برياني

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
برياني

برياني گهڻي گوشت ۽ گيھ واري سنڌي پلاءَ جو هڪ قسم، جنهن ۾ اڌو اڌ گوشت ۽ چانور پيل هوندا آهن. گهڻي گيھ، بصر ۽ ٽماٽن ۾ گوشت کي ڀُڃي، مصالحو وجهي رکندا آهن، پوءِ چانور ڌار اوٻاري انهن جي اندر تهن ۾ اهو ڀڳل گوشت رکي دم ڪندا آهن، ان کي برياني چئبو آهي. جيڪڏهن ڀڳل گوشت ۾ پاڻي وجهي چانورن کي ان جي اندر وجهي گڏي رڌبو تہ ان کي پلاءُ چئبو آهي. هن ۾ ڪنهن بہ قسم جي هٿرادو خوشبوءَ پيل نه هوندي آهي. هي کائڻ ۾ نهايت لذيذ ٿئي ٿو، هن کي ”پساءُ“ بہ ڪوٺين.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. برياني انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (جي ويب-سرزمين) جلد پھريون، سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو، حيدرآباد. سال:2012ع