جو الڳ هڪڙي مسلمان ساڻ لکيل آهي. اها ڳالهه ٻڌي ٻئي زال مڙس ڏاڍي جهوريءَ ۾ پئجي ويا، پر ”لکيو منجهه نراڙ، قلم ڪياڙيءَ نه وهي.“ نانئي کي ڌيءَ ڄائي. اها سندن اکين ڏسندي ڪنهن مسلمان سان پرڻجي، سا ڳالهه ٻنهي زال مڙس کي اگري لڳي. تنهن ڪري دل جو سور دل ۾ رکي پنهنجي پياري سڪيلڌي ڌيءَ کي هڪڙيءَ پيتيءَ ۾ بند ڪري کڻي سنڌو درياءَ جي سرن وڌائون. اها پيتي لڙهندي لڙهندي اچي ڀنڀور بندر کان نڪتي. ڀنڀور شهر ۾ ناهيو[6] يا لعل نالي هڪڙو وڏو مالدار ڌوٻي رهندو هو، جنهن وٽ پنج سؤ ڪمي ۽ سيکڙاٽ ڪم ڪندڙ هئا، مگر اولاد ڪونه هوس. ان جي هڪڙي ڪميءَ کي اها پيتي درياءَ ۾ لڙهندي نظر آئي، جنهن اها ڪڍي آڻي پنهنجي اُستي ناهيئي جي اڳيان رکي. ناهيو جان کڻي پيتي کولي، ته منجهس چنڊ کي شرمائيندڙ جيئري جاڳندي معصوم نياڻي پيئي آهي. هو ڏاڍو خوش ٿيو ۽ ڇوڪريءَ جو نالو ”سسئي“ (چنڊ) رکي پنهنجي ڌيءَ ڪري وڃي نپايائينس[1].

پنھون جي ڀنڀور ۾ آمد[سنواريو]

ان زماني ۾ ڪيچ ۽ مڪران جا واپاري قافلا ڀنڀور جي شھر مان لنگھي، ٺٽي ۽ ٻين شهرن ڏانھن ايندا ويندا ھئا ۽ سسئيءَ جي سونھن جون ھاڪون ٻڌندا وتندا ھئا. نيٺ ڪن وڃي اھا خبر ڪيچ جي حاڪم آريءَ ڄام جي پٽ پنھونءَ کي سڻائي. ٻڌڻ شرط پنھونءَ جي دل ديواني ٿي پئي ۽ ھڪدم واپاريءَ جو ويس ڪري، ھڪ وڏو قافلو سنڀرائي، مشڪ ۽ عنبر جي انبار سان اچي ڀنڀور ۾ وارد ٿيو. کٿوريءَ ۽ خوشبوءِ سان سارو شھر واسجي ويو. سسئيءَ کي جڏھن اھڙي سرھي ساٿ جي اچڻ جي خبر پئي تڏھن عطر سودڻ (خريد ڪرڻ) جي ارادي سان سھيلين سميت پنھونءَ جي منزل تي وئي. سسئيءَ جي صورت ڏسي، پنھونءَ جو ھينئڙو ھيڪاري ھٿن مان ڇنائي ويو. ھوڏانھن وري سسئيءَ کي بہ پنھونءَ جي پيشاني پسڻ شرط پريت جو پيچ پئجي ويو[5].

سسئي پنهون جي شادي[سنواريو]

