اڌارام ٿانورداس ميرچنداڻي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو ليکڪ، مترجم ۽ -تعليم- دان اڌارام ٿانورداس 1833ع ڌاري حيدرآباد ۾ ڄائو. شروعاتي -تعليم- حيدرآباد جهڙي علمي ماحول ۾، قابل استادن جي زيرنگرانيءَ ۾ ٿي، جتان کيس سنڌي ادب جي خدمت ڪرڻ جو شوق جاڳيو. اڌارام ايتروئي سٺو مترجم هوندو هو، جيترو خود طبعزاد ليکڪ هوندو هو. هن شاعريءَ ۽ نثر ۾ ڪيترن ئي ڪتابن جا بهترين ترجما ڪيا، جيڪي سنڌي ادب جو بهترين سرمايو آهن. هن ڪامسين ۽ ڪامروپ جي بيتن جو ترجمو ڪيو. سندس لکيل ڪتاب هينئر ناياب آهن. اڌارام 1853ع ۾ بنيادي -تعليم- جي واڌاري ۽ سڌاري لاءِ -انگريز- دور ۾ اوائلي نصابي ڪتابن جي تياريءَ دوران سنڌي پهريون ۽ سنڌي ٻيو ڪتاب به ترتيب ڏنا هئا. سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪيل پهريون ناول ’راسيلاس‘ به هن ديوان نولراءِ شوقيرام سان گڏ تيار ڪيو هو جيڪو 1870ع ۾ ڇپيو هو. سنڌي ٻوليءَ جي هن نامياري ليکڪ 1883ع ۾ وفات ڪئي. سنڌي ادب ۾ سندس نالو اڄ به وڏي عزت ۽ احترام سان ياد ڪيو وڃي ٿو.[1]