ديھ پنو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ديھ پنو
Deh Pano
فائل:پنو.jpg
ديھ پنو جو نقشو
ضلعو مٽياري
تعلقو مٽياري
صوبو سنڌ
پوليس ٿاڻا شاھپور ٿاڻو
تپو سلطان پور
سروي نمبر 1 کان 572 تائين
مشهور ڳوٺ ڳوٺ حسين ڀنڀرو ، ڳوٺ صادق ميمڻ
صوبائي تڪ PS-59
قومي تڪ NA-223
آبادي 3575[1]
قيام 1883ع کان اڳ
لاڳاپيل ديهون ديھ ستر، ديھ ڀورڪو، ديھ گڻنگ ، ديھ آرائين ، ديھ بائوديرو ، ديھ جاکري

ديھ پنو: پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ضلعي مٽياري جي تعلقي مٽياري جي ھڪ ديھ جو نالو آھي جنھن ۾ ڳوٺ حسين ڀنڀرو ۽ ڳوٺ صادق ميمڻ، ڳوٺ روشن علي شاھ، واقع آھن.ھن ديھ جي اڪثر زرعي زمين زرخيز آهي. ھن ديھ جون حدون ديھ گڻنگ، ديھ بائوديرو، ديھ ڀورڪو، ديھ جاکري جاگير، ديھ ستر، ديھ آرائين سان ملن ٿيون[2].ھي ديھ شاھپور ٿاڻي جي حدن ۾ اچي ٿي. ھن ديھ وارو قومي اسيمبلي جو تڪ 223 ۽ صوبائي اسيمبلي جو تڪ 59 آهي.ھن ديھ جي جاگرافيائي بيهڪ 2949-37 آھي ۽ 1998 جي آدمشماريءَ موجب ھن ديھ جي آبادي 3575 ھئي.[1] ھن ديھ مان حيدرآباد برانچ نالي ھڪ پاڻي جي شاخ ديھ جاکري کان داخل ٿي ديھ ڀورڪو طرف گذري ٿي جنھن جو ھڪ ريگيوليٽر ھن ديھ ۾ واقع آهي.ھن ديھ مان نصير واھ پڻ گذرندڙ ھيو جيڪو ڦٽي ويو.ھن ديھ جا روينيو سروي نمبر 1983 تائين 1 کان 572 تائين ھيا


حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 http://www.nasarpur.com/citysurround.html.  Missing or empty |title= (مدد)
  2. http://map.sindhzameen.gos.pk/.  Missing or empty |title= (مدد)