نيٺ سسئيءَ پنھنجي اندر جو آواز ھڪ سکيءَ (سهيليءَ) سان اوري کيس منٿ ڪئي تہ ”ڪا تجويز ويڙاھي ابي کي ريھي ريبي، منھنجون پنھونءَ سان سڱ ڪراءِ.“ سھيليءَ وڃي ڌوٻيءَ سان ڳالھ ڪئي ۽ پنھونءَ جي شرافت ۽ دولتمنديءَ جي ساراھ ڪئي. پر ڌوٻيءَ انڪار ڪيو ۽ چيائين تہ ”ھڪڙو تہ پنھون پرديسي آھي ۽ ٻيو تہ اسان جي ذات جو بہ نہ آھي“. پر سکيءَ کيس پڪ ڏني تہ پنھون پڻ ذات جو گاذر آھي ۽ چيائينس تہ ”جيڪڏھن ويساھ نٿو اچيئي تہ کيس آزمائي ڏس“. کٽيءَ اھا ڳالھ قبول ڪئي. پوءِ پنھونءَ کي گھرائي آزمائش وٺڻ لاءِ ھن کي چيائين تہ ”ھڪ کيپ ڌوئي اچ“. پنھونءَ جا نازڪ ھٿ ڦرھي تي ڪپڙن سٽيندي لڦون ٿي پيا. نيٺ ڪپڙن کي ڌوئي اچي کٽيءَ جي گھر نڪتو. اهڙيءَ ريت ڌوٻي کي تسلي ٿي جنھن کيس سسئيءَ جو سڱ ڏيڻ قبوليو. آخر وڏي ڌُوم ڌام سان ٻنھي جي شادي ملھائي وئي. شاديءَ کان پوءِ پنھون بہ وطن وڃڻ جو خيال لاھي، ڌوٻڪو ڌنڌو اختيار ڪيو[5].جيئن سسئي وڏي ٿيندي ويئي. تيئن سندس سونهن چنڊ وانگر روزبروز ويئي وڌيڪ تجلا ڪڍندي ۽ سندس حسن جي هاڪ ويئي ملڪن ۾ پکڙندي. انهن ڏينهن ۾ ڪيچ ۽ مڪران کان واپاري قافلا ڀنڀور ۾ ايندا ويندا هئا. ڪيچ جي والي آري ڄام جو نوجوان پٽ پنهون پنهنجي ڳوٺ جي سوداگرن کان سسئيءَ جي سونهن جي هاڪ ٻڌي، سوداگر جي ويس ۾ ڀنڀور کان اچي نڪتو. قدرت جو نياءُ ائين ئي بڻجڻو هو. هيڏانهن سسئيءَ کي ڏسڻ شرط پنهون دل ڦرائي ويهي رهيو، ته هوڏانهن سڪ جي سينڱ سسئي جي اندر ۾ گهاءُ ڪري وڌو. آخر ٻنهي کي وصال جي واٽ هي نظر آئي جو پنهون ناهئي ڌوٻي وٽ نوڪر ٿي بيٺو ۽ ٻين نوڪرن سان گڏ ڪپڙا ڌوئڻ لڳو. ڇا لڳي ڪيچ جوڳ شهزادو، ته ڇا لڳي ڦرهو سٽڻ! پر، ”عشق آهي نانگ، خبر کاڌن کان پڇو.“ سهجان نالي هڪڙي سوناريءَ جي مرضي ٿي ته پنهونءَ جي دل سسئي کان هٽائي پڇاڻ ڏي مائل ڪري سا هڪڙي پاسي سسئيءَ جي برخلاف پنهونءَ جي دل تي ڪٽر وجهڻ لڳي، ته ٻئي پاسي سسئيءَ جي دل ڀڃڻ لاءِ دلبا ڪرڻ لڳي. پر سسئي پنهنجي اندر جي سچائيءَ ڪري انهيءَ آزمائش جي باهه مان سون وانگر چمڪي نروار ٿي. آخر پنهون ۽ سسئيءَ جي شادي ٿي وئي[1].

پنھون جي ڪيچ مڪران واپسي[سنواريو]

