جيڪب آباد ضلعو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
(جيڪب آبادضلعو کان چوريل)


جيڪب آباد ضلعو
ضلعو
جيڪب آباد ضلعو ۽ ان جا تعلقا
جيڪب آباد ضلعو ۽ ان جا تعلقا
جيڪب آباد ضلعو is located in Pakistan
جيڪب آباد ضلعو
جيڪب آباد ضلعو
جيڪب آباد ضلعو is located in سنڌ
جيڪب آباد ضلعو
جيڪب آباد ضلعو
پاڪستان ۽ سنڌ ۾ جيڪب آباد جو مقام
جاگرافي بيهڪ: 28°16′N 68°26′E / 28.267°N 68.433°E / 28.267; 68.433مڪانيت: 28°16′N 68°26′E / 28.267°N 68.433°E / 28.267; 68.433
ملڪ پاڪستان
صوبو سنڌ
ڊويزن لاڙڪاڻو ڊويزن
ضلعي صدر مقام جيڪب آباد شھر
پکيڙ
 • ڪل 2,686 ڪ.م2 (1,037 ميل2)
آبادي (2017)[1]
 • ڪل 1,006,297


جيڪب آباد ضلعو پاڪستان جي صوبي سنڌ جو هڪ ضلعو آهي. اِن جو صدر مقام جيڪب آباد شهر آهي. هن ضلعي ۾ ٽي تعلقا شامل آهن.

تاريخ[سنواريو]

1843ع م جڏھن ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي سرڪار سنڌ تي قبضو ڪيو تہ ان وقت خيرپور ميرس الڳ رياست ھئي ۽ باقي سنڌ کي ڪمپني سرڪار ٽن ضلعن م ورھايو جن م ڪراچي، حيدرآباد ۽ شڪارپور شامل ھئا. موجوده لاڙڪاڻو ضلعو ، قمبر شھدادڪوٽ ضلعو، جيڪب آباد ضلعو، ڪشمور ضلعو، سکر ضلعو، دادو ضلعو شڪارپور ضلعي جا حصا ھيا. بعد ۾ 1901ع ۾ شڪارپور ضلعي کي ختم ڪري سکر ضلعو قائم ڪري ان جو حصو بڻايو ويو ۽ پوء جيڪب آباد کي پڻ الڳ ضلعو بڻايو ويو جنھن ۾ موجوده ڪشمور ضلعو ء بلوچستان جو شھر استاد محمد ء ٻيا علائقا پڻ شامل ھيا. استاد محمد بعد ۾ بلوچستان ۾ شامل ڪيو ويو ۽ 13 ڊسمبر 2004 ۾ ڪشمور ۽ ڪنڌڪوٽ تعلقا پڻ ھن ضلعي کان ڌار ڪري الڳ ڪشمور ضلعو قائم ڪيو ويو. جيڪب آباد جو پراڻو نالو خانڳڙھ ھيو. ان جو نالو جيڪب آباد انگريز فوجي آفيسر ڪرنل جان جيڪب جي نالي تي آهي جنھن نئين شھر جو بنياد وجھي ان جي ترقيءَ لاءِ پاڻ پتوڙيو اھڙي طرح ھن شھر انگريزن جي دؤر ۾ ضلعي جو درجو حاصل ڪيو. سنڌ جي سرحد تي ھجڻ ڪري ان کي ڪرنل جيڪب پنھنجو ھيڊ ڪوارٽر بڻائي سنڌ بلوچستان جي سرحدي باغي قبيلن تي ڪنٽرول ڪيو. ڪرنل جيڪب جي قبر پڻ جيڪب آباد شھر ۾ واقع آهي.

جيڪب آباد جا تعلقا[سنواريو]

هي ضلعو ھيٺين ٽن تعلقن تي مشتمل آھي جن مان جيڪب آباد تعلقي جو درجو ھڪ سب ڊويزن وارو آھي.

  1. جيڪب آباد تعلقو
  2. ڳڙهي خيرو تعلقو
  3. ٺل تعلقو .

يونين ڪاؤنسلون[سنواريو]

ھن ضلعي ۾ 44 يونين ڪاؤنسلون واقع آهن. شھرن جون يونين ڪاميٽيون الڳ آھن.

جيڪب آباد ضلعي جون يونين ڪاؤنسلون[2]
# يونين ڪاؤنسل # يونين ڪائونسل # يونين ڪاؤنسل
1 شيرخان 2 الله آباد 3 خداآباد
4 ميران پور 5 جھان پور 6 علڻ پورر
7 شيران پور 8 دوداپور 9 محمدپور
10 دستي 11 احمدپور 12 بقاپور
13 رند واھي 14 جاني ديرو جاگير 15 مولاداد
16 ناورا 17 رمضان پور 18 قادرپور
19 ڳڙھي چند 20 ميھار شاھ 21 بختيارپور
22 ٽوج 23 جونگل 24 جاڙيون
25 شيرواھ 26 دين پور 27 ميرپور
28 جھانگي واھ 29 رانجھاپور 30 بچرو
31 ڦل نئون 32 مبارڪ پور 33 ميرل
34 بلوچ آباد 35 بھادرپور 36 ڪريم بخش
37 ڪوٽ جنگو 38 ڳڙھي حسن سرڪي 39 مصري پور
40 غلامون 41 ملوئي 42 لوگي
43 تاجو کوسو 44 مدد کوسو - -

ديھون[سنواريو]

ھن ضلعي ۾ ڪل 211 ديھون واقع آهن.

