بيدار مڱريو محمد پريل

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

بيدار مڱريو محمد پريل: اديب ، شاعر ، مترجم ۽ عالم دين -استاد- محمد پريل ” بيدار “ مڱريو 8 جنوري 1937ع تي ڳوٺ سنگرار ، تعلقي روهڙي ، ضلعي سکر ۾ ڄائو . سندس تعليم ايم . اي . سنڌي ، ايل . ايل . بي ۽ ايم ايڊ آهي . 1954ع ڌاري تعليم کاتي ۾ پرائمري -استاد- طور ڀرتي ٿيو . 1973ع ۾ H . S . T ۽ پوءِ هاءِ اسڪول سنگرار جي هيڊ ماستر طور رٽائرمينٽ ورتائين . مذهب ڏانهن لاڙي سبب مولوي درس نظامي ( 2005ع ، جامع عربي مفتاح العلوم حيدرآباد ) ، شهادت العالميه ( 2005ع وفاق المدارس پاڪستان ملتان ) ، مفتي في الفقه ( 2006ع جامع عربيه انوار العلوم ڪنڊيارو ، نوشهروفيروز ) ۽ تجويد و قرات القرآن ( 2007ع ، جامع عمر ڪراچي ) جهڙا اهم ڪورس به ڪيل اٿس . في البديهه شاعريءَ ۾ دسترس حاصل اٿس . سندس شاعري ماهوار ” شريعت “ ، ” -بيداري- “ ، ” انوار العلوم “ جي سالنامي ، نعت نمبر ۽ گل ڦل ۾ شايع ٿيل آهي . سندس ترجمو ٿيل ڪتابن ۾ -بهشتي- زيور ، تعليم -اسلام- ، ڪشف المحبوب ، مطالب القرآن ، رشحات الفنون ۽ آخري منزل شامل آهن . ” -اسلام- بابت نومسلم علماءِ ۽ حڪماءِ جا رايا “ جي عنوان سان سندس قسطوار مضمون ” شريعت “ رسالي ۾ ڇپيل آهن . سندس فرزند -انور منصور مڱريو- به سنڌي ٻوليءَ جو سٺو شاعر ۽ محقق آهي .