پنھونءَ جو ڀاءُ چنرو، جيڪو ڪيچ کان ساڻس گڏ آيو ھو، سو سندس انھيءَ روش تي گھڻو ئي ڪاوڙيو پر جڏھن ڏٺائين تہ ڪو چار ڪونھي تڏھن ساري ڳالھ وڃي آري ڄام جي اڳيان پيش ڪيائين. آري ڄام جو پنو ئي لھي ويو ۽ پنهنجي دادلي پٽ جي فراق ۾ بي حال ٿي پيو۽ ھڪ قاصد جي ھٿان پنھونءَ کي چوائي مڪائين تہ ”جيڪڏھن ھڪدم اچي حاضر نہ ٿيندين تہ منھنجو جيئڻ محال آھي“. جڏھن قاصد ڀنڀور ۾ پھچي پنهونءَ کي آري ڄام جو پيغام پهچايو، پر پنھون پوئتي ھلڻ کان پڙ ڪڍي بيٺو. نيٺ قاصد نا اميد ٿي موٽي وڃي آري ڄام کي سمورو احوال ٻڌايو. تنهن کان پوءِ آري ڄام پنهنجي پٽ کي ساريندي اھڙو تہ ڪمزور ۽ ضعيف ٿي ويو جو سندس ساھ ڇٽي وڃڻ جو امڪان ھو. پيءُ کي اھڙي جوکائتي حال ۾ ڏسي سندس ٽن پٽن چنري، ھوتيءَ ۽ نوتيءَ کيس آٿت ڏيئي چيو تہ ”بابا سائين! اوهان پريشان نہ اسان ڪو حيلو وسيلو ڪري پنھونءَ کي ساڻ وٺي اچي ٿا توھان وٽ رسايون.“ پوءِ ٽيئي خان اٺن تي سوار ٿي سگھوئي اچي ڀنڀور پھتا. سسئيءَ ۽ پنھونءَ کين گھڻو آڌر ڀاءُ ڏنو ۽ پاڻ وٽ مھمان ڪري سندن گھڻي خاطرداري ڪيائون. وچ جي خبر نہ رھين تہ ڪا ھنن جي من ۾ مدي آھي. ڪيترا ڏينھن سندن اچڻ جي خوشيءَ ۾ جلسا ۽ جشن ڪيائون. ھڪ رات جو ڳچ ويرم (گهڻي دير) تائين مجلس ۾ مشغول رھيا. سسئيءَ ويچاريءَ کي پنھونءَ جي اوسيئڙي ۾ پلنگ تي جاڳندي جاڳندي ننڊ کڻي وئي. ھوڏانھن وري ڀائرن پنھونءَ کي غافل ڏسي کيس شراب جا پٽ پياريندا رهيا، تان جو نشي ۾ اھڙو الوٽ ٿي ويو جو پنھنجي وجود جو ڪو سماءُ نہ رھيس. آڌيءَ رات کان پوءِ سندس ڀائر اٺ گنگائي کيس بي خبريءَ جي حالت ۾ کڻي ساڻيھ (پنهنجي مُلڪ) ڏانھن سٽيندا ويا [5].پنهونءَ جو پيءُ پنهنجي پياري پٽ جون خبرون ٻڌي ڏاڍو ڏکارو ٿيو ۽ پنهنجن ٻين ٻن پٽن کي چيائين ته ”ڀنڀور ۾ وڃو ۽ ڪنهن به تجويز سان پنهونءَ کي وٺي اچو“ پنهونءَ جا ڀائر ڀنڀور ۾ آيا ۽ سسئيءَ جا مهمان ٿي اچي رهيا. هڪڙيءَ رات پنهونءَ کي ننڊ جي حالت ۾ اٺ تي ٻڌي کڻي اٿي هليا[1].

سسئي جي ڪيچ مڪران روانگي[سنواريو]