جيڪب آباد ضلعي جون ديھون[3]
# ديھ # ديھ # ديھ # ديھ
1 آباد 2 عبدالله ڊکڻ 3 احمدپور 4 عاقل پور
5 علي پور 6 عطائي 7 بچل پور 8 بادل واھ
9 ٻاجھاڻي 10 بقاپور 11 ٻيلو علي پور 12 ٻيلو ڊڪشون
13 ڀليڏنو 14 برج سيليمي 15 ڇڄڙا 16 ڇاواڻي
17 ڏڍ 18 دادپور 19 دستي 20 ڏيٿا
21 دلاور پور 22 فتح پور 23 ڳڙھي مھراب 24 ڳڙھي چند
25 غوثپور 26 ھمڀي 27 جيڪب آباد 28 جاني ديرو
29 خيرواھ 30 کالول آباد 31 ڪوريجا 32 لال لوڊرو
33 مالھو آباد 34 ميھر شاھ 35 مھراب پور 36 ملڪيت سرڪار
37 مولا آباد 38 مندراڻي پور 39 نوارا 40 نوازو
41 اورنگ آباد 42 ڦاتڻ واھ 43 پير پڌرو 44 مولڻ رتو
45 قادرپور 46 قيصر آباد 47 رحيم آباد 48 رمضان پور
49 ريٽي 50 رندواھ 51 شھدادپور 52 شاھپور
53 شيراد آباد 54 سوماڻپور 55 ٿرڙي ڀليڏنو 56 عمراڻيپور
57 وڪڙو 58 وريام آباد 59 واھ علي حيدر 60 وسايو
61 عبدالله مھيسر 62 الله پور 63 الله آباد 64 امير آباد
65 عظمت آباد 66 بھارو کوکر 67 ٻڍو 68 دڙو جيئند
69 ڏاترڏنو مھيسر 70 ڏتل واھ 71 دوداپور 72 ڊٻ مورايو
73 دنياپور 74 ڳڙھي خيرو 75 غوث آباد 76 گوڪلپور
77 گل واھ 78 ھزار واھ 79 جعفرآباد 80 جھانپور
81 جلباڻي 82 جمال آباد 83 جيئند 84 خيرو
85 خانواھ 86 کنڊ 87 خانپور 88 خدا آباد
89 ڪتچ 90 ڪوھاري 91 ڪور ٻيڙو 92 ڪور خيرو ڳچل
93 ڪور رتو 94 ڪوٽاري 95 ڪوٽ علينواز 96 لال اوڍو
97 لال واھ 98 لنڊ 99 مائري 100 ميرانپور
101 مراد علي 102 محمدپور 103 نئون واھ 104 ناظم آباد
105 پير بخش 106 پنھون ڀٽي 107 قيمت آباد 108 رسول آباد
109 صالح 110 سانوڻ لاشاري 111 شاھبازي مھر 112 شھيد
113 شير خان 114 شيران پور 115 سونَي واھ 116 سلطانپور
117 تاجوديرو 118 ٿرڙي 119 زنگي پير 120 واھ مستري
121 عبدالله جکراڻي 122 علي خان 123 اَلَغيار 124 اٺڙي
125 بچرو 126 بھادرپور 127 بختيارپور 128 بلوچ آباد
129 بَمبلَي 130 باڙي 131 ڀنگر 132 ڊاھو
133 ٻِٽِي 134 ٻولاڪي 135 ٻرڙا 136 ڇنڊڻ
137 چنا 138 ڊکڻ 139 دڙو مک 140 دين ڳڙھ
141 ڌڻي بخش 142 دلمراد 143 ڊُول 144 دٻي
145 فتح خان سڀايو 146 گنجي 147 ڳڙھي حسن 148 ڳڙھي رحيم آباد
149 غلامون 150 گھڃيا 151 گرڪاڻو 152 گولا
153 گُجَو 154 ھائڙو 155 ھامبي 156 ھوت واھ
157 حيدرپور 158 جلال پور 159 جاڙيون 160 جھنگي واھ
161 جئونگل 162 ڪانراڻي 163 ڪريم آباد 164 ڪريم بخش
165 ڪٽا 166 کٽڻ 167 کوسا 168 خدابخش
169 ڪوراڙ 170 ڪوٽ گل محمد 171 ڪوٽ جنگو 172 لاڏو
173 لوگي 174 لوء 175 مدد کوسو 176 مالوئي
177 مھر علي 178 مھراب پور 179 ميرل نئون 180 ميرل پراڻو
181 ميرپور 182 مرسيپور 183 مٺو ٿرڙي 184 موسا واھ
185 مبارڪ پور 186 محب واھ 187 ناڳڻ 188 نئون واھ
189 اوڍاڻو 190 پڪو 191 پناھ آباد 192 ڦل
193 پراڻو واھ 194 قلندر پور 195 رحيم آباد 196 رانجھاپور
197 رپ مراد 198 رتو ٿررڙي 199 سڄڻ واھ 200 سميجا
201 سرڪي 202 شيرواھ 203 شجرا 204 تاجو کوسو
205 طالب شاھ 206 ٽانوري 207 ٿرڙي 208 ٺل نئون
209 ٺل پراڻو 210 توج 211 اڏي

هيءَ پڻ ڏسو[سنواريو]

حوالا[سنواريو]