ديھ جھڪي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ديھ جھڪي
Deh Jaheki

ديھ جهڪي جو نقشو
ضلعو مٽياري
تعلقو مٽياري
صوبو سنڌ
پوليس ٿاڻا شاھپور ٿاڻو
تپو شاھپور
سروي نمبر 1 کان 635
مشهور ڳوٺ الهڏنو ساند
صوبائي تڪ PS-59
قومي تڪ NA-223
آبادي 5691 (1998)
رجسٽر ووٽر 146492 (2013) [1]
قيام 1934ع
لاڳاپيل ديهون ديھ جاکري جويا، ديھ سومرا، ديھ شاھپور، ديھ تاجپور، ديھ سوھيڪي، ديھ آرائين

ديھ جھڪي (انگريزي ٻولي: Deh Jaheki) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ضلعي مٽياري جي تعلقي مٽياري جي ھڪ ديھ جو نالو آھي جيڪا شاھپور تپي جو حصو آهي. جنھن ۾ ڳوٺ الهڏنو ساند واقع آھن. ھن ديھ جي جاگرافيائي بيھڪ 3597-31 آھي ۽ 1998 ۾ ھن ديھ جي آبادي 5691 ھئي.[2] پراڻن نقشن مطابق ھن ديھ ۾ ڳوٺ واحد ڏنو انڙ، ڳوٺ تاج محمد لغاري، ڳوٺ سيد حاجي لطف علي شاھ ڳوٺ پير نبي بخش، ڳوٺ صالح درس، ڳوٺ حاجي لطف علي شاھ ۽ ڳوٺ ڇٽو انڙ پڻ ھن ديھ ۾ واقع آھن.[3] ھن ديھ جو وڏو حصو زرعي زمينن تي مشتمل آهي.ھن ديھ جون حدون ديھ جاکري جويا، ديھ سومرا، ديھ شاھپور، ۽ ديھ تاجپور، ديھ سوھيڪي، ديھ آرائين سان ملن ٿيون.پراڻن نقشن مطابق ھي ديھ 1934 ۾ قائم ٿي. ھن ديھ ۾ 1 کان 635 تائين روينيو سروي نمبر آھن[3] ھن ديھ مان ريل جو بند روڙھي کان ڪوٽڙي طرف ويندڙ پڻ گزري ٿو ۽ ڳوٺ الھڏنو ساند ڀرسان ھڪ ريلوي اسٽيشن پڻ واقع آهي ھن ديھ ۾ سروي نمبر 384 ۽ 385 جي دنگ کان نصرپور کان ھڪ رستو ھن ديھ ۾ داخل ٿي گزرندڙ ھيو. ھڪ رستو کٽياڻن جي ڳوٺ کان شاھپور طرف ويندڙ بہ ھن ديھ مان گذري ٿو. نصير واھ ڪنھن وقت ھن ديھ مان وھندڙ ھيو جيڪو ڦٽي ويو.[3] ھن ديھ جي جاکري جويا دنگ تي ڄام ڊسٽريبيوٽري وھي ٿي.ھن ديھ ۾ ڪڙيو ڏوماڻي، ڪڙيو الھيار شاھ، ڪڙيو ميوي جو، ڪڙيو نم وارو پڻ اتان جا دنگ آهن[3]

حوالا[سنواريو]

  1. "PS-44 Matiari, Provincial Sindh Assembly Constituency". urdupoint.com. Urdu Point. حاصل ڪيل 3 July 2018. 
  2. http://www.nasarpur.com/citysurround.html.  Missing or empty |title= (مدد)
  3. 3.0 3.1 3.2 3.3 http://map.sindhzameen.gos.pk/.  Missing or empty |title= (مدد)