پوئينءَ رات جو جان (جڏهن) سسئيءَ جي اک کلي تہ ڏٺائين پنھون پلنگ تي آهي ئي ڪونہ. سو حيرت ۾ پئجي ھيڏان ھوڏانھن نهاريائين تہ اوطاقون ۽ اوتارا سڀ سڃا ٿيا پيا آھن. معلوم ڪيائين تہ ڏير کيس ويساھي پنھونءَ کي زوريءَ ڀڄائي وٺي ويا آھن، پوءِ وٺي گھوڙا گھوڙا ڪيائين جنھن تي ھن جا مائٽ ۽ پاڙيسري اچي مِڙيا. پر ھن ڪنھن جي ڪين مَڃي ۽ ويس وڳا ڦٽا ڪري، ڪلھي ڦاٽل ڪنجرو وجھي، اڪيلي اٺن جا پير کڻندي، پنھونءَ جي پٺيان ڪاھيندي ويئي. چاليھن ڪوھن جي پنڌ بعد اچي پٻ جبل جي ويجھو پھتي تہ اڃ ۽ ٿڪ سبب ماندي ٿي ڪري پيئي ۽ ڇڙھيون ھڻڻ لڳي. قدرت خدا جي جو انھيءَ ھنڌان ھڪ صاف پاڻيءَ جو چشمو [7] ڀڙڪو ڏيئي ڦٽي نڪتو. تحفة الڪرام وارو چوي ٿو تہ ”مون معتبر ماڻھن کان ٻڌو آھي تہ اھو چشمو اڃا تائين جاري آھي ۽ ڪڏھن بہ سڪي نٿو. ساڳيو تحفة الڪرام جو راوي هڪ ٻي روايت ڪندي لکي ٿو ت تحفة الڪرام سسئيءَ وٽ مينديءَ جي وڻ جي هڪ ٽاري هئي جيڪا دستور موجب پرڻي رات ھٿ ۾ ڪري ستي ھئي، اُها اِن سفر ۾ ساڻس ھمراھ ھئي جنهن کي هن انھيءَ چشمي جي ڀر تي زمين ۾ ٽنبيو هو، جنهن مان ھڪ سرسبز مينديءَ جو وڻ اڀري پيو هو. جيڪو اڃا تائين سندس نشانيءَ طور موجود آھي.

بهرحال سسئي اُتي ٿوري ساعت آرام ڪري، وري اڳتي وڃڻ لڳي ۽ پٻ جبل وارو مشھور لڪ ”پٻوڻي ناڪو“ لنگھي اچي ھاڙي جبل جي پاڙ وٽ ڦوڙنديءَ جي ڀر ۾ پھتي. پر اُڃ سبب اڳتي وڃي نہ سگھي. نھايت نااميد ٿي پوئتي ھٽي ۽ ڳچ پنڌ ڪرڻ کان پوءِ اچي ماباڙ نَئي (ندي) جي ويجھو رَسي. ھاڻ واھيري جي ويل اچي ٿي ھئي. پريان پھاڙ [8] تي ھڪ ايل پنھوار جي جھوپڙي ڏسي وڌي وڃي کانئس پنهونءَ بابت پڇيائين [5].چاليهن ڪوهن ڪرڻ ۽ جبل جاهڳڻ بعد پير ڇلجي پيس. اڃ اهڙو هلاڪ ڪيس، جو ماندي ٿي ڪري پيئي ۽ کڙيون زمين تي گهرڙڻ لڳي، جيئن ڪو ڪٺل جانور گهرڙيندو آهي. مالڪ جي مهر سان اتي پاڻيءَ جو چشمو پيدا ٿي پيو، جنهن مان پاڻي پي سسئي تازي تواني ٿي ۽ وري پنڌ ڪرڻ لڳي. ماڻهو ڳالهه ٿا ڪن، ته اهو چشمو اڃا تائين پاڻيءَ سان ڀريو پيو آهي ۽ سارو سال برسات نه پوي، ته به چشمو اهڙو ئي ڀرپور ٿو رهي. ڳالهه ٿا ڪن، ته ڀنڀور ۾ نئين ڪنوار هئڻ ڪري ان وقت جي رسم موجب سسئي مينديءَ جي ٽاري هٿ ۾ ڪريو ستي پيئي هئي. سا ٽاري به هٿ ۾ ئي ڪري پنهونءَ جي ڳولا ۾ نڪتي هئي. سسئي جبل ۾ پيدا ٿيل چشمي جي ڪپ تي اها ٽاري کوڙي ڇڏي هئي. سا وڻ ٿي پيئي ۽ اڄ تائين اهو مينديءَ جو وڻ بيٺل آهي[1].

