اڳرائي روڪ طاقت

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

اڳرائي روڪ طاقت يا جوابي حملي جي صلاحيت يا ديترنس (Deterrence) فرانسيسي ٻوليءَ جي هن اصطلاح جو مطلب ڪنهن ملڪ جو ايترو طاقتور ٿيڻ آهي، جو اُهو ڪنهن ٻئي ملڪ کي مٿانئس ٿيندڙ امڪاني حملي کي طاقت جي زور تي روڪڻ جي صلاحيت رکندو هجي. آمريڪا ۽ سوويت يونين وچ ۾ ’ ٿڌي لڙائيءَ ‘َ واري دور ۾ ڪنهن به هڪ ڌر کي حاصل روايتي هٿيارن ۾ سرسيءَ جي خوف جو ٽوڙ ڳولڻ لاءِ ائٽمي هٿيار ٺاهي دشمن کي حملي کان روڪڻ جي سگهه کي ”ديٽرنس“ قرار ڏنو ويو. ٻين لفظن ۾ چئجي ته لڙائي ڪرڻ کانسواءِ ڪو به ملڪ پنهنجي امڪاني جوابي حملي جي صلاحيت يا طاقت ان سطح تائين آڻي، جو دشمن سندس فوجي سگهه کان ڊڄندي سندس خلاف اڳرائي ڪرڻ کان پري رهي، ڇاڪاڻ جو دشمن کي جوابي ڪارروائيءَ جو خوف اهڙي اڳرائيءَ کان پري رکندو.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. سنڌي آنلائين ڊڪشنري[مئل ڳنڍڻو] پاران سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد