جيئي سنڌ متحدا محاذ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
جيئي سنڌ متحدا محاذ Jeay Sindh Muttahida Mahaz
مخفف جسمم
Chairman شفيع محمد برفت[1]
باني شفيع محمد برفت
بنياد 26 نومبر 2000؛ 23 سال اَڳُ (2000-11-26)
پابندي 15 March 2013[2][3][4][5]
ڌڙابندي جسقم
صدر مقام سن, سنڌ
اخبار آزادي ترجمو: موکۂ[6]
شاگردن واري شاخ جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن(JSMM)[7]
نظريو سنڌي قومپرستي
Separatism
رنگ      Red
نعرو سنڌوديش مقدر آ, جي ايم سيد رهبر آ
پارٽي جو جھنڊو
ويب سائيٽ
www.jsmmsindh.com


جيئي سنڌ متحدا محاذ (انگريزي ٻولي: Jeay Sindh Muttahida Mahaz) جيڪا جسمم نالي سان پڻ سڃاتي وڃي وڃي ٿي، پاڪستان جي اندر علحدگي پسند تنظيم آهي، جيڪا پاڪستان کان سنڌوديش جي آزاديءَ لاءِ جاکوڙي رهي آهي. جسمم جو بنياد 2000ع ۾ شفيع محمد برفت، مظفر ڀٽو، شبير ملاح، حفيظ سنڌي ۽ ٻين جيئي سنڌ جي سرگرم ڪارڪنن وڌو ۽ موجوده وقت ۾ شفيع محمد برفت هن تنظيم کي هلائي رهيو آهي. برفت 25 سالن کان روپوش آهي ۽ ٻڌايو پوي وڃي ته هو ڪابل ۾ ويٺل آهي ۽ اتان ئي تنظيم کي هلائي رهيو آهي. [8] پهرين اپريل 2013ع تي پاڪستان جي گھرو وزارت جسمم کي دهشتگرد تنظيم ڄاڻائي مٿس پابندي مڙهڻ جو اعلان ڪيو. [9]

تاريخ[سنواريو]

پاڪستان ۾ سنڌ جو نقشو، قوم پرست بشمول جسمم ان خطي جي آزادي جو مطالبو ڪري رهيا آهن

جسمم جو بنياد 26 نومبر 2002ع تي پيو. اهڙو فيصلو جيئي سنڌ ورڪز ڪانفرس ۾ ڪيو ويو، جيڪا شفيع محمد برفت، سميع الله ڪلهوڙو، حفيظ سنڌي، شبير ملاح ۽ ٻين قوم پرست اڳواڻن سڏائي هئي. اجلاس ۾ مقررن الزام هنيو ته جيئي سنڌ قومي محاذ (جسمم) طرفان آزادي لاءِ ورتل ڪوششون سنجدگي تي مبني ناهن. ۽ ڪانفرس ۾ اهو ٺهرا پاس ڪيو ويو ته جسمم جو جهنڊو، نظريو، نعرا ۽ قومي ترانو ساڳيا ئي جيئي سنڌ هلچل وارا هوندا. ڪانفرنس ۾ پارٽي جي آئين جي تشڪل لاءِ ٽي رڪني ڪاميٽي مقرر ڪئي وئي، جڏهن شفيع محمد برفت جي اڳواڻي ۾ ست رڪي باڊي پڻ مقرر ڪئي وئي. [10]

تنظيمي معلومات[سنواريو]

شفيع محمد برفت، جنهن جي مٿان الزام آهي ته اهو افغانستان جي ڪابل مان تنظيم هلائي رهيو آهي.

نظريو ۽ پاليسيون[سنواريو]

جسمم سنڌي قوم پرست جي ايم سيد کي پنهنجو نظرياتي رهبر رهبر سمجهي ٿي. تنظيم پاڪستان جي اليڪشن ۽ پارليامنٽ جي ذريعي آزادي وري رستي کي مڪمل طور رد ڪري ٿي. جسمم هٿياربند جدوجهد جي وڪالت ڪندي رهي آهي ۽ ان کي پڻ آزادي لاءِ درست عمل سمجهي ٿي. ان سميت جسمم رياست مخالف جدوجهد جي هر طريقي جي حامي آهي. جسمم هٿياربند جماعت سنڌوديش لبريشن آرمي جي جدوجهد جي پڻ حامي آهي. [11]

تنظيمي دانچو[سنواريو]