سسئي جو موت[سنواريو]

سسئيءَ جي سھڻيءَ صورت ڏسي ايل پنھوار جي دل ھرکي وئي ۽ ڏانھنس بڇڙي نظر ڪرڻ لڳو. سسئيءَ پاڻ کي جوکي ۾ ڏسي پنھونءَ جي سار ۾ زار و قطار روئڻ لڳي، سندس سوز وارين صدائن ڏونگر بہ ڏاري وڌو پر ھن ڪٺور تي ڪوبہ اثر نہ ٿيو. نيٺ خدا کان سواءِ ٻيو ڪوبہ چارو نہ ڏسي، ايل پنھوار کي پاڻ وٽان ٽارڻ جي بھاني سان آزي ڪري چيائينس تہ ”آءٌ ٿڪل ٽٽل ۽ اڃايل آھيان، ڀلائي ڪري پھريائين ڪو کير چڪو پيارينم.“ ايل پنھوار خوش ٿي ڌڻ ڏانھن ڊوڙيو تہ سسئيءَ ٻئي ھٿ کڻي رب تعاليٰ کي سوال ڪندي چيو تہ:اي ستار! مون بي وسيليءَ جو وسليو ٿيءُ. ھن اڃا دعا مس پوري ڪئي تہ پھاڙ ڦاٽي پيو ۽ هوءَ ان اندر گھڙي پيئي. تنهن کانپوءِ جبل ٻيهر ڳنڍجي هڪ ٿي ويو. پر سسئيءَ جي چُنيءَ (پوتيءَ) جو پاند ٻاھر رھجي ويو. ايل پنھوار جڏھن کير ڏھي پوئتي موٽيو تڏھن ھي رنگ ڏسي تپرس (تعجب) ۾ پيو ۽ الاھي قدرت جو اھڙو اھڃاڻ پسي توبہ تائب ٿيو. پوءِ انھيءَ ھنڌ ھڪ پٿرن جو ميڙ ڪري قبر جو لوڙھ ٺاھي ڇڏيائين [9][5].چشمي تان اٿي هلڻ بعد ٻيا به ڇهه ست ڪوه جبل جهاڳڻ کان پوءِ سسئيءَ کي وري به اچي اڃ هلاک ڪيو. ايتري ۾ هڪڙو ريڍار اچي مليس، جنهن هن کي کڻي وڃڻ جا خيال ڏيکاريا. سسئي ان کي چيو ته ”آئون ٿڪل ۽ اڃاتل آهيان، مون کي کارائي پياري ڍؤ ڪرائڻ کان سواءِ تون مون ۾ طمع رکين، سا ڪهڙي نه بي انصافي چئبو“. ريڍار اها ڳالهه ٻڌي پنهنجي ڌڻ ڏي ڀڳو ۽ کير ڏهي وٽو ڀري موٽي، ريڍار پٺ ڏني ۽ سسئي پنهنجي سائينءَ کان لڄ ۽ پناهه رکڻ جو سوال ڪيو. خدا تعالى جو هيڻن جو همراهه ۽ بي پناهن لاءِ سچي پناهه آهي، تنهن سسئيءَ جو سوال قبول ڪيو. زمين ڦاٽي پيئي ۽ سسئي اندر گهڙي ويئي. فقط سسئيءَ جي چنيءَ جو پلاند ٻاهر رهجي ويو. ريڍار موٽي اچي، ته ٻيو ڪجهه به نه آهي، فقط چنيءَ جو پلاند زمين کان ٻاهر نڪتل نظر پيو اچي. ريڍار ڏاڍو ڦڪو ٿيو، ۽ آسپاس جا پٿر ميڙي اتي قبر جي نشاني ٺاهي ڇڏيائين[1].

