دارالحڪما

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
لکت تفصيل
نالو دارالحڪما (دارولحڪمت)
بنياد وجھندڙ خليفو مامون رشيد (عباسي خلافت)
تاريخ 830ع
تباھي جو سبب ھلاڪو خان جو

عباسي دور جي خليفي مامون پنهنجي خلافت جي دوران 830 صدي ڌاري بغداد ۾ ٰ،دارالحڪما، قائم ڪرايو هو ۔ جيڪو اسلامي دنيا ۾ تعليم ۽ تربيت جو پهريون اهم ادارو هو ۔ هي اهڙو ادارو هو ، جنهن ۾ ترجمي گاھ ، لئبريري ، ۽ ترجمي گاھ جو پورو پورو بندوبست ٿيل هو ۔ هن اداري کي اڪيڊمي جو درجو حاصل هو، هن اداري ۾ يونيورسٽي سطح تي مختلف موزون سائنسي مضمون پڙهيا ويندا هئا، پڙهائڻ واسطي ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۔ان لائق استاد رکيا ويندا هئا۔

تبصرو[سنواريو]

مامون الرشيد جنهن کي علم جو سرپرست ب چيو وڃي ٿو ، تنهن بغداد ، بصره، ڪوفي ، ۽ بخارا ۾ عاليشان تعليمي ادارا ٺهرايا هئا ۔ مولانا شبلي نعماني مطابق مامون رشيد خراسان ۾ ھڪ وڏو ڪاليج قائم ڪرايو هو ، جتي پڙهائڻ لاء ملڪ مان لائق استاد کي مقرر ڪيو ويو هو۔ خليفي متوڪل پنهنجي سوٽ مامون الرشيد جي نقش قدم تي هلندي مختلف تعليمي ادارا قائم ڪرايا ، خليفي حاڪم 955 صدي ۾ قاهره ۾ بيت الحڪما جهڙو ادارو تعمير ڪرايو ، جنهن کي دربار حڪما جي نالي سان ياد ڪيو وڃي ٿو ۔ هن اداري ۾ ھڪ لئبريري ، ترجمي ۽ تجربا گاھ کان سواء ھڪ ميڊيڪل ڪاليج ب قائم ٿيل هو، هن اداري سان لڳو لڳ هڪ وڏي هاسٽل ب تعمير ڪرائي وئي هئي۔

پڻ ڏسندا[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. تاريخ اسلام
  2. ابن خلدون
  3. تاريخ طبري