سجاد علي شاهه

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

پاڪستان جي تاريخ ۾ چيف جسٽس جي عهدي تي پهچندڙ پهريون سنڌي سيد سجاد علي شاهه هڪ قانون دان جي گهر ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم سنڌ مدرسته الاسلام ڪراچي مان حاصل ڪئي. کيس ڊاڪٽر ٿين جو شوق هو پر محمد علي جيڻا کان متاثر ٿي قانون جي تعليم ورتائين (ڪو حوالو؟؟؟؟).

1993ع ۾ نواز شريف جي حڪومت واري بحالي واري فيصلي م هن اختلاف ڪندي اهڙي فيصلي کي تڪراري بڻائي ڇڏيو.

1997 ع ۾ نواز شريف سرڪار پاران شروع ڪيل عدالتي حڪمن ۽ اصولن جي انحرافي تي هڪ بي باڪ ۽ بي خوف جج جي حيثيت سان هن انتظاميه کي للڪاريو. ان عدالتي ۽ انتظاميه جي ٽڪراء سبب هڪ حڪم هيٺ 2 ڊسمبر 1997ع تي عهدي تان هٽايو ويو.

شاهه صاحب هن وقت پنهنجي ڪراچيءَ واري رهائشگاهه تي پنهنجي عدالتي زندگيءَ تي هڪ مفصل ڪتاب لکڻ ۾ مصروف آهي.