پنھون جو موت[سنواريو]

ٻئي پاسي رستي تي جڏھن پنھون نشي جي خمار مان سجاڳ ٿيو تڏھن پاڻ کي اٺ تي جڪڙيل ڏسي ڏاڍا جڪ کاڌائين. ڀائرن کي ڀڄي وڃڻ لاءِ گھڻو ئي واجھايائين پر ھنن سان پڄي نہ سگھيو. نيٺ ڀائرن آڻي سندس ٻانھن آري ڄام جي حوالي ڪئي. پر پنھون سسئيءَ جي وڇوڙي ۾ اھڙو تہ ڳرندو ۽ سڙندو ويو جو پڻس کي سندس مرڻ جو خوف ٿي پيو. لاچار کيس رخصت ڏنائين تہ ڀنڀور موٽي سسئيءَ کي بہ ساڻ وٺي اچي. پوءِ ھو سٽيندو ڀنڀور ڏانھن راھي ٿيو. جڏھن سسئيءَ جي قبر وٽان لانگھائو ٿيو تہ سندس روح کي ھڪ ازغيبي اڌمو آيو. اھڙي رڻ پٽ ۾ تازي لوڙھ مان چنيءَ پاند ٻاھر نڪتل ڏسي دل ۾ سنسو پيدا ٿيس تہ نڄاڻا ھيءَ سسئيءَ جي قبر آھي. اتفاقا اُھو ايل پنھوار بہ اتي اچي سھيڙيو جنھن سڄي ماجرا کيس بيان ڪري سڻائي. پنهون اِهو ٻڌندي شرط، اٺ تان لھي پيو ۽ قبر جي ڀر ۾ زار و قطار روئي خدا جي در وينتي (عرض) ڪرڻ لڳو تہ ”اي وڇوڙين کي ملائيندڙ سچا ڌڻي! مونکي پنھنجي محبوب سان ملائي.“ سندس عرض اگھاڻو. وري بہ جبل ڦاٽي پيو ۽ پنھون به وڃي پھميشه لاءِ پھنجي پرينءَ وٽ پهتو. [10]پنهونءَ کي جو ڀائر فريب سان ڪيچ کڻي ويا هئا، تنهن کي اتي نه ستي سک نه ويٺي آرام هو، رات ڏينهن سسئيءَ جي ساروڻيءَ ۾ ان لاءِ واويلا ۽ ماتم ۾ هو. آريءَ ڄام کي پٽ جي اهڙي حال ڏسڻ سان اُن جي مرڻ جو انديشو نظر آيو، تنهن ڪري پٽن کي چيائين ته ”هن کي ڀنڀور وٺي وڃو ۽ ڪنهن به طرح سسئيءَ کي به ساڻس گڏي وٺي اچو.“ پنهونءَ کي سندس ڀائر اُٺ تي چاڙهيو وٺيو پئي آيا، ته واٽ تي جبلن ۾ نئين تربت ڏسي پنهونءَ جي اندر ۾ قدرتي تانگهه پيدا ٿي پيئي ۽ بيهي قبر کي جاچي ڏسڻ لڳو. ايتري ۾ ساڳيو ريڍار اتي اچي سهڙيو. جنهن سارو قصو ذري پرزي بيان ڪري ٻڌايس. تنهن تي پنهون اُٺ تان لهي پيو ۽ ڀائرن کي چيائين، ته ”توهين ٿورو ترسو ته آئون قبر جي زيارت ڪري اچان.“ پنهونءَ قبر تي پاڻ کي اچي اڇليو، ۽ سچيءَ سڪ سان پنهنجي مطلب سان وصال حاصل ڪرڻ بابت حق جي درگاهه ۾ ٻاڏائڻ لڳو. نااميدن کي اميدن بخشڻ واري ڪريم ڪارساز جي قدرت سان ساڳي زمين ڦاٽي پيئي ۽ هي ٻئي طالب مطلوب ائين وڃي مليا، جيئن بادامي جا ٻه گورا هڪ کل ۾[1].

