تازيون فوتگيون
Wikipedia طرفان
- سنڌ راڻي محترمه بينظير ڀُٽو 27هين ڊسمبر 2007ع تي راولپنڊيءَ جي لياقت باغ ۾ گولي لڳڻ ۽ بم ڌماڪي ۾ شهيد ٿي وئي.
- سنڌ جو اڳوڻو وڏو وزير سيد عبدالله شاهه ڪينسر جي بيماريءَ سان طويل ويڙهه بعد اپريل 2007ع تي وفات ڪري ويو.
- مشهور تاريخدان، زرعي ماهر ۽ ڏاهو محمد حسين پنهور المعروف ايم ايڇ پنهور اپريل 2007ع تي لاڏاڻو ڪري ويو. ملڪ جو ناميارو زرعي سائنسدان، انجنيئر، محقق، تاريخدان ۽ آرڪيالاجسٽ ايم ايڇ پنهور گذريل رات لطيف آباد ۾ پنهنجي رهائشگاهه تي 82 سالن جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. هو گذريل ڪافي وقت کان بيمار هو، تازوئي سخت بيماري کانپوءِ سندس طبيعت ۾ ڪجهه بهتري آئي هئي پر رات هن پنهنجو دم ڌڻي حوالي ڪيو. مرحوم جي ميت کي رات دير سان ڪراچي نيو پي ويو، جتي کيس سپرد خاڪ ڪرڻ جا اطلاع آهن، ايم ايڇ پنهور جي ڏکائيندڙ لاڏاڻي تي سنڌ جي علمي ۽ ادبي حلقن ۾ غم جي لهر ڇائنجي وئي آهي، سنڌ جي ناميارن ليکڪن عبدالقادر جوڻيجي، شوڪت شوري، امداد حسيني، تاج جويي، ذوالفقار سيال، اياز گل، ادل سومري، مرتضيٰ شاه ڏاڏاهي، سرفراز راڄڙ ۽ ٻين پنهنجي گهري ڏک جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ايم ايڇ پنهور جي وفات سان سنڌ هڪ وڏي عالم ۽ محقق کان محروم ٿي وئي آهي.
- جهونو سياستدان، سنڌ جو اڳوڻو وڏو وزير ۽ اڳوڻو نگران وزيراعظم غلام مصطفيٰ خان جتوئي اڄ (20-11-2009) 78 سالن جي ڄمار ۾ لنڊن جي ميري لينڊ اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. هو 14 آگسٽ 1931 تي پيدا ٿيو پاڻ 1958 ۾ اولهه پاڪستان جي صوبائي اسيمبلي ۾ ميمبر رهيو. 1952 ۾ ڊسٽرڪٽ بورڊ نوابشاهه جو چيئرمين رهيو. هن 1969 ۾ پيپلز پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪئي پاڻ ذوالفقار علي ڀٽو جو ويجهو ساٿي هو.سندس والد خان بهادر غلام رسول خان جتوئي ممبئي قانونساز اسيمبلي جو ٽي ڀيرا ميمبر رهيو. مرحوم غلام مصطفيٰ خان جتوئي ڪراچي گرامر اسڪول مان تعليم حاصل ڪئي ۽ انگلينڊ بار ايٽ لا پڙهڻ ويو. هو برصغير ۾ ڊسٽرڪٽ بورڊ جو سڀ کان ننڍي ڄمار وارو چيئرمين پڻ هيو. پاڻ 1970 ۾ پيپلز پارٽي جي ٽڪيٽ تي ايم اين اي چونڊيو ۽ کيس ذوالفقار علي ڀٽو سان گڏ ڪابينا ۾ سياسي معاملن، پورٽ اينڊ شپنگ، ڪميونيڪيشنز، قدرتي وسيلا، ريلوي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن جو وزير به رهيو. هو 1973 ۾ سنڌ جو وڏو وزير چونڊيو ويو ۽ 1977 تائين ان منصب تي رهيو. 1977 ۾ هو ٻيهر چونڊيو ويو. مارشل لا دوران هن 1983 ۽ 1985 ۾ ايم آر ڊي جي قيادت ڪئي ۽ بعد ۾ محترمه بينظير ڀٽو سان اختلافن سبب پيپلز پارٽي ڇڏي نديشنل پيپلز پارٽي جو بنياد رکيائين، 1988 ۾ بينظير ڀٽو جي حڪومت جي خاتمي کانپوءِ کيس پاڪستان جو نگران وزيراعظم مقرر ڪيو ويو. هو ٽن مهينن تائين نگران وزيراعظم رهيو. 1988 وارين چونڊن ۾ کيس پيپلز پارٽي جي عام ڪارڪن حاجي رحمت الله بهڻ سندس گهر واري تڪ تان چونڊن ۾ شڪست ڏني ۽ بعد ۾ نواز شريف کيس ڪوٽ ادو مان ايم اين اي چونڊرايو. نواز شريف سان اختلافن سبب هن 1993 ۾ پيپلز پارٽي سان ٺاهه ڪيو ۽ سندس خاندان مرڪز توڙي سنڌ حڪومت ۾ شامل رهيو. 2002 وارين چونڊن ۾ هن جي جماعت اين پي پي نيشنل الائنس جي پليٽ فارم تان چونڊن ۾ حصو ورتو. غلام مصطفيٰ خان جتوئي جا پٽ غلام مرتضيٰ خان جتوئي، مسرور خان جتوئي، عارف مصطفيٰ جتوئي ۽ آصف مصطفيٰ جتوئي پڻ ملڪي سياست ۾ ڊگهي عرصي کان حصو وٺي رهيا آهن