تنظيم جو فيصلا ڪن ۽ مٿانهون ادارو يا فرد چيئرمين هوندو آهي. جيئي سنڌ متحدا محاذ جي آئين مطابق چيئرمين کي 4 سالن لاءِ چنڊيو ويندو آهي. [12] جسمم جي مرڪزي عهدن ۾ چيئرمين کان پوءِ سينئر وائيس چيئرمين، وائيس چيئرمين، جنرل سيڪريٽري، ڊپٽي جنرل سيڪريٽري، جوائنٽ سيڪريٽري، خزانچي، انفارميشن سيڪريٽري، رابطا سيڪريٽري، ويب پيج سيڪريٽري ۽ نشر و اشاعت سيڪريٽري جا عهدا هوندا آهن. [13] چيئرمين نيشنل ڪانگريس (پارٽي جو مٿانهون ادارو) جي اليڪشن ذريعي مقرر ٿيندو آهي. چونڊيل چيئرمين مرڪزي ڪابينا پاڻ ئي چونڊڻ جو مجاز هجي ٿو. [14]

ذيلي شعبا[سنواريو]

  1. شاگرد جماعت: جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن (جسمم)، جساف (جسمم) جي نالي سان پڻ سڃاتي وڃي ٿي. [15]
  2. ٻارڙن جو شعبو: جئي سنڌ لطيف سنگت
  3. عورتن جو شعبو: جيئي سنڌ ناري تحريڪ
  4. پورهيتن جو شعبو: جيئي سنڌ پورهيت محاذ

تنظيم جو ترجمان رسالو[سنواريو]

تنظيم جو ترجمان رسالو کاهوڙي (English: Wandering Ascetics) آهي. [16]

علائقائي ۽ عالمي مسئلن تي ڪيل جدوجهد[سنواريو]

  • عالمي مسئلا
    • تنظيم پاران شڪارپور جي ويجهو نيٽو جي آئل ٽينڪرن مٿان حملن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي. تنظيم جو موقف آهي ته هو موجود دهشتگردي جي جنگ ۾ عالمي دنيا سان گڏ آهي. [17] جسمم پاران نيٽو ٽينڪرن تي حملن خلاف مظاهرا پڻ ڪيا ويا. [18] سيپٽمبر 9، 2012ع تي تنظيم نائين اليون (ورلڊ ٽريڊ سينٽر وقعو) واقعي ۾ شهيد ٿيلن جي ياد ۾ سڄي سنڌ اندر مظاهرا ڪيا ۽ ان واقعي ۾ شهيد ٿيلن کي خراج پيش ڪيو. [19] هڪ ٽوئيٽ ۾ آمريڪي ڪانگريس مين ڊانا روهيبڪر، تنظيم جي ان عمل جي ساراهه پڻ ڪئي. [20]
  • علاقائي مسئلا
    • قدرتي وسيلن جي ڦرلٽ: مختلف وقتن تي تنظيم پاران قدرتي وسيلن جي ڦرلٽ خلاف سڄي سنڌ اندر احتجاج ڪيا ويا.[21] جسمم جو موقف آهي ته وڏيرن جي خاموشي سبب سنڌ جا قدرتي وسيلا جهڙوڪ، تيل، گيس، ڪوئلي جي ڦرلٽ ٿي رهي آهي، پر هو هر سنڌ دشمن منصوبن خلاف آواز اٿاريندا ۽ پنهنجي اندڙ نسلن جي امانت قدرتي وسيلن جي ڦرلٽ ڪرڻ نه ڏيندا. [22]
    • ڌاري آبادڪاري:جسمم پاران مختلف وقتن تي ٻين صوبن ۽ ملڪن مان سنڌ طرف ماڻهن جي غيرقانوني لڏ پلاڻ خلاف سڄي سنڌ ۾ احتجاج ڪيا ويا. جسمم جو موقف آهي ته 1954 کان پوءِ ايل ڌاريا سنڌ جي وسيلن تي قابض آهن ۽ خطرو آهي ته ڌاري آبادڪاري اچڻ سبب سڌي قوم اقليت ۾ تبديل ٿي ويندي. [23]
    • ڪالاباغ ڊيم ۽ گريٽر ٿل ڪيئنال: جسمم ڪارڪن ڪالاباغ ڊيم ۽ گريٽر ٿل ڪيئنال جا سخت مخالف آهن. [24] جسمم پاڻي کوٽ ۽ پاڻي جي مسئلن جو زميوار پنجاب کي سمجهندي رهي آهي. تنظيم 1991ع جي پاڻي ٺاهه جي خلاف آهي ۽ تنظيم جو مطالبو آهي ته 1945ع جي پاڻي ٺاهه تحت سنڌ کي پاڻي ڏنو وڃي. [25]

موجوده سياسي قيادت[سنواريو]

نالو عهدو
* شفيع محمد برفت * چيئرمين
* لالا اسلم پٺاڻ * سينئر وائيس چيئرمين
* ڊاڪٽر زين ڀٽو * وائيس چيئرمين
* سجاد شر * جوائيٽ سيڪريٽري
* شبير ملاح * ڊپٽي جنرل سيڪريٽري
* ذوالفقار جمالي * خزانچي
* محمد راهمون * اڳواڻ رابطا ڪاميٽي
* حفيظ سنڌي * ميمبر رابطا ڪاميٽي
* آصف جوڻو * ميمبر رابطا ڪاميٽي
* عمران لغاري * ميمبر رابطا ڪاميٽي
* حفيظ پيرزادو * چيئرمين جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن (جسمم)

مهاجر صوبو ء جسمم جي مخالفت[سنواريو]

جڏهن سن 2014 ۾ الطاف حسين مهاجر صوبو بنائڻ جو اعلان ڪيو تڏهن جسمم هن جي کلي مخالفت ڪئي.