سسئي ۽ شاھ لطيف جي شاعري[سنواريو]

سسئي شاهه لطيف جي سورمي، سسئي پنهون قصي جي مرڪزي ڪردار، جنهن کي شاهه لطيف تڪليفن ۾ جدوجهد جي تمثيلي معنيٰ ۾ استعمال ڪيو آهي. سسيءَ جو اصل شهر ڀنڀور هو. پنهون جي تلاش ۾ ڪيچ مڪران جو رخ ڪيو ۽ رستي ۾ دم ڏنائين. شاهه سائين سسئيءَ تي سڄا سارا پنج سر چيا آهن: ”سسئي آبري“، ”معذوري“، ”ديسي“، ”ڪوهياري“ ۽ ”حسيني“. سڀني سرن ۾ سسئيءَ جي ڏاکڙن ۽ ولايت جو احوال آهي. سر سسئي لاءِ پروفيسر ڪلياڻ آڏواڻي لکيو آهي ته ”شاهه صاحب هن سر ۾ سچي سڪ جو وستار ڪيو آهي. نينهن جي تک، مهراڻ جي تک کان وڌيڪ جبري آهي. سچو طالب هميشه عشق جي عميق ۾ ٻڏل آهي. انهيءَ ڪري هن لاءِ ظاهري مهراڻ سڪي پٽي ٿيو پوي.“[11]

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 1.2 1.3 1.4 1.5 1.6 1.7 1.8 ڪتاب جو نالو ؛ تاريخ سنڌ (پنج ڀاڱا گڏ) مصنف؛ مولوي نور محمد نظاماڻي, عبدالغني عبدالله, محمد صديق ”مسافر“ ايڊيشن؛ پهريون 2006ع ڇپيندڙ؛ مهراڻ اڪيڊمي ڪاپي رائيٽ مهراڻ اڪيڊمي-
  2. {تحفة الاڪرام ۾ نايي ٻانڀڻ جي زال جو نالو سڌو لکيل آهي، ڪِن سنڌي سگهڙن ان جو نالو سِتر ڄاڻايو آهي}
  3. {ـ ڊاڪٽرهوتڇند مولچند گربخشاڻيءَ پنهنجي ڪتاب روح رهاڻ ۾ ڀانڀر واھ لکيو آهي ۽ تحفة الاڪرام جي فارسي نسخي ۾ ان جو نالو بانبره (يعني ٻانڀڻياه / منصورہ) ٻڌايو ويو آهي.}
  4. {ـ سسئي اصل ۾ سنسڪرت لفظ ششي آهي جنهنجي سنڌي معنيٰ آهي چنڊ .}
  5. 5.0 5.1 5.2 5.3 5.4 5.5 - سهيڙيندڙ: لياقت بن محب علي شاھ بخاري درساڻو ڇنو، گڏاپ ٽائون، ملير، ڪراچي (ڊاڪٽر هوتڇند مولچند گربخشاڻيءَ جي ڪتاب روح رهاڻ ۽ تحفة الاڪرام تان مدد ورتل)
  6. درهم – ٽي آر ۽ اٺ پايون (44 پايون).
  7. {اھو چشمو اڄ ڏينھن تائين قائم آھي. لس ٻيلي ۾ پٻوڻي ناڪي يا لڪ جي ڀر ۾ آھي ۽ ’سسئيءَ وارو چودو‘ ڪري چوندا اٿس.}
  8. {اھو پھاڙ ماباڙ نيءِ جي پيٽ ۾ آھي. جڏھن لٺ يا لڪڻ سان ٺوڪبو اٿس، تڏھن منجھانئس اھڙو آواز نڪرندو آھي جھڙو ڪنھن ڪنجھي جي برتن وڄائڻ مان. چوندا آھن تہ اھو آواز سسئيءَ جي درد وارين دانھن جو پڙاڏو آھي. انھيءَ پھاڙ کي ’سسئيءَ وارو وٽو‘ سڏيندا آھن.}
  9. {اھو چشمو اڄ ڏينھن تائين قائم آھي. لس ٻيلي ۾ پٻوڻي ناڪي يا لڪ جي ڀر ۾ آھي ۽ ’سسئيءَ وارو چودو‘ ڪري چوندا اٿس.}
  10. {سهيڙيندڙ: لياقت بن محب علي شاھ بخاري درساڻو ڇنو، گڏاپ ٽائون، ملير، ڪراچي (ڊاڪٽر هوتڇند مولچند گربخشاڻيءَ جي ڪتاب روح رهاڻ ۽ تحفة الاڪرام تان مدد ورتل)}
  11. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي