تڪرار بابت تحقيق

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

تڪرار بابت تحقيق يا ڪانفلڪٽ ريسرچ (Conflict Research) هڪ علمي اڀياس جو قسم آهي، جنهن مطابق تڪرار هڪ ترتيب ڏنل سرشتو آهي، جيڪو ٻين سڀني موضوعن ۽ ورتائن ۾ به موجود آهي. تنهنڪري اهو ٿيڻ جوڳو آهي ته مُختلف مضمونن، خيالن ۽ تحقيقي طريقن منجهان اخذ ڪيل نتيجن کي هن اڀياس سان سلهاڙي، بين الاقوامي لاڳاپن ۾ اهم پيش رفت ڪري سگهجي. هن اڀياس جا تصور، نظريا ۽ رايا هر سطح تي آزمايا ويا آهن. اهڙي طرح هي اڀياس اصل ۾ مُختلف موضوعن ۽ مضمونن جي ملائڻ جو هڪ نادر نمونو آهي. ”سيڪيورٽي اڀياس“ يا ”امن اڀياس“ جي اُبتڙ هن قسم جو اڀياس ڪنهن به قسم جي تشدد يا جنگ بابت اڳواٽ هاڪاري يا ناڪاري يا فڪري لاڳاپا طئي ڪرڻ کان پرهيز ڪري ٿو. هي اڀياس ڪن موقعن تي Pluralism واري نظريي جي آڌار تي، پاڻ کي روايتي رياستي آشيرواد کان پري ڪري ٿو، تنهنڪري پاڻ کي ”جنگي مطالعي“ واري ميدان کان جُدا ڪري ٿو بيهاري. ان صورت ۾ اهو ”امن جي اڀياس“ واري موضوع سان ويجهو لڳي ٿو. ڇاڪاڻ ته هي اڀياس دُنيا ۾ تڪرارن جي پرامن حل لاءِ عمل جوڳا طريقا تجويز ڪري ٿو.[1]

حوالا[سنواريو]