رياستي الزام ۽ تنظيم مخالف ڪاروايون[سنواريو]

وڌيڪ ڏسو[سنواريو]


حوالا[سنواريو]

  1. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named Kabul
  2. "61 banned outfits named by Senate, JuD under observation". Dawn (newspaper). 18 December 2015. https://www.dawn.com/news/1227187. 
  3. "Da'ish outlawed despite doubts over its existence". The Express Tribune (newspaper). 21 December 2015. https://tribune.com.pk/story/1013556/inconsistent-policy-daish-outlawed-despite-doubts-over-its-existence. 
  4. "Nothing is worse than aggressive stupidity". Daily Times(newspaper). 21 April 2016. https://dailytimes.com.pk/88307/nothing-is-worse-than-aggressive-stupidity/. 
  5. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named AHRC Banned
  6. "About Publication - JSMM". JSMM Official Website. وقت 14 February 2017 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 13 February 2017.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  7. "Van torched, detainees freed: Police and students clash on SU Jamshoro campus". DAWN.COM. Dawn Media Group. وقت 14 February 2017 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 13 February 2017.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  8. "جسمم جو روپوش چيئرمين ڪابل مان تنظيم هلائي رهيو اهي". دي نيوز پاڪستان. 
  9. "جسمم مٿان پابندي خلاف سڄي سنڌ ۾ مظاهرا". ڊيلي عوامي آواز. 
  10. "نئين قوم پرت تنظيم جو قيام". ڊيلي ڊان. 
  11. "ڏسو جسمم جو آئين پيج نمبر 1،2،3.Retrieved 2010".  Check date values in: |access-date= (مدد);
  12. "ڏسو جسمم جو آئين پيج 18 کان 24 تائين.Retrieved 2010".  Check date values in: |access-date= (مدد);
  13. "ڏسو جسمم جو آئين 20 کان 23 پيج تائين.Retrieved 2010".  Check date values in: |access-date= (مدد);
  14. "ڏسو جسمم جو آئين پيج نمبر 3.Retrieved 2010".  Check date values in: |access-date= (مدد);
  15. "سنڌ يونيورسٽي ۾ جهيڙو، گرفتار ٿيل آزاد، وين کي باهه". ڊيلي ڊان. http://dawn.com/2012/11/20/van-torched-detainees-freed-police-and-students-clash-on-su-jamshoro-campus. Retrieved November 20, 2012. 
  16. "تنظيم جو ترجمان رسالو". JSMM's Official Website. حاصل ڪيل July 23, 2012. 
  17. "ڏسو شفيع محمد برفت جو عالمي دنيا کي لکيل خط Community". جسمم جي ويب سائيٽ. حاصل ڪيل October 11, 2010. 
  18. "جسمم پاران نيٽو ٽينڪرن تي حملن خلاف مظاهرا". ڊان. حاصل ڪيل October 3, 2010. 
  19. "ڏسو: نائين اليون واقعي خلاف احتجاج". ڊيلي عوامي آواز. حاصل ڪيل September 12, 2012. 
  20. "ڏسو ڊانا روهيبڪر جو ٽويئٽ". حاصل ڪيل September 11, 2012. 
  21. "ڏسو: جسمم جو مظاهرو". ڊيلي ڊان. حاصل ڪيل 2012-12-27. 
  22. "آئل، گيس، ڪوئلو ۽ ٻيا وسيلا اسان جي ايندڙ نسلن جي امانت آهن: شفيع برفت". بلاگ، جسمم. حاصل ڪيل December 26, 2012. 
  23. "ڌارين کي سنڌ ڇڏڻ جو چيو ويو". ڊيلي ڊان. حاصل ڪيل February 10, 2009. 
  24. "ڏسو: جسمم پاران پاڻي مسئلن ۽ آرمي آپريشن تي تنقيد". ڊيلي ڊان. حاصل ڪيل 2004-09-20. 
  25. "ڏسو: جسمم پاران پاڻي کوٽ جو سبب پنجاب کي ڄاڻايو ويو". ڊيلي ڊان. حاصل ڪيل April 